اسلام عليڪم ڀائرو ۽ ڀينرو توهان سڀن کي ثقافتي ڏهاڙي جي اڳ ۾ ئي مبارڪون هجن ڇاڪاڻ ته تاريخ مقرر ٿي چڪي آهي اميد ته هن دفعي اڳئي دفعي کان به بهتر ملهايو ويندو، توهان سڀني کان اميد آهي ته توهان سڀ سنڌي گڏجي ثقافتي ڏهاڙو ملهائي پاڻ ۾ قومن ۽ ذاتين جا فرق مٽائي ڇڏيندوَ، ۽ چاهي قوم ڪهڙي به ڇو نه هجي پر سڌي سڀ پاڻ ۾ سڳن ڀائرن وانگر آهن ۽ سنڌي ئي ان ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائي سگهن ٿا، سال ۾ هڪ ڀيرو اسان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پنهنجي سنڌ امڙ کي خوشي مان جهومائي ڇڏيندا آهيون، ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ سان نه صرف اسان کي خوشي ملي ٿي پر اهو به فائدو آهي جو اسان جي ايندڙ نسل نه ڪجهه سکي رهي آهي، ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي تمام ٻار پوڙها پڪا ننڍا وڏا ڇوڪريون ڇوڪرا اجرڪ ۽ ٽوپي پائي اهو ظاهر ٿا ڪن ته اسان کي پنهنجي سنڌ سان ڪيڏو پيار آهي ، انشاالله اهو پيار اسان جو سنڌ لا برقرار رهندو، سنڌي اهو ناهي جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو، پر سنڌي اهو آهي جيڪو سنڌين سان پيار محبت سان هلي ٿو ان جي خوشي چاهي ٿو، اسان تمام خوش نصيب آهيون جو اسان سنڌي آهيون سنڌ کان سوا ڪا به ٻولي اهڙي مٺڙي ناهي جهڙي سنڌي ٻولي مٺڙي آهي، اسان کي ثقافتي ڏهاڙي جو ڀرپور انتظار آهي، ۽ اهو انتظار به ضرور ختم ٿيندو ۽ سنڌي سڀئي جهودا هڪ ميدان ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي سان نظر ايندا هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي جيئي سنڌ جيئي اجرڪ ۽ جيئي سنڌي ٽوپي جا نعرا لڳندا اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو، ان ڏينهن هر سنڌي پنهنجي پاڻ کي ذات سان نه بلڪه سنڌي ذات سان سڏائيندو، جيئي سنڌ جيئي سنڌ جيئي سنڌ۔
ٽوپيون ۽ اجرڪ ته اڳ ئي ورتل آهن ۽ وقت بوقت پائيندا به رهون ٿا پر ڊسمبر ۾ اهو ڪم جهجهو ڪندا آهيون۔ سنڌي ثقافت زنده باد