• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حيف تني کي هوءِ وطن جن وساريو

ڪنهن دوست چيو ته قوم پرستي اسلام ۾ نه آهي .... مون ان کي اهو جواب ڏنو ته نه اهڙي ڳاله نه آهي اسلام هڪ آسماني مذهب مسلم امه لاءِ آهي ۽ اسلام ۾ ڪئي قومون اچي وڃن ٿيون وطن قوم کي ٿيندو آهي جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته وطن جي حب ايمان جو جز آهي يعني تيستائين مسلمان ايمان ۾ ڪامل نه ٿو ٿئي جيسين هن ۾ وطن جي محبت صدق دل سان نه آهي ها زندگي گزارڻ جو طريقه ڪار اسلام ٿو ٻڌائي ته پنهنجي رشتيدارن ننڍن وڏن سان ڪيئن برتاءُ ڪجي حقوق عباد پوراپورا ڪين ادا ڪجن ۽ حقو ق الله جي حفاظت ڪيئن ڪجي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي وطن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ جوکي ۽ دوکي ڏيڻ وارن جو به تدارڪ ڪندو رهجي پنهنجي وطن جي حدن جي حفاظت به ڀلي ڀت ڪجي جنهن ۾ منهنجي مرشد لطيف ۽ منهنجي سنڌ جي سڄڻ سوره بادشاه تمام بهتر انداز ۾ بيان ڪيو آهي جنهن ۾ مرشد لطيف چئي ٿوته حيف تني هوءِ وطن جن وساريو.... ۽ سورهن جو سوره بادشاه انگريز سامراج سا ن ويڙه وڙهندي چئي پيو ته وطن يا ڪفن آزادي يا موت...يعني ڌارين ،غيرن قابضن انگريزن کي چئي ٿو ته يا وطن ڏيو يا ڪفن قبوليو ۽ آزادي ڏيو يا موت قبوليو واه سنڌ جا حقيقي مالڪ تنهنجي جوش ،جذبي ولولي کي ڪروڙها سلام آ
 
ادا هي مذهب ئي ته آهي جيڪو انسان جي قدرن جي ڳالھ ڪري ٿو جي هن جا قدر ظاهري هجن يا باطني ۔ منهنجي خيال ۾ جيتري تائين منهنجي ياداشت ۾ آهي ته اسلام کان وڌيڪ ڪوو مذهب ڪونهي جيڪو وطن جي حُب جو درس ڏئي ٿو ۔
وسلام
 
Back
Top