اچ ته ڳالهين جي ڳوٺ هلون 1357 اٽيچمينٽ ڏسو خالي سٽن جي خاموشي ئي منهنجي دل جي موسم جو تفصيلي اظهار آهي. خالي سٽون ئي منهنجي ڳالهين جي عڪاسي آهن، نقش آهن، چٽ آهن ۽ زريءَ جي ڪشيده ڪاري آهن. رات سندي سانت جي سيني ۾ خنجر جيان پري کان ايندڙ انهي سٽ جي آواز جو پڙاڏو ٿو اچي: “ڇڏ نه خالي پنو ڪفن جهڙو” اهو صرف مون کي ٿو لڳي، سانت ۾ ته ڪو آواز نه ٿو گونجي. اهو منهنجو تصور آهي، تصور جيڪو تنبورو آهي، جنهن جي تارن کي يادن جون آڱريون وڄائن ٿيون ۽ ڪو عڪس تارن مان سرن جي صورت ۾ نڪري فضا ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو ۽ رات جي ستارن ۾ ٽمڪڻ ٿو لڳي. اکيون آگم جي اُميد کڻي اُڀ جي ڪينواس ۾ وڃي اٽڪيون آهن، اُڀ جي ڪينواس تي ڪنهن ڪنهن مهل مصوري ٿي ڏسجي، مصوري جيڪا روئي ته روئي به سگهي ٿي. روئي ته وسڪار ٿي وڃي، کلي ته کنوڻ ٿي وڃي ۽ گجگوڙ انهي مصوري جون اوڇنگارون ٿي لڳي! مون چوڻ چاهيو هو…. ڪجهه ٻڌائڻ چاهيو هو.. پر اهي سڀ ڳالهيون ذهن مان فرار ٿي چڪيون هيون جيڪي مون ٻڌائڻ ٿي چاهيون. ائين ئي ٿيندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪيئي ڳالهيون، خيال، سوچون، سوال، يادون، ملال ذهن ۾ گڏ ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ڪي شيون ڀانئيندي فرار ٿي وينديون آهن ۽ اهڙي ڳالهه جي ايف آءِ آر ڪنهن تي ۽ ڪٿي ڪٽرائي به ته نه ٿي سگهجي نه!؟ يادن جي آڪاش تي تارا تارا ڳالهيون پکڙجي ويون آهن، مون کي دل جو ننڍڙو انگل ياد آيو آهي، دل ننڍڙا ننڍڙا عجيب انگل ٿي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن دل به! دل به ڪو دادلو ٻار آهي ۽ دادلا ٻار دڙڪن تي دهلجي ويندا آهن، هيسجي ويندا آهن ۽ اهڙين ڳالهين تي مون دل کي ڪڏهن به دڙڪا ناهن ڏنا. دل منهنجي دوست آهي، سچ به ته روح ۾ رهيل ننڍڙو ٻار (منهنجو بچپنو) مون کي وڏو ٿيڻ ئي نه ٿو ڏئي!! “مان ماضي ۾ ئي جيئان ٿي. ماضي جو مستقبل آهي”. مون کي ياد آهي، دل کي خبر آهي. “جستجو ڪيڏي ڪيئي مون دل مگر درد جي درگاهه ۾ گم ٿي وئي”. “ هاڻي مون دل کي ڌيرج جي ڌاڳي ۾ هي ڳالهه پروئي ڏيڻ جو سوچيو آهي. دل! جيڪي ننڍا ننڍا انگل پورا نه ٿين پوءِ اهي به وڏا لڳندا آهن. پهاڙن جيڏا، پهاڙ جن جا پنڌ اوکا هوندا آهن، اهڙا پنڌ تنهنجي منهنجي وس جي ڳالهه ناهن ۽ گهڻن جي وس جي ڳالهه ناهن!! ڪڏهن ڪڏهن مون کي هڪ ڪانٽيڪٽ نمبر سـُـجهندو آهي، جتان ڳالهين جي هڙن مان بارش جون هوائون اينديون آهن. هن دفعي مون محسوس ڪيو ڳالهين جي هڙن ۾ سانجهين جون صدائون هيون، ڪانٽيڪٽ جي انهي ذريعي “بارش جي هوا جهڙين ڳالهين جون هڙون” ڳڙڪائي کاڌيون ۽ مون تائين بس “سانجهي جي صدا” جهڙي ماٺ پهتي. مون ڪجهه سمجهيو، ڪجهه نه سمجهيو! مايوسي هاڻا اهي پل ياد آيا جڏهن هڪ دلداري جي آڱر سنئين گس جو ڏس ڏيندي چيو هو: اُٿ تنهنجي ئي مستقبل وارن ڪلهن تي تنهنجي وڏن جي ماضي جو بار اچڻو آهي. اُٿ توکي حال جي رستن تان هلي اڻ ڏٺي مستقبل ڏي هلڻو آهي. پنهنجي ڌيان جي پرين کي ماڻهن جي انهن ڳالهين وٽان هٽائي ڇڏ جيڪي تنهنجي ارادي جي پيرن ۾ ڏانوڻ بڻجن. ٻڌايو مون کي جيئڻ لاءِ جڳ ملن، تڏهن به انهي احسان جو بدلو چڪائي سگهبو مون کان؟ مون سوچيو آهي رات جي پڌر تي جڏهن چنڊ پرنور پتيون نڇاور ڪندو، سوچن جي رٿ تي چڙهي محبت جي مڌو شالا وادين جي سير تي وڃبو، جتي ديس جي درد تي اجرڪن جون اکيون رت ناهن ڳاڙينديون، جتي ديس جا جهنڊا سيس نماڻي ويچارن ۾ وڪوڙيل نه هوندا ۽ جتي لهو ڳاڙيندڙ اخبارون نه هونديون. پريم جون پچارون هونديون، خبرون هونديون کـِـل خوشي جون!! دلين ۾ پريم ريت رائج هئڻ گهرجي. ڪو تيلي ٻاري دل تي رکي دل کي دُکائي ته ڀلي دُکائي،پر چپن جون مرڪون ميرانجهڙيون نه ٿيڻ گهرجن، رَت جي رشتن ۾ ڏارون نه پوڻ گهرجن، ڏک سک جا هي روحاني رشتا نه ڇڄڻ گهرجن. سهپ، ساڃاهه ۽ سڪ هٿان نه وڃي شل.
لکڻ جو انداز وڻيو۔۔ پنهنجن خيالن کي تشبيهات ۾ سمائڻ جي سٺي ڪوشش تي داد ڏيڻ سان گڏ وڌيڪ تحريرن جي اميد رکجي ٿي۔۔ جيڪڏهن هي تحرير توهان جي آهي ته توهان کي مبارڪباد۔۔
معصوم تمام سٺو لکي ٿو ، سندس مشاهدو وسيع لڳي ٿو ۔۔۔ سنڌ سلامت تي هڪ سٺي لکندڙ جو اضافو ٿيو آهي۔ سندس تشبيهات ۽ پسمنظر سان گڏ لفظن جي جوڙ ڏاڍي وڻي۔