اڄ 8 ڊسمبر آهي هر تاريخ هر ڪنهن جي لاءِ نه صحي پر ڪنهن جي لاء اهم يا يادگار هوندي آهي۔ 8 ڊسمبر1989ع منهنجي زندگي جو هڪ يادگار ڏينهن آهي۔ ان ڏينهن منهنجي زندگي ۾ هڪ ماڻهون جو اضافو ٿيو جيڪو منهنجي زندگي آهي مطلب ته منهنجي شادي جو ڏينهن آهي ۔اهو ڏينهن اسان جي خاندان۾ پورن 15 سالن کان پوءِآيو هو ۽ اسان سڀ ڏاڍاخوش هئاسين ۽ اها به حقيقت آهي ته جڏهين خوشي وارا ڏينهن هوندا آهن ته اهي رشتا ياد ايندا آهن جيڪي اڄ اسان جي سامهون نه هوندا آهن پر اسان جي دل ۾ انهن جا ديرا هوندا آهن۔ انهن ڏينهن ۾ اسان سڀ ڏاڍا ڏکارا هواسين ڇو جو اڄ منهنجو بابو اسان جي وچ ۾ نه هو اسان سڀئي رونا هئاسين پر، هڪ ٻئي کان لڪي پر مان سڀني جي دلين ۾ لڪيل ڏک محسوس ڪري رهيو هيس۔ مون کي شادي تي پٽڪو منهنجي ما ما ارباب ٻڌو هو ۽ ساري برادري خوش هئي اسان به خوش هئاسين۔ اهو سارو عرصو خبر ناهي ڪئين گزري ويو اڄ مونکي 4 نياڻيون ۾ 2 پُٽ آهن جيڪي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن منهنجي دعا آهي ته شل سڀ سدا خوش هجن ۔۔۔۔۔آمين
اوهان کي اوهان جي شاديء جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي اوهان، اوهان جي شريڪ حيات ۽ اوهان جي اولاد لاء دعاگو آهيون۔ شال سدا سُکيا هجو۔