بيت

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،​
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،​
ڪي اُٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،​
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين،​
ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قندار،​
ڪي دهلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار،​
ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏٺا بيڪانير بڪار،​
ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنهن ڍٽ مٿي ڍار،​
ڪنهين اَچي عمر ڪوٽ تان وسايا، ولهار،​
سانئَم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،​
دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين۔​
 
Back
Top