نثارابڙو
نائب منتظم

اٿو اٿو بکن جا ماريل اٿو!
اٿو اٿو ڏکن جا ڏاريل اٿو!
اي ڳڻتيــــن جا ڳاريل، مصيبتـــن جا ماريل،
صدين جي سازباز سان صليب تي سمهاريل،
اٿو اي وقت جا وساريل اٿو!
اٿو جو هاڻي فيصلي جو سج پيو ڪني ڪڍي،
اٿو جو هاڻ هڪ نئون جــــهان پيو جنــم وٺي،
اٿو نصيب جا ڌڪاريل اٿو!
ڏسو ته هو روايتن جا ڪاڪ محل پيا ڪرن،
ڏســو ته هـــو غلامين جا ڪوٽ ڍير پيا ٿين،
اٿو مصيبتن جا ماريل اٿو!
اٿو جو هاڻ پنهنجي هيءَ جنگ آهي آخري،
سنڀاليو پنهنجا مورچا، محاذ تي وري وري،
اٿو اي ڳڻتين جا ڳاريل اٿو!