معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
رستم ڀرسان پوليس جي ڪارروائي
پنجن مهينن جي ٻارڙي 3 ڏينهن بک ۽ اڃ ڪاٽڻ بعد تڙپي تڙپي فوت
پنجن مهينن جي ٻارڙي 3 ڏينهن بک ۽ اڃ ڪاٽڻ بعد تڙپي تڙپي فوت
رستم ۾ پوليس هڪ گھر تي چڙهائي ڪري 11 ڀاتين کي گرفتار ڪري وئي گھر ۾ تنها رهجي ويل پنج مهينن جي ٻارڙي اڃ ۽ بک سبب فوت ٿي وئي ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺاڻي امان الله جتوئي جي ٽن نياڻين کي جرڳي ذريعي سڱ چٽي طور ڏيڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي هئي غير قانون جرڳي تي پوليس حرڪت ۾ آئيي ۽ جرڳي جي سرپينچ کي گرفتار ڪري ورتو پر پوليس جرڳي ذريعي ڪارو قرار ڏنل امان الله جتوئي کي سندس 11 گھر ڀاتين سميت گرفتار ڪري ورتو پوليس اهلڪارن ڪارروائي دوران نااهلي جو شاندار مظاهرو ڪندي پنج مهينن جي ٻارڙي هدايت کي اڪيلو گھر ڇڏي ويا ٽن ڏينهن بعد سيشن جج جي حڪم تي ڪلواڙي ٿاڻي جي ڪمشنر گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪرايو، آزادي ماڻيل جڏهن ٽن ڏينهن بعد پنهنجي گھر پهتا ته انهن ڏٺو سندن معصوم ٻارڙي بک ۽ اڃ سبب فوت ٿي چڪي هئي وارثن سيشن ڪورٽ ٻاهران معصوم ٻارڙي جو لاش رکي احتجاج ڪيو ۽ پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو