پ پ جو ٻٽو معيار ۽ مستقبل بابت انومان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2012۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پ پ جو ٻٽو معيار ۽ مستقبل بابت انومان



    1350 اٽيچمينٽ ڏسو


    سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو گراف ڏينهن به ڏينهن هيٺ ٿيندو ٿو وڃي ڪالهه تائين جيڪا سياسي پارٽي عوام جي دلين ۾ هئي جنهن جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل سال لکين ماڻهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي جوش خروش سان پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس ملهايو ويو هو پر پيپلز پارٽي جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هن سال 30 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به ڪو پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس جو ڪو وڏو جلسو ته ٿي نه سگهيو ۽ نه ڪي عوامي ميڙاڪا ڪيا ويا جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس تي نه صرف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو پر سڄي صوبي ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪاروباري مرڪز دوڪان بند ڪيا ويا ۽ سڄي صوبي ۾ ڪٿي به ڦيٿو نه ڦري سگهيو ۽ زندگي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي رهجي ويو جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو يوم تاسيس لکين عوام جي ميڙن بجاءِ ڊرائينگ روم تائين ۽ فقط ڪيڪ ڪاٽي فوٽو ٺهرائڻ تائين ئي محدود ڇو ٿي ويو آهي؟ ڇا هي پيپلز پارٽي به اها ساڳي پيپلز پارٽي آهي جيڪا ڪالهه تائين ته عوام جي دلين ۾ هئي ۽ هاڻي عوام جي هٿن مان نڪري نام نهاد وڏيرن جي ڊرائنگ روم تائين محدود ٿي رهجي وئي آهي، سنڌ جي عوام جو پ پ جي يوم تاسيس تي مڪمل طور تي ڪاروبار بند رکڻ ڇا ٿو ظاهر ڪري ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ گل پوکيا آهن يا ڪنڊا پوکيا آهن ان بابت عوام جي اظهار کي 30 نومبر واري هڙتال مان ڏسي سگهجي ٿو، جيڪڏهن فرض ڪيو وڃي ته پير سائين پاڳاري جي طرفان ڏنل هڙتال جي ڪال ناڪام هئي ته پوءِ سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي يوم تاسيس کي موٽ ڇو نه ڏني! اهي اهڙِا سوال آهن جيڪي پيپلز پارٽي جي مستقبل جي نشاندهي ڪن ٿا ته سڀاڻي پيپلز پارٽي ڪاٿي بيهندي، پيپلزپارٽي جي ڪرندڙ گراف کي ان صورت ۾ بيهاري سگهجي ٿو جڏهن پ پ تڪڙن بنيادن تي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 کي رد ڪري ڇڏي، توڙي جو انهي قدم کڻڻ سان پ پ جي سنڌ مان تڏا ويڙهه ٿيڻ کان بچي ويندي، ايندڙ چونڊن ۾ ڪجهه سيٽون حاصل ڪري سگهندي، جڏهن ته هاڻي سنڌ ۾ صورتحال ان حد تائين ٿي ويئي آهي ته جيڪي ڌريون اينٽي پيپلز پارٽي هونديون هاڻي سنڌ مان اهي ئي ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿيون، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته بينظير ڀٽو واري پيپلز پارٽي ۽ موجوده پ پ ۾ واضح فرق آهي، ڪالهه تائين پ پ سان جيڪي نظرياتي ڪارڪن گڏ هئا اهي يا ته موجوده پ پ اڳواڻن جي روين جي ڪري خود به خود پاسيرا ٿي ويا آهن يا ته هٿ وٺي انهن کي پاسيرو ڪيو ويو آهي، يا انهن جي ڪا به ڳالهه ٻڌي نه ٿي وڃي، ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ ڪارڪن وڏو اثاثو هوندا آهن، پ پ جي تاريخ ۾ ڪارڪن جيترا هن ڀيري مايوس ٿيا آهن ايترا ڪڏهن به نه ٿيا آهن، اها ڳالهه صرف پ پ سان ئي وابسطا نه پر اهو حشر خود متحده قومي موومينٽ جو پڻ آهي، پيپلز پارٽي ۽ متحده گڏيل طور تي سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 جو بنياد وجهي سنڌ ۾ هڪ اڻ کٽندڙ نفرت جو ٻج پوکي ڇڏيو آهي ۽ اها نفرت نه صرف سنڌ صوبي توڙي ملڪ لاءِ پڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، ڇو ته پ پ ۽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي نظريي تان هٽي ويون آهن، اهي پاڪستاني قوم هئڻ بدران الڳ الڳ قومي سڃاڻپ ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ انهن پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مهاجر ڪميونٽي الڳ آهي ۽ انهي جي هڪ الڳ رياست ڪراچي هجي جيڪا لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 ۾ ثابت ڪري ئي بيٺي آهي ته پاڪستان قوم جي بجاءِ ٻولي جي بنياد تي سنڌ صوبي جو انتظام ورهائڻ گهرجي، پيپلز پارٽي اهو ڪم ڪري پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هنيو آهي، جيڪو اڄڪلهه ناسور بڻجي ويو آهي، جنهن مان جان آجي ڪرائڻ ظاهري طور تي پ پ لاءِ ڏکي نظر اچي ٿي، پاڪستان جي مرڪز يت کي مڃيندڙ ۽ پاڪستان جا وڏا ۽ ڪٽر حامي پاڪستان جي گهڻ گهرن کي پنهنجي صوبن جي نمائندگي ڪرڻي پئجي ويئي آهي، ڪالهه نواب اڪبر بگٽي پنهنجي حق حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي اڄ پير سائين پاڳارو انهي رستي آهي جنهن رستي تي پاڪستان جو وفاق ۾ رهندي اڪبر بگٽي قائم هو، جهڙي طرح ڪالهه تائين جيڪو زندگي بابت خطرو نواب اڪبر بگٽي کي هو اڄ اهو ساڳيو خطرو موجوده پاڳاري جي زندگي کي به آهي، پير سائين پاڳارو پڪو محبت وطن ۽ پاڪستان پرست آهي تنهن جي باوجود به پيپلزپارٽي جي حڪومت اهڙيون حالتون پيدا ڪيون آهن جو اڄ جو پيرسائين پاڳارو به سنڌ کي ورهائڻ جي خلاف نواب اڪبر بگٽي جيان انا الحق جو نعرو هڻي ميدان تي لٿو آهي، جهڙو محبت وطن نواب اڪبر بگٽي هو پرويز مشرف نواب اڪبر بگٽي جي ڪنهن به حصي ۾ ايترو محب وطن نه هو ڇا اها محب وطني آهي، ڇا اها محب وطني آهي ته پنهنجي ملڪ جي عوام کي ماريو وڃي ۽ محب وطن هئڻ يا نه هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اختيار پرويز مشرف کي ڪنهن ڏنو هو ؟ هو اڪيلو وڃي فيصلو ڪري جهڙي طرح اڄ پرويز مشرف اڪيلو ٿي رهجي ويو آهي اهڙو حال سڀاڻي صدر آصف علي زرداري جو به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي اقتدار ڪڏهن به ڪنهن سان به وفاداري نه ڪئي آهي ته پوءِ تاحيات حڪمران هئڻ وارا خواب ڪيئن ڏسي سگهي ٿو، جيڪڏهن سڀاڻي پيپلزپارٽي ۽ آصف علي زرداري جي به پرويز مشرف جهڙي حالت ٿي ته اها به سنڌ جي بدنصيبي هوندي پر افسوس جو پ پ حۡڪومت ڪم ئي اهڙا ڪيا آهن جو عوام پ پ جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ پير پاڳاري ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن سان گڏ آهي، پ پ جا اڳواڻ عالمي سامراج جي هر حڪم کي اکين تي رکڻ بجاءِ جيڪڏهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي لاءِ سوچين ها ته اڄ انهن سان اهي حالتون نه هجن ها جهڙيون اڄ پ پ سان گذري رهيون آهن، چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته پ پ جا ڪيترا اڳواڻ نگران حڪومت جو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترن ته هاڻي پ پ مخالف ڌرين سان ايندڙ چونڊن لاءِ رابطا به ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، پيپلز پارٽي کي اها خبر تڏهن پوندي جڏهن اهي عوام کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ويندا ته پوءِ ئي کين خبر پئجي ويندي ته انهن کان ڪهڙيون غلطيون سرزد ٿيون آهن ۽ انهن اقتدار جي نشي ۾ ڇاڇا ڪيو آهي، پ پ کي پوءِ ئي خبر پوندي ته انهن ذوالفقار مرزا جو ساٿ ڇو نه ڏنو هو پوءِ ئي پ پ کي خبر پوندي ته سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 بحال ڪرڻ جي غلطي ڪيڏي وڏي هئي، اقتدار کانپوءِ ئي پيپلزپارٽي کي خبر پوندي ته ڪهڙي طرح سنڌ حڪومت ڪالا باغ جو ڪيس مضبوطي سان نه وڙهي لاهور هاءِ ڪورٽ کي مجبور ڪيو ته اها ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي لاءِ فيصلو ڏئي ۽ پ پ جو پنجاب ۾ ووٽ بئنڪ مضبوط ٿي ڇا سنڌ جي ماڻهن کي اها خبر نه آهي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جو سنڌ ۾ موقف هڪڙو ته پنجاب ۾ ٻيو آهي ڇا اڄ به صدر آصف علي زرداري جي ۡحڪم تي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو اجلا س سڏائي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري سگهي ٿي، پر پيپلز پارٽي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڪالاباغ ڊيم جي ڀرپور حمايت ڪندي ۽ سنڌ اسيمبلي مان ڪالاباغ ڊيم بابت صرف ٺهراءُ پاس ڪرائيندي، اهڙي طرح نانگ به مري ۽ لٺ به بچي واري فڪر تي عمل ڪندي يعني ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ بابت ڪا به رنڊڪ رڪاوٽ پيدا نه ڪئي ويندي ۽ سنڌ ۾ گوڙ ۽ شور ڪيو ويندو ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهيو وڃي، سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته جيستائين پيپلز پارٽي جي قول ۽ فعل ۾ تضاد هوندو تيستائين اها عوام ۾ پاڙون مضبوط ڪري نه ٿي سگهي، سنڌ جي عوام به پ پ اڳواڻن جي ٻٽي معيار کي پرکي ورتو آهي ۽ اڄ پ پ کي پيپلزپارٽي جو يوم تاسيس ملهائڻ جي لاءِ ڪو به ماڻهو نه ٿو ملي، پيپلزپارٽي کي سوچڻ گهرجي ته پ پ جا وزير ئي سنڌ جو عوام نه آهن...!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو