ٻارن کي اهو رستو سيکار جنهن تي هن کي هلڻ کپي ۽ جڏهن هو ٻڍو ٿيندو، تڌهن به اهو نه ڇڏيندو۔ جيڪو پنهنجو لڪڻ نٿو ڪم آڻي، سو پنهنجي پٽ کي ڌڪاري ٿو، پر جيڪو انهي کي پيار ڪري ٿو، سو بروقت انهي کي سيکت ڏئي ٿو۔ لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي ما کي شرمندو ڪري ٿو۔۔۔۔۔ پنهنجي پٽ کي سيکت ڏئي، ته هو توکي آرام ڏئي۔ هائو تنهنجي روح کي راحت ڏيندو۔ (عيلي ڪاهن جا فرزند) خداوند کي نه سڃاڻيندا هئا۔۔۔۔ ۽ انهن جوانن جو گناهه خداوند جي اڳيان تمام وڏو هو۔۔۔۔(خداوند چيو) جنهن ڏوهه جي کيس خبر آهي، تنهنجي لا هميشه تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس۔ ڇالا جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي ۽ هن کين ڪين روڪيو۔
هر موقعي ۽ مهل تي پنهنجن ٻارن جو هٿ پڪڙي کين سهارو ڏيو، ڇاڪاڻ ته اهو وقت به ايندو، جڏهن هو توهان کي بي سهارو نه ڇڏيندا (سي آر پي ڊئنيلسن) سٺي تربيت لاء ٻارن جي نفسيات ڄاڻڻ ضروري آهي۔
سنڌي ۾ چوڻي آهي ته: ٻار مڇ جو وار، جيڏانهن ورائينس، تيڏانهن وري مطلب ٻار جو ذهن ڪچڙو ۽ ڪوري ڪاغذ جيئان هوندو آهي، انڪري والدين ۽ معاشري جا سبق کيس جلد ياد ٿي ويندا آهن ۽ هو ان جهڙو ٿيندو ويندو آهي ۔۔۔ انڪري جيڪا سکيا گهر، اسڪول ۽ معاشري مان ملندي آهي اها ئي ٻار جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي ۔۔۔ ڪيترن شاگردن کي يا ٻارن کي سختي سان به سڌاربو آهي ته ڪيترن کي وري پيار سان ۔۔۔ ڪڏهن پيار ڪڏهن سختي، ڪڏهن لالچ ته ڪڏهن ڀئو ٻار جي فطرت ۾ موجود وڪڙن کي سڌو ڪندو آهن ۔۔۔ مطلب لٺ ۽ چٺ جو استعمال ضروري ٿئي ٿو ۔۔۔۔ سٺي موضوع تي سٺا جملا ۔۔۔ ڌي شيرين جا قرب۔۔۔
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته اولاد کي کائڻ لاءِ ڏجي سون جو گرنھ ۽ ڏسجيس شينهن جي اک سان اولاد جي تربيت ۾ ٻن ڪيفيتن جو خيال رکجي ۔ بشارت جي ۽ خوف جي ۔ انهن ٻنهي ڪيفيتن ۾ پروان چڙهندڙ اولاد يقينن معاشري ۾ هڪ سٺو مقام ماڻيندي۔ وسلام