• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان به ڪهڙو شاعر آهيان؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن
ڏيڍ سؤ سال جي،
غلامي کي آزاديءَ جا،
مختلف نانءُ ڏئي،
عقيدن، مذهبن ۽،
مصنوعي قومن جا
دوکا ڏئي
غلام بڻايل،
مُرڪن ماريل ماڻهن تي،
مان ڀي ڏمرجان ڏاڍو و.
پر بي خبر هو حقيقت کان،
اڻڄاڻ ۽ موڳا مٽر بڻايل
پر مان ته سڀ ڪجھه سمجھان ٿو،
ڇاتيءَ جي صفحن تي،
غاصبن جي گولين جا،
نشان ئي غزل آهن.
هن دؤر جي پوڄا لاءِ،
پر مان ڀي جياپي جي جنگ ۾،
اهڙا غزل ناهن لکيا،
باقي غزلن تي جي مان شاعر آهيان،
ڀاڙيو گيدي، بيحس ڪانئر آهيان،
پوءِ ته لعنت لکک لک جي ظاهر آهيان.
 
شاعري ته سٺي آهي پر مگسي صاحب اهو ته ٻڌايو ته ڪنهنجي آهي
ٻيو ته ڇا آخري لائين درست آهي۔ اصل ۾ پاڻ ته شاعري صرف پڙهندا آهيون سمجهه ۾ آئي ته واه واه نه خاموش ٿي ويندا آهيون۔
شيئرنگ جي مهرباني
 
ادا واه جو شاعري آهي، منهنجا حال به ادا رشيد جهڙا آهن، سمجهه ۾ آيو ته واهه نه ته چپ به نه چوريون، زبردست شاعري آهي، توهان جي اڳلي شاعري جو انتظار رهندو
 
Back
Top