(اسان جو نمونو) ڪو به غلام مالڪ کان وڏو نه آهي، جيڪڏهن انهن مون کي ستايو آهي ته اوهان کي به ستائيندا۔ ظلم ڪري ۽ فتوى ڏيئي هنکي وٺي ويا۔۔۔۔۔۔جيتوڻيڪ هن ڪو به ظلم نه ڪيو هو، ۽ هن جي وات ۾ ڪابه ٺڳي نه هئي۔ جڏهن اهي انهي جا تي پهتا جنهن کي کوپري سڏين ٿا، تڏهن انهن عيسى ۽ ٻنهي ڏوهارين کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي عيسى چيو ته اي بابا، هنن کي بخش، ڇاڪاڻ ته هي نٿا ڄاڻن ته هو ڇا ڪري رهيا آهن۔