مسيح مگسي
سينيئر رڪن
محبوب سان مڪالمو
مسيح مگسي
او جنمن جا پرين!
او اسان جا پرين!
اوهان جي ئي شهرن جي رستن مٿان،
اچانڪ اسان جي ماريا وڃون،
ناريءَ جي پوتيءَ جيان چيهاڙيا وڃون،
پوءِ اوهان جي گهٽين ۾ ماتم ٿين،
ڪارا الم گهرن تي چڙهن،
اوهان کي قسم آ ڀومي ۽ ڀٽ جو،
اسان جي مرتيي تي مرثيا نه پڙهجو،
ڪڏهن اسان جي ياد اچي به کڻي،
ٽاريءَ ٽڙيل ڦول ڇڻي به کڻي،
ته لڙڪن بجاءِ مرڪن جا موتي،
اسان جي قبر تي ارپن ڪجو،
او جنم جا پرين!
او اسان جا پرين!