وائي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
ڪن ۾ سوني والڙي،​
گلڙن جهڙي ٻارڙي۔​
قتل ٿي وئي ڳوٺ ۾،​
چار وحشين جي هٿان۔​
ها اکين جي تارڙي۔​
قتل ٿي وئي ڳوٺ ۾۔​
هن جي جنم تي خوشي،​
پيار سان هئو پالڙي۔​
قتل ٿي وئي ڳوٺ ۾۔​
درسگاهه جي باغ جي،​
هئي ڄڻ ڪاٽارڙي۔​
قتل ٿي وئي ڳوٺ ۾۔​
ڳوٺ ساري ۾ قادر،​
هئي صفا هو نرالڙي،​
قتل ٿي وئي ڳوٺ ۾۔​
(قادر سيال جهڏائي)​
 
Back
Top