• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوشش ۾ ڪاميابي

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
ڪوشش ۾ ڪاميابي

زاهده گوپانگ

1360 اٽيچمينٽ ڏسو
امتحان هال ۾ خاموشي ڇانئيل هئي، هر ڇوڪرو پنهنجي پرچي ڪرڻ ۾ مشغول هو، شوڪت امتحان جي تياري نه ڪئي هئي، رڳو ڪاپي ڪرڻ تي آسرو رکي ويهي رهيو هو، پيپر دوران هر ڇوڪري ڏانهن نهاري رهيو هو، ليڪن استاد ته مٿان پئي ڦريو. شوڪت کي ڪاپي ڪرڻ جو بلڪل وجهه نه مليو. شوڪت سان گڏ هڪ هوشيار ڇوڪرو ناصر ويٺو هو، جيڪو پڙهڻ ۾ تمام گهڻو هوشيار هو ۽ پنهنجي محنت سان هر سال پهريون نمبر ايندو هو، ت
نهن شوڪت کي ڏٺو، ته ائين ويٺو آهي، ناصر کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ سوچڻ لڳو ته: ”ڪاش! هيءُ به محنت ڪري ها، ته هن مهل سٺي طريقي سان ويهي پرچو ڪري ها.“ جلديءَ ۾ هن خيال مٽايو ۽ پنهنجي پرچي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. شوڪت کي ڪاپي ڪرڻ جو بلڪل وجهه نه مليو. جڏهن پرچي جو ٽائيم ختم ٿي ويو، ته شوڪت به بي دليءَ مان پرچو استاد کي ڏنو ۽ سوچي رهيو هو ته :”ڪاش! مان به ناصر وانگر محنت ڪريان ها.“ هو ٻاهر نڪري ٿو، ته کيس ناصر ملي ٿو، ناصر پڇيس ٿو ته : ”ادا پرچو ڪيئن ڪيئي؟“ شوڪت چپن تي ڦڪي مُرڪ آڻيندي ڪوڙ ڳالهايو ۽ چيو: ”تمام سٺو پرچو ڪيو اٿم، ڏسجانءِ ته هن سال آءُ تو کان گهڻيون مارڪون کڻندس“. شوڪت ٻٽاڪ هڻي ٿو. ناصر چيو:”ادا اهو ته تمام سٺو جو تون محنت ڪرين پيو.“ جڏهن سڀ پرچا ٿي ويا ۽ امتحان جو نتيجو نڪتو، ته ناصر سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو ۽ شوڪت هڪ پرچي ۾ به پاس نه ٿيو! جڏهن ناصر ٻاهر نڪتو ۽ شوڪت کي غمگين ڏٺائين ته شوڪت جي ڀر ۾ وڃي بيٺو ۽ چيائينس ته :”ادا ڪوڙ ڳالهائڻ تمام خراب ڳالهه آهي جيڪر تون محنت ڪرين ها، ته تو کي ان جو ڦل به تمام سٺو ملي ها.“ شوڪت ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هو، ناصر کيس ڪلهي تي هٿ رکي چيس:”شوڪت ڀاءُ مايوس نه ٿيءُ. تون ڪوشش ڪر ۽ هن سال تمام گهڻي محنت ڪر، ته تون پاڻيهي پاس ٿيندي!“ شوڪت نماڻائيءَ مان چيو ته :”ادا مان دعائون ته تمام گهڻيون گهريون هئم، ليڪن خبر ناهي ڇو.“
ناصر مرڪندي چيو: ”ڀاءُ الله سائين چئي ٿو، ته تون ڪوشش ڪر، ته مان تنهنجي مدد ڪندس، جڏهن تون ڪوشش ئي نه ڪئي، ته باقي الله تنهنجي ڪيئن مدد ڪندو؟“ ناصر جي انهن ڳالهين، شوڪت تي وڏو اثر وڌو ۽ هن ناصر سان وعدو ڪيو، ته هاڻي هو بلڪل ڪوڙ نه ڳالهائيندو ۽ محنت ڪندو.

شوڪت جڏهن ناصر کان موڪلائي گهر روانو ٿيو، ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن وارو واقعو ياد آيس، جڏهن راند ۾ مشغول هو، ته کيس ماءُ ڏاڍي پيار منجهان پاڻ وٽ گهرائي کيس پڙهڻ جي نصيحت ڪئي. هن هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هن کي ياد آيو، ته هو پيءُ ماءُ کي تمام گهڻو تنگ ڪندو هو ۽ انهن جو چيو به نه مڃيندو هو ۽ اسڪول به هڪ ڏينهن ويندو هو، ته هفتو گُسائيندو هو. اُهي ڳالهيون ياد ڪري شوڪت جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا ۽ هو دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته : ”هاڻي مان محنت ڪندس، تمام گهڻي محنت جيئن اڳتي وڌي سگهان.“ اهو سوچيندي هو گهر ۾ گهڙي ٿو. ماءُ ڏسي ٿي پنهنجي پٽ کي ته اچي پڇي ٿي: ”شوڪت پٽ! پاس ٿئين؟“ شوڪت جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا ۽ ماءُ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ ماءُ کي چيائين: ”امان، مان تنهنجي ۽ بابا جي دل ڏکائي هئي. توهان جو چوڻ نه وٺندو هئس، جيڪو ماءُ پيءُ جي دل ڏکائيندو آهي ۽ چوڻ نه مڃيندو آهي، اهو ڀلا ڪيئن ٿو ڪامياب ٿي سگهي. امان مون کي معاف ڪر.“ شوڪت، ماءُ کان معافي ٿو گهري ۽ ماءُ به کيس معاف ٿي ڪري ۽ هو ماءُ کي وڌيڪ چئي ٿو:“ امان مان محنت ڪندس ۽ اڳتي وڌندس، ها محنت ڪندس.“ هو ڊوڙندو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿو ۽ پنهنجي ڪورس جي ٽڙيل پکڙيل ڪتابن کي ڇنـڊي سيني سان لائي ٿو ۽ پڙهڻ شروع ڪري ٿو. شوڪت ٻئي سال تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر آيو.

(زاهده گوپانگ گذريل پندرنهن سالن کان گوشانشيني واري زندگي گذاري پئي۔جوان ڀا جي شهادت، دوستن جهڙي پي جي وفات سنڌ جي هن اديبه جو اندر اڌو اڌ ڪري ڇڏيو۔هن وقت ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ رهي ٿي، تعليم کاتي ۾ ملازم آهي، اصل قمبر شهر جي رهواسڻ آهي،۔)
 
تمام سٺو اهو سچ آهي ته جيڪڏهن ما پي جو دل ڏکائجي ٿو ته انسان دلي سڪون کان محروم ٿي وڃين ٿو اسان کي گهرجي ته پڙهي لکي پنهنجي ما پي جو نالو روشن ڪيون ۽ کيس انهن کي تنگ به نه ڪيون ما ۽ پي جي دل مان نڪتل بدعا تمام ڏکي آهي۔
 
Back
Top