هڪ دوست جي جذباتن جي ڪهاڻيآءُ پنهنجي وجود ۾ ٽٽندو رهيس مون جنهن کي دوست سمجهيو سو اڄ مون سان اهڙو ورتاءُ ڪندو مون ڪڏهن سوچيو به نه ۔ مون ته پنهنجي مرڻ کان بعد جي وصيتن ۾ به ان کي وارث قرار ڏنو هو ۔گهڻي دير تائين ته اهو گمان رهيو۔ ٿي سگهي ٿو ان مون سان اهو مذاق ڪيو هُجي۔ ايترو قربت وارو سفر هو ائين پل ۾ وساري نه ٿو سگهي۔ مون ڪڏهن به ان اهڙي خوفناڪ نتيجي جو پنهنجي ذهن ۾ خيال ئي نه ڪيو هو۔ مون هُن کي هُن جي لاءِ چاهيو هو۔اهو ائين نه هو ته صرف اها چاهت هڪ طرفي هئي هُن به منهنجي ايتري ئي عزت ڪئي هُئي ، فرق صرف ايترو هو جو هُو پنهنجن رشتن سان گڏ هو ۔ اهي رشتا جيڪي هِن کي زندگي ڀر ڏنگيندا رهيا پر هي انهن کان جُدا ٿي نه سگهيو۔ مون هن جي خاطر رشتن کان ذلتون برداشت ڪيون پنهنجن جون ناراضگيون سٺيون هون ڪئي الزام ها جي مون پنهنجي سر کنيا ها ۔ڪئي مخالفتون هون جي منهنجي دامن ۾ هن دوستي جي ڪري آيون هيون ۔ اسان رشتن جي ور ته پهريان ئي چڙهيل هيا سين پر پنهنجي دوستي تي رشتن کي ڪڏهن مٿانهون نه سمجهيو هو۔ رشتن ۾ مون لاءِ صرف دوستي ئي اهم ۽ مُقدم رشتو هو۔ هميشه اسان جي وچ ۾ جڏهن ڪا ڳالھ ٿيندي هئي ته آءُ پهريان اهو سوچيندو هيس ڪٿي ائين ته ڪونهي جو جواب انجي خواهش جي خلاف ڏيان ته هُن جي ذهن ۾ ڪو هي خيال اچي هي مشورو مونکي هن رشتي جي خاطر ڏئي ٿو جنهن ۾ هن جي رشتي جو فائدو آهي۔ان وقت آءُ اڪثر خاموش رهندو هيس ۽ جڏهن هو منهنجي خاموشي ڏسندو هو ته هو به سمجهي ويندو هو تهمنهنجي من ۾ ڇا آهي ۽ هو به منهنجي عين جواب وارو رستو کڻندو هو۔جڏهن به هن کي رشتن ستايو ته هي منهنجي جهولي ۾ لڙڪ لاڙِيندو هو جڏهن خوف جي عالم ۾ پنهنجا پري هوندا ها ته هڪ آءُ ئي هوندو هيس جيڪو هن سان گڏ رهندو هيس ۔مون کي ياد آهي اها دُشمني جا هن جي رشتن جي ڪري ان جي مٿي تي وڃي ڪڙڪي هئي سڄو راڄ جڏهن هُن جو مارو ته آء جيڪو صدائين ادب خاطرهن جي پٺيان هلندو هيس ته هن جي اڳيان هلڻ جي ڪوشش ڪندو هيس جيئن ڪا به شي نقصانڪار اچي ته پهريان مونکان ٿي گذري۔جڏهن ته ان جواحساس هُن کي به هو۔هن سان رشتن هميشه ويڳي ماءُ وارو ڪيو هو ۔جڏهن هن کان مطلب نڪري ويندو هو ته وري هن جي مخالفت ڪندا هيا ۽ انهن رشتن جي روين تي جڏهن هو اندران ڦٽجي پوندو هو ته هميشه منهنجي قُربت ۾ ڳوڙها ڳاڙيندو هو ۽ جڏهن وري رشتن جو هن ۾مطلب هوندو هوسڀ هن جي پيرن تي پوندا ها ۽ اهو دور هوندو هو جڏهن آء هن کان پري رهندو هيس ته ان کي اها ڳالھ سمجه ۾ ڇو نه ٿي اچي ته هي هن جا ڪي سڄڻ ته ناهن پر هن هميشه پنهنجن رشتن کي شايد مقدم رکيو هو دوستي کان۔آخر اهو دؤر آيو هي اڃان ان آخري مصيبت مان نڪتو ئي مس هوته اسان جي دوستي تي دشمن وار ڪيو ۔هي انهن جي داؤ ۾ اچي ويو۔ هن ايڏو وڏو فيصلو ڪندي منهنجي طرف هڪ ڀيرو به نه ڏٺو ۔جنهن کي اوهان دنيا کي ڇڏي چاهيو هجي ته يقينن ان جي اهڙي قدم تي اوهان کي ايترو جلد يقين ناهي ايندو ۔گهڻي دير تائين آءُ اهو سوچيندو رهيس ته نه اهو وهم آهي اهو گمان ئي آهي ائين نه ٿو ٿي سگهي۔پر نه اهو ٿي چُڪو هوڪاش اهو وهم ئي هجي ها اهو هڪ گمان ئي هجي ها ۔اندر ۾ هڪ هيجياني طوفان هو جنهن واچوڙي واري شڪل اختيرا ڪري ورتي هئي، هر شي تباه ٿي چُڪي هئي اي_يوم اميدون اي_يون آسون پوري ٿيڻ کان پهريان ٽُٽي پيون هون۔اتي جذبات پنهنجي شڪايت ڪن پيا ته منهنجو هي قدر ٿيو آهي ۔ خلوص پنهنجي جاءِ تي ششدر هو عقل حيران هو محبت سرگردان هئي وجود ۾ جيڪو پيڙاء ان کي بيان ڪرڻ جي لفظن ۾ طاقت ڪانهي ڪا۔بس پوءِ لُڙڪ ها ۽ آءُ هيس۔شيطان سوچن جا حملن مٿان حملا ، هاڻي تون به ڏيکار هن کي ڏينهن جا تارا، تون هن تي هن کان وڌيڪ وار ڪري سگهين ٿوهي راز تو وٽ هُو راز تو وٽ ڏيکار هن جو چهرو تون به دنيا کي ،هاڻي تون ڪهڙو منهن کڻي ويندين پنهنجن رشتن ۾ تو تنهنجا مِٽِڇا چوندا ،ڪهڙو منهن کڻي تون هلندين هاڻين ت، ڏاڍو ناز هو تو کي هن جي دوستي تي هن زندگي کان ته موت بهتر آهي۔وري مٿان يادن جوسلسلو مون اڃان پنهنجو پاڻ کي دلاسا ڏئي لُڙڪ اڃان مس ٿي اُگهيا ته وري بي اختيار ڳوڙهن جي بارش هئي جا مون کي پريشان پئي ڪري اندر ۾ دردن جو طوفان هو جيڪو اوڇنگارن زريعي ٻاهر اچڻ پيو گهُري ۔مٿان شياني سوچن هڙا اهڙا خيال گهڙي منهنجي ذهن ۾ ٿي وڌا جن جي وار ڪرڻ سان شايد منهنجي جذباتن کي ته تسڪين ملي ها پر منهنجو روح هميشه بي چين رهي ها ۔ اتي جاتي شيطاني وسوسا مونکي ورغلائي رهيا ها ته شايد ڪو هادي يا رهبر هو جنهنجي به آواز مون چِٽي ٿي ٻڌي ته نه هي ڪم توکي زيب نه ٿو ڏئي ڇا جي ڪتو کائيندو آهي ته ان کي چڪ هڻبو آهيڪُتي ني آپ ڪو ڪاٽا مڙ ڪي آپ ني ڪُتي ڪو ڪاٽاليڪن صبا اتنا تو بتائو ڪيا ٿوڪا ڪيا چاٽا۔هُن وقت هو ڪو هادي جيڪو مون سان گڏ رهو جنهن مونکي صبر جي تلقين ڏئي مون سان اها ڳالھ ٿي چوري ته هي تنهنجي نبي صه جون تعليمات ۔ هي حبيب ڪبريا جي تنهنجي لاءِ شفائت آهي تون هن کان ڇو ٿو منهن موڙين جي تو اڄ هن جي شفائت کان منهن موڙيو ته سڀاڻي روزِ محشر به تون تنها ئي هوندين۔ ڏسي تو تائين اهو پيغام ته پهچي چُڪو هو دوستي ۽ دشمني ۾ ميانه روي رکجو ائين نه ٿئي ته سڀاڻي دوستي خاطر حق تان هٿ کڻڻو پوي يا ائين نه ٿئي جو ڪنهن سان دُشمني ۾ ان حد کان نڪري وڃو جو سڀاڻي واپسي ناممڪن ٿي وڃي ۔هُن اهو فيصلو ڪندي شايد منهنجي احساسن جو هُن خيال نه ڪيو هو ۔آءُ هڪ اهڙي پيڙاءُ مان گذري رهيو هيس جو روئي به نه ٿي سگهيس ۔ڪٿي زماني ۾ بدنامي نه ٿي وڃي هن ايڏي سفر جو انجام ايترو پشيماني سان ٿيندو مون سوچيو ئي نه هو۔۔ منهنجا ته ڄڻ ڪي ساھ ئي اُکڙي ويا ها دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ هوا ته هئي پر مون لاءِ ناياب هئي اندر ۾ هڪ اهڙي بيچيني جو عالم هو جنهن جو ڪاٿو لفظن ۾ نه ٿو لڳائي سگهجي۔مون ڏٺو اهو جيڪو مون کي مونکان ويجهو هو اهو به روئيندو رهيو منهنجي ان حال تي ان ڏينهن مونکي ان شي جو احساس ٿيو ته ڪنهن ڇو چيو هوڊاھ دي مسجد ڊاھ دي مندر ڊاھ دي جو ڪُڇ ڊهندا ئي پر هڪ بندي دا دل نا ڊاهين رب دلان وچ رهندا ئي ان ڏينهن مونکي اها خبر پئي ته ها انسان جي ڪرب جي حالت ۾ قائنات ڪئين روئندي آهي درتي لُڏي ويندي آهي صدين جو سفر هڪ پل ۾ ڪيئن ٿيندو آهي عرشِ معلى۾ زمين ۾ ڪيترو فاصلو آهي ها اهو فاصلو هڪ آه جو فاصلو آهي ۔هڪ دوست جي ڪهاڻي
ڏاڏل سائين معاف ڪجو اگر هڪ دوست جي ڪهاڻِ جي بجاء هڪ دوست جي پڄاڻي چئجي ته بهتر رهندو،ڪهاڻي ته رهي جيڪا احساسن ۽ ڳوڙهن ۾ لڪل آهي اسان تائين جيڪي جذبات عيان ٿي اهي هڪ دوست جي پڄاڻي جا هئا، پر ڏاڏل سائين اڪثر ايئن ئي ٿيندو آهي هر دوست جي پڄاڻي تي جيڪو دوست کي ڇڏڻ جي قوت رکندو آهي اهو اصل ۾ ان دوست کي قتل ڪري چڪو هوندو آهي تڏهن ئي هن جي دل ۾ احساس فنا ٿي ويندا آهن،۽ هميشه لالچ دوست کان پري ڪندي آهي،جڏهن به ان جي دل ۾ وڏو فائدو نظر ايندو آهي ته مطلب پرست هميشه پنهجي مطلب ڏانهن ڀَڄَندو ۔بظاهر ته هو توهان سان ڌوڪو ڪري ويو پر حقيقت ۾ هن پاڻ سان ڌوڪو ڪيو ۽ هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو، چوندا آهن ته بيوقوف دوست کان داناء دشمن چڱو هوندو آهي،سو ڪڏهن ڪڏهن اسان پنهجي دوستي ۾ گهڻو ڪجهه ڪنهن جي بيوقوفي جي ور چاڙهي به روئندا آهيون، بحرڪيف اسان جو ڪم نڀائڻ اڳلا ڀائين نه ڀائين، تمام پيارا ويچار ونڊ ڪيو اميد ته اثر ضرور ڪندا،
بس يار ڏاڏل ڇا ڪجي ۔۔۔۔ هي دنيا ئي اهڙي ٿي وئي آهي ۔۔۔۔ مطلبي، رشتن ناتن جو ڪنهن کي قدر ئي ناهي رهيو۔ اوهان الله کي ياد ڪيو، ان تي ڀروسو ڪيو ، اهوئي هي ٻيڙو سير مان تاريندو ۔۔۔ بلڪل لطيف سائين جي هنن سٽن وانگر: دنيا سڀ درياه ، ڪو ڪو تارو تنهن ۾ ، هڪڙي لهر لوڀ جي ، ٻيو آتش جو آڙاه ، جن ريجهايو الله ، سي تري ويا هن تار مان۔