ڇا کائڻ گهرجي؟ اهو کاڌو نه کائو جيڪو بتن تي چاڙهيو ويو هجي. رت ۽ انهيءَ جانور جو گوشت نه کائو جنهن کي گهٽي ماريو ويو هجي.شراب خورن مان ۽ هگڻي گوشت کائيندڙن مان نه ٿي؛ ڇالاءِ جو شرابي ۽ هٻڇي نيٺ ڪنگالپڻ کي وڄين پهچندا... ڪنهن کي غم آهي؟ڪنهن کي ڏک آهي؟ ڪير جهيڙا ٿو ڪري؟....اهي جي شراب پيئڻ ۾ گهڻو وقت گذارين ٿا.شراب پي الت نه ٿيو ڇو جو انهيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿئي ٿي، پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.خداوند عيسيٰ مسيح فرمايو ته؛جيڪي ٻاهران انسانن ۾ داخل ٿئي ٿو، سو کيس پليت نه ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اهو انسان جي دل ۾ نٿو وڃي. پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان اخرڪار ٻاهر نڪري وڃي (ائين چئي هن کائڻ پيئڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو) عيسيٰ مسيح چيو، ته جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر نڪري سو ئي کيس پليت ٿو ڪري، ڇالاءِ جو انسان جي دل مان نڇڙا خيال ٿا نڪرن. جهڙوڪ حرامڪاري، چوري، خون، زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ بيوقوفي، اهي سڀ خرابيون اندر مان ٿيون نڪرن ۽ماڻهوءَ کي پليت ڪن ٿيون.