انساني حقن جو عالمي پڌرنامو 10 ڊسمبر: انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو 10 ڊسمبر 1948 ، اڄ کان 63 سال اڳ انساني حقن جو عالمي پڌرنامو پئرس جي گاديءَ جي هنڌ يعني فرانس ۾گڏيل قومن جي اداري جي 56 رياستن ان مسودي کي اپنايو هو، هاڻي اهو ياد رهي اقوام متحده جا 193 ميمبر آهن. پڌرنامي لاءِ ووٽ متفقه طور تي ڏنو ويو هو پر، پر اٺ قومن ان چونڊ کان پاسو پئي ڪيو، (گڏيل سويٽ سوشلسٽ روس، گڏيل سوويٽ سوشلسٽ يوڪرين، گڏيل سويٽ بيلارس، زيڪو سلوويڪيا، يوگوسلويا، پولينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ سعودي عرب). پاڪستان 9 ٻين مسلم رياستن سان گڏجي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي لاءِ پڻ ووٽ ڪيو هو ۽ شائسته اڪرام الله انساني حقن ۽ عالمي پڌرنامي جي حوالي سان حامي ڀرينديندي زور ڏئي چيو ته “ ان ڳالهه جي اشد ضرورت هئي ته دنيا جا ماڻهو وري هڪ جياپي جي اهڙي فضيلت ڀرئي رويي کي هٿي ڏين، جيڪو نه رڳو عالمگير تعلقات جي حوالي سان لاڳو ٿئي پر، اندروني مامرن لاءِ به ساڳيو هجي” عالمگير پڌرنامي جي لکندڙن جي خيال مطابق ، پئرس شهر جي چونڊ انڪري ڪئي وئي ته جئين فرانس کي ڀيٽا ڏئي سگهجي، ڇو ته اها ڌرتي “ ماڻهوءَ کي حق ڏيڻ واري ڌرتي” آهي، ان جو مضبوط حوالو “ماڻهوءَ ۽ شهرين جي حوالي سان فرانسيسي پڌرنامو ” آهي جنهن کي The French Declaration on the Rights of Man and Citizen (1789) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.اهو پڌرنامو ، فرانسيسي انقلاب جو نتيجو هيو، جنهن ۾ ماڻهن وڏريڪي خيالن خلاف انساني بغاوت ڪئي هئي. ايلنور روزويلٽ، جيڪا ان وقت جي اقوام متحده جي انسان حقن جي ڪميشن جي چيئرپرسن هئي، هاڻي اها ڪميشن 2006 کان انساني حقن جي ڪائونسل (Human Rights Council) سڏجي ٿي، جنهن ڪميشن اهو پڌرنامون لکيو، ان پڌرنامي کي انهن سمورن دستاويزن سان ڀيٽيو ويو، جيڪي خاص طور فرد جي حقن تي زور ڏين ٿا، جهڙوڪ Magna Carta (1215) ، حقن جو انگريزي بل (The English Bill of Human Rights 1689) ، ماڻهوءَ ۽ شهرين جي حقن جو فرانسيسي پڌرنامون جنهنکي The French Declaration on the Rights of Man and Citizen (1789) چيو وڃي ٿو ۽ گڏيل رياستن جي آئين ۽ حقن جو بل ، جنهن کي The US Constitution and Bill of Rights (1791)چيو وڃي ٿو. انهن منجهان گهڻا ئي دستاويز جڏهن اصلوڪي بنياد تي پاليسيءَ ۾ تبديل ڪيا ويا ته اهو ڏٺو ويو ته اهي عورتن کي حقن ڏيڻ کان وانجها هيا، رنگ جي بنياد تي متڀيد جا ماريل ماڻهو، ۽ اهڙي ئي حوالي سان ٻيا به ڪيترائي سماجي، مذهبي، اقتصادي۽ سياسي گروهه حقن کان وانجها هيا. پر ان جي باوجود، دنيا جي دٻيل ۽ هيسيل ماڻهن کي انهن ئي مٿين دستاويزن جي اصولن ۽ اظهار تحت ڌيان ڏنو ويو ۽ انهن انقلابن کي هٿي ڏني وئي، جيڪي انسان جي خود مختياري ، آزاديءَ جا حامي ۽ جبر ۽ ظلم جي طاقتن خلاف هيا. انساني حقن جي عالمگير پڌرنامي جي جوڙ جڪ دوران قدرتي حقن جي ٻولي، ۽ فرد جي حقن تي زور ڏيڻ واري ڳالهه قانوني حقن جي داخل ڪرڻ سان ملي جلي وئي هڪ ٿي وئي . اهڙي طرح، انساني حقن جي پڌرنامي، پنهنجي اپيل ٻنهي قدرتي حقن جي حوالي سان آڏو رکي ته ٻنهي ۾ حقن جي ڳالهه سڀاويڪ، اڻلچڪدار، برابري جي بنياد واري ، عزت ۽ شان واري ۽ هاڪاري قانون جي فريم مطابق آزادي هوندي، جتي حق ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي ڌريون برابريءَ جي بنياد تي واضح ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهي ٻئي ڌريون ساڳين قانونن جون پابند هونديون آهن . تاريخ اسان کي ياد ڏياري ٿي ته مٿيان سمورا دستاويز سماجي تحريڪن، سياسي انقلابن يا سرگرمين جو نتيجو آهن. پر مذهبن ۽ فلسفن جو ڪردار ( اخلاقي ۽ لاديني) ۽ بين ڪيترن ئي ثقافتن ۾، انساني حقن جي ٻولي يا ترقيءَ جو جديد نظريو اڃا گهٽ ڄاتو ۽ سڃاتو پيو وڃي. اهڙي طرح تنقيد جي ڪيترين فڪري درسگاهن کي اڀار ملي ٿو ، جيڪي ثقافتي رابطا ڪاري (cultural relativism) ، گروهه يا اجتماعي حقن، سياسي حقن ۽ ٻين حقن جي تصور کي هٿي ڏين ٿا. اهڙا سوال ۽ تضاد ان وقت به سامهون ٿي آيا، جڏهن اڃا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو لکيو نه ويو هيو ۽ اهي درجي به درجي جاري رهيا. اگر هڪ دفعو به اهڙين تنقيدن کي جاءِ نه ڏني وئي ۽ انحراف ڪيو ويو ته ان جو اثر بنيادي “عالمگير قدرن” تي پوندو. تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته گهڻو ڪري ماڻهن پنهنجا حق ۽ ذميداريون پنهنجي گروهه، ڪٽنب، قوم، قبيلي، مذهب، سماجي طبقي، برادريءَ يا رياست ۾ شامل ٿي ڪري ورتا پئي. گهڻو ڪري مختلف سماجن جون رسمون ان ئي “سون ورني اصول” تحت رهيون آهن ته “ٻين سان اهڙو ئي ڪيو، جهڙو هو اوهان سان ڪن ها”. هندن جا ويد، حموربيءَ وارو بابلي ضابطو ، جنهن کيThe Babylonian Code of Hammurabi چئجي ٿو، توريت ،ٻڌ مت، انجيل، قرآن مجيد ۽ ڪنفيوشس جي ڏاهپ، اهي سمورا اهي پراڻا تحريري وسيلا آهن، جيڪي ماڻهن جي فرضن، حقن ۽ ذميوارين کي بيان به ڪن ٿا ۽ فرد تي لاڳو به ڪن ٿا. اهو عقيدو ته هر هڪ پنهنجي عمل مطابق فلاڻو يا فلاڻي انسانيت جي حوالي سان هئين يا هونئن آهي هڪ نئين ڳالهه ته لڳي سگهي ٿي پر ان جون جڙون اڳوڻي رسمن يا مختلف ثقافتن ۽ فلسفن ۾ ئي کتل آهن، جهڙوڪ مابعد الطبعياتي (Metaphysical) حوالي سان اهو چوڻ ته ماڻهو جتي ڪٿي ۽ هر وقت پنهنجا حق رکن ٿا، پر اهي ماڻهوءَ جا جوڙيل ناهن، اهي (حق) انسان ۾ ڄائي ڄم کان موجود هوند آهن (اخلاقي ڄم جو حقMoral Birth Right) يعني پيدائشي آهن. ۽ علم جي بنياد تي (Epistemological) اهو چوڻ ته هڪ عام ماڻهو به گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهي ٿو ۽ اهو به بنا ڪنهن جي مدد ڪرڻ جي (يعني بغير دليل ۽ شعور Reason & Conscience) جي )، انکان ڪو انڪار ڪري نٿو سگهي ته ته اهڙن فلسفن ۾ تضادن جي ڀرمار گهڻي آهي. مٿين بحث مان ظاهر آهي ته انساني حقن جو جديد تصور به نتيجتن، ڪنهن واحد ڪلچر، مذهب، علائقي، فلسفي يا تهذيب جي پيداوار ناهي. اهو پڻ هڪ لڳاتار وهندڙ نديءَ جهڙو آهي، جيڪو وهندو رهيو آهي يا وهي رهيو آهي، جنهن ۾ مذهبن ، فلسفن، خيالن ۽ قانوني سرشتن (Legal Systems)۽ سماجي تحريڪن جا واهڙ ملي ڪري، ان کي شاهوڪار بڻائن ٿا. UDHR ، انساني حقن جو پڌرنامو عام طور تي هڪ بين الااقوامي ميگنا ڪارٽا(International Magna Carta) تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن بين الااقوامي قانونن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو، اقوام متحده جو اهو چارٽر ٻڌائي ٿو ته حڪومت کي پنهنجي شهرين سان ڪئين ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، هاڻي هي هڪ بين الااقوامي مامرو آهي، نه ڪي، ڪنهن ملڪ جو داخلي مامرو آهي. هي دعويٰ ڪري ٿو ته سمورا حق برابريءِ جي بنياد وارا آهن ۽ انهن کي بنهه ورهائي نٿو سگهجي. ان جو پيش لفظ واضح طور ٻڌائي ٿو ته: پيدائشي عزت ۽ شان جي مڃتا، ۽ برابر ۽ اڻ لچڪدار سموري انساني ڪٽنب جا حق ، آزاديءَ ، انصاف ۽ دنيا ۾ امن جو بنياد آهن، ماڻهو ان کي هنيئن تسليم ڪن ٿا ته “ هي سمورن ماڻهن ۽ قومن جي حاصلات جو هڪ عام معيار آهي”. عالمي انساني حقن جي پڌرنامي جو اثر انتهائي اهم آهي. ان جا اصول ڏکڻ کان اتر، اوڀر کان اولهه، ترقي پذير کان ترقي يافته، اشتراڪي کان سرمائداراڻا ملڪن ، ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ ڪيترن ئي ملڪن جي آئينن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، بنيادي انساني قانون، جيڪي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973 جي آئين ۾ شامل ڪيا ويا، اهي ڪيترن ئي قسمن جا شهري، سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل حق آهن، جيڪي عالمي انساني حقن جي پڌرنامي ۾موجود آهن، جيڪي اتساهه جو سبب بڻيا . انکان علاوه، ان ڪيترن ئي ٻين بين الااقوامي حقن جي ٻوليءَ کي متاثر ڪيو آهي، ۽ انهن ذريعن کي پڻ. جيڪي مختلف مامرن تي قانوني طور لاڳو ۽ غير لاڳو ٿيندڙآهن. پاڪستان اهم انساني حقن جي معاهدن جي منظوري ڌني آهي، جيڪي موضوع وار ۽ مخصوص مامرا آهن، مثلن: شهري ۽ سياسي، اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حق، تشدد جي ممنانعت ، عورتن، ٻارن، اقليتن، ليبر، ۽ معذور ماڻهو جي حوالي سان آهن، پر انهن جي تعميل ۽ نفاذ پنهنجي جاءِ تي هڪ رهجي ويل سوال آهي. اسان کي رڳو قانوني حالت تي نظر وجهڻ نه گهرجي، پر ٻين اهڃاڻن جهڙوڪ سماجي، اقتصادي۽ بنيادي ڍانچي ڏانهن به نهار ڪرڻ گهرجي. انهن حقن جي حاصلات لاءِ نه رڳو حڪومتون پر معاشري ۾ رهندڙ هر فرد ، جماعت، تنظيمن ۽ گروهن کي انساني حقن جي ان حاصلات لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سڀاڻي آمريڪا جي هڪ ٻئي شهر سينڊياگو ۾، سنڌي ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي طرفان پروگرام رکيو ويو آهي، جنهن۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ شهري، جن کي پاڻ Diaspora به چئون ٿا، اهي ان موضوع تي ڳالهائيندا ته پنهنجي ملڪ ۾ انساني حقن جي حوالي سان هو ۽ ملڪ جا شهري عالمگير انساني حقن جي حوالي سان ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا
انساني ڏينهن جو عالمي ڏهاڙو ملهائيندڙن کي ته جس هجي پر ڪو آهي جيڪو انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي ڪُچلي ۔۔۔۔ انسان سان ٿيندڙ ظلم، تذليل، ڏاڍ ، نا انصافيون، اڻ برابريون ۔۔۔ انيڪ آهن ۔۔۔۔