شيرين
سينيئر رڪن
(وشال)
سج سر ۾ ٺري رهيو آهي
پاڻي ڪيڏو ٻري رهيو آهي۔
جو اکين ۾ اکيون وسامن ٿيون،
ڪير مون ۾ مري رهيو آهي۔
ڀوئر پنهنجا متان پسائين پر،
گل ڪنول جو تري رهيو آهي۔
روز ٿو هارجي ٿو سينن ۾،
ننڊ ۾ ڪو کري رهيو آهي۔
ڪو اندر ۾ ڪچو ڪري ٿو گهر،
ٽهڪ ڏئي جهڙ ٽري رهيو آهي۔
شهر سارا پيا وشال وڌن،
ڳوٺ هر هڪ ڳري رهيو آهي۔