سنڌ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
منهنجي پوتر سنڌو ماتا!​
توکان گهٽ سڀ رشتا ناتا!​

تنهنجي سونهن گلابن جهڙي،​
ڌرتي پاڪ ڪتابن جهڙي۔​
سج به آهين چنڊ به آهين،​
محبت وارو منڊ به آهين۔​
رنگ به تو ۾ تو ۾ خوشبو،​
پنهنجائپ جو تو ۾ جادو۔​
سپنن جهڙي سندر آهين،​
منهنجي من جو مندر آهين۔​
تنهنجي ٻولي منجهه دعا آ​
تنهنجي مٽي منجهه شفا آ​
تنهنجا ٻچڙا جاڳيا آهن،​
ساڳيا آهن ڀاڳيا آهڻ۔​
تنهنجا هاڻي سورَ نه سهندا،​
گڏ ٿيندا ۽ متحد رهندا۔​
آزادي کي آڻيندا هي،​
عارف منزل ماڻيندا هي۔​
(خليل عارف سومرو)​
 
Back
Top