ٽين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي ڀارت خلاف 7 وڪيٽن تان ڪاميابي ڀارت جي شهر ڪلڪته ۾ کيڏي ويندڙ ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ڀارت کي آسانيء سان 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻن جي مقابلي ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي۔ ڀارت جي ٽيم پهرين واري ۾ 316 رنسون جڏهن ته ٻي واري ۾ 247 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي۔ انگلينڊ جي ٽيم پهرين واري ۾ 523 ۽ ٻي واري ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 41 رنسون ٺاهي ميچ کٽي ورتي۔ ايلسٽيئر ڪڪ کي 190 رنسن جي انگز کيڏڻ تي ميچ جي بهترين رانديگر جو اوارڊ مليو۔ چئن ميچن جي سيريز ۾ هاڻي انگلينڊ کي برتري حاصل ٿي وئي آهي۔