هڪ سالڪ ڏنو هي احوالمون ٻڌو هو ته ظالم جي رسي ڊگهي آهي پر مون کي الائي ڇو ان چوڻي سمجهڻ ۾ سدائين ڏکيائي رهي آهي۔ مون کي ياد آهي ڪنهنجو قول ته( هر عمل جو ردِ عمل پنهنجي عامل ڏانهن موٽندو آهي )۔ پوءِ جڏهن آءُ سوچيندو هيس ته جي مون عمل اڄ ڪيو آهي ته ڇا ان جي سزا مونکي قيامت ۾ ملندي پر جڏهن سالڪن جو ساٿ نصيب ٿيو ته مون پنهنجي وجود ۾ ٻرندڙ ڪئي آراڻا ڏٺا منهنجي دامن ۾ باه کان سواءِ ڪجھ نه هو۔ظلم جي معنى ڇا آهي ڪنهن سي جو ان مقام تي نه هجڻ اهو هن شي سان ظلم آهي۔پوءِ جي ان جي رسي ڊگهي آهي ته هي ڪهڙو عمل آهي۔ مون کي چڱي طرح سان ياد آهي اڄ کان ڪئي سال پهريان هڪ اردو ڊرامو ايندو هو ٺيڪ اٺين وڳي شروع ٿيندو هو انتهائي شوق سان ڏسندو هيس۔ آءُ ٻاهران پيدل پر تيز رفتاري سان گهر ڏانهن وڌندو ٿي آيس ۔ رستي ۾ هڪ جاءِ تي هڪ نابينا بيٺو هو ان آواز پي لڳائي ته آهي ڪير جو مونکي هي روڊ ٽپائي۔ آءُ هڪ لمحي لاءِ رڪيس پر ان ڊرامي جو خمار سوار هوسوچڻ سمجهڻ ڇا آءُ پنهنجي پنڌ تي ان جي سڏ کي پُٺي ڏئي هلندو رهيس۔بس پوءِ ڇا هو جنهن ڊرامي لاءِ مون اهو گناه ڪيو اهو ڊرامو ويندو رهيو ۔ الائي ڪير هو ان اچي ورايو جنهن جا لفظ صرف مون ٿي بُڌا ۔ هڪ ڪالاڪ ڇا پر مسلسل رات ڀر ڪروٽون ڀريندو رهيس ۽ اهو سلسلو گهڻي عرصي تئين جاري رهيو نه جاري رهيو اڄ به ان جا گواشا مون کي ساڙيندا آهن۔ هن جا ڪيترا سوال ها جن رُڪڻ جو نالو نه ٿي ورتو مون کي اڄ به هُن جو پهريون سوال ياد آهي۔تو ڪهڙو ڪلمو پڙهيو آهي؟ تو ڪلمي جي لا تي عمل ڪيو آهي؟ الله جو حڪم آهي ته انسانن جي ڪم اچو ، الله حقوق الله ته بخشيندو پر حقوق العباد جيسيتائين بندو نه ٿو بخشي تيسيتائين الله به معاف نه ڪندو ۔ تو هي الله جي اکين جهڙي نعمت جي ناشڪري ڪئي آهي ، اکين جهڙي نعمت جو شڪر جو وقت هو جيڪو تو وڃائيو؟ ۔ هاڻي تو گهر ۾ ماني کاڌي آهي تون ڪهڙي منهن سان شڪر الحمد الله ٿو چوين ؟۔ تو کي خبر آهي ته شڪر ڇا آهي شڪر ته اهو آهي جا نعمت الله توکي جنهن مقصد لاءِ ڏني آهي ان نعمت جو ان مقام تي استعمال ڪرڻ ۔ تون جتي هن اکين جو ايترو غلط استعمال ڪندو آهي جي انهن جو خالق تو کان بينائي کسي وٺي ته تون ڇا ڪندين ؟۔ تو کي پل به ترس نه آيو هو ويچارو مُحتاج ،تو کان اکيون ته نه پيو گهري ان جو صرف ايترو ئي سوال هو جنهن توهان کي اکيون ڏنيون آهن ان جي صدقي ۾ مون کي هي رستو ٽپايو۔ جي مون کان ايترا سوال ڪو ٻيو ڪري ته شايد آءُ ان کي مطمئن ڪري وڃان ها پر سوال به منهنجا ها ڪيفيت به منهنجي هئي مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هي حالت مون سان ٿيندي ۔ آءُ اڄ به سوچيندو آهيان اها آواز ڪنهن جي آهي جيڪا اڄ به ان نابينا کي ڏسي ڪري مون کي شرمسار ڪندي آهي جڏهن ته ان کان پوءِ مون پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ جي لاءِ ڪيترا ڀيرا پنهنجي ان گناه جي معافي ان نابينا کان به ورتي آهي ان به مونکي ڪيترا ڀيرا دل جي گهراين سان دعاؤن ڏنيون آهن پر جڏهن به آءُ ان وقت کي سوچيندو آهيان ڪا آواز هوندي آهي جا مون کي شرمسار ڪندي آهي جڏهن ته اڄ آءُ ڏسندو آهيان ڪو اهڙو شخص منهنجي سامهون اچي ته آءُ ان کي رستو ٽپايان ۽ مون ڪيترا ڀيرا اهو عمل پڻ ڪيو آهي ته نابينا شخصن کي وڃي رستا ٽپايا آهن۔ آءُ سوچيندو آهيان جيڪا آواز مونکي ايترو عرصو گذرڻ باوجود شرمسار ڪري ٿي آءُ پنهنجي خالق جي اڳيان ڪهڙي شرمندگي کان گُذرندس۔ ۔ ڪيڏو نه رحيم آهي اهو پروردگار جنهن انسان جي ظاهري و باطني رهبري جو سلسلو قائم رکيو آهي۔سايد حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آهي ته جيسيتائين انسان جي رهبري ان جي اندران نه ٿي ٿئي تيسيتائين ٻهر واري هدايت ان تي اثر ناهي ڪندي۔ وسلام