غزل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
(وشال)​
سج سر ۾ ٺري رهيو آهي​
پاڻي ڪيڏو ٻري رهيو آهي۔​
جو اکين ۾ اکيون وسامن ٿيون،​
ڪير مون ۾ مري رهيو آهي۔​
ڀوئر پنهنجا متان پسائين پر،​
گل ڪنول جو تري رهيو آهي۔​
روز ٿو هارجي ٿو سينن ۾،​
ننڊ ۾ ڪو کري رهيو آهي۔​
ڪو اندر ۾ ڪچو ڪري ٿو گهر،​
ٽهڪ ڏئي جهڙ ٽري رهيو آهي۔​
شهر سارا پيا وشال وڌن،​
ڳوٺ هر هڪ ڳري رهيو آهي۔​
 
Back
Top