ڏسو! خداوند وٽان ورثو آه، ۽ پيٽ جو ڦر هن طرفان انعام آهي۔ حضرت عيسى مسيح ارشاد فرمايو، ته: جيڪو اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري تنهن ڄڻ مون کي قبول ڪيو۔ عيسى مسيح وڌيڪ هيئن فرمايو، ته: هي ننڍڙا جن هڪ کي جيڪڏهن ڪو گمراهه ڪندو تنهن لا وڌيڪ ائين سٺو ٿيندو، ته کيس ڳچي ۾ جنڊ جو پڙ وجهي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙيو وڃي۔ پاڻ هي به فرمايائون، ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو ۽ انهن کي نه جهليو، ڇالا جو خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي۔۔۔۔۔ پو ٻارن کي هنج ۾ کڻي انهن جي مٿان هٿ رکيائين ۽ کين دعا ڪيائين۔