اڄ ايڪسپو ۾ ڪتابن جي ميلي جو آخري ڏهاڙو هو پر رونق پهرين ڏينهن واري هئي۔ جيڪا روبرو دوست سليمان وساڻ ڏٺي ۽ حال احوال ڏنا۔ ڪلهه وڃي ٿي آياسين پر اڄ وري دل چيو وڃڻ تي۔ سو فئملي سان وڃي ڏٺم۔ ڏاڍي خوشي ٿي ته اڃان به اڻ کُٽ ڪتاب دوست ماڻهو آهن جيڪي ڪتابن جو ذوق رکندي هتي اچن ٿا۔ حيرت ته تڏنهن ٿي جڏنهن سيڪيرٽي جي ڪري واڪ ٿُرو گيٽ پاس ڪرڻ لاءِ هڪ ماڻهو اڌ منٽ پئي لڳايو ٻاهر وڏي قطار لڳي ٿي وئي ماڻهن جي۔ اندر ٻه اصل اهڙي رش جو ڪٿي ڪٿي هلڻ جي به جاءِ نه هُجي۔ توڙي جو انگريزي ڪتابن مهانگا پر وڪرو به گهڻو هو پر اردو وارا به گهٽ نه هئا۔ جتي رعايت ۽ وڪرو ٻئي گهڻا هئا۔ اسان وارن همراهن مان به سنڌي ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويو۔ جتي رعايت نه گهڻي نه ٿوري ۽ وڪرو به مناسب هو۔ سنڌيڪا، سنڌ لئنگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن جا اسٽال ڏسڻ وٽان هئا۔ پاڪ تُرڪ اسڪول پاران لڳايل اسٽال تي ويل تُرڪ ڇوڪريون مون واريون ٻئي ننڍڙيون هليون ته شؤق مان پر جلدي ٿڪي پيون اردو ڪتابن جي مشهور پبلشر مڪتبه عمران ڊائجسٽ وارا۔ هنن وٽ ڪتابن تي ڪافي رعايت هئي اردو ڪتابن تي 50 فيصد رعايت به نظر آئي لبرٽي وارن وٽ وڏي ڪليڪشن نظر آئي پر اسان پيرامائونٽ تان ئي خالي ٿي آياسين سنڌي ڪتابن جو وڏو اسٽال
https://www.facebook.com/video.php?v=527875813891364 منهنجي ننڍڙي فائقه پاڪ تُرڪ اسڪول پاران لڳايل ٻارن جي اعتماد کي جانچڻ لاءِ لڳايل هڪ اسڪرين تي نالو لکڻ ۾ به حضو ورتو۔ جتي پروجيڪٽر نما هڪ وڏي ٽچ اسڪرين لڳل هئي ۽ پين مائوس سان لکيو پئي ويو۔ تُرڪ همراهن ٻارن جي وڏي همت افزائي پئي ڪئي۔ نثارابڙو ۽ ذيشان رشيد اوهان به ڏسو
ادا جيڪر تصويرون نظر اچن ھا ته چئون ھا ته اسان به اھا ڪتابي نمائش گھر ويٺي ڏٺي۔ پر ادا سليمان وساڻ ضرور انھن تصويرن جو ديدار ڪرائيندا
ادا سجاد علي چنا هاڻي ڏسو ڀلا۔ اميد ته سير ٿي ويندو۔ Abdul Wahid Soomro ادا سليمان وساڻ تصويرون ڏيکاري ها ته هِن ايتري جوکي ۾ پئون ئي نه ها۔ بس هاڻي ڏسي وٺو۔
ڳالهه وڻي .... تصويرون ته موبائيل تي به سهي پيون نظر اچن... موبائيل تان سنڌي لکي رهيو آهيان .. سو به بغير ڪنهن پلگ ان جي انسٽاليشن جي...
ڪتابن جو عالمي ميلو ۽ مان محمد سليما وساڻ ڪتاب اسان جا سڀ کان بهترين دوست آهن،جيڪي نه بيوفائي ٿا ڪن ۽ نه ئي وري ساٿ ڇڏي ٿا ڏين. ڪتاب ئي آهي جنهن ذريعي اسان تعليم پرائي پنهنجي زندگي سنوارڻ جي شروعات ٿا ڪيون. مونکي تاج صحرائي جون سٽون ياد ٿيون اچن، هو چوي ٿو : ڪتاب ئي زندگيء جا بهترين ساٿي آهن. ڏسڻ ۾ ته ڪيترا گونگا، ٻوڙا، انڌا، منڊا ۽ بي جان لڳن ٿا، مگر اکين ۽ اکرن وارن لاء جان آهن، پساهه آهن، سڏڪا ۽ ٽهڪ آهن، ننڊون ۽ اوجاڳا آهن، زندگيء جون لاهيون ۽ چاڙهيون آهن. مطلب ته ڪتابن ۾ انسان پنهنجي خوبين ۽ خامين سان لڪل ۽ ظاهر آهن. ڪتابن جو شوق ته پراڻي زماني کان آهي. مونکي ياد آهي ته يونيورسٽي جي دور ۾ اسان جا درسي ڪتاب لائيبرري ۾ ڪونه ملندا هئا، اهي ڪتاب اسان کي گهڻو ڪري خريد ڪرڻا پوندا هئا. پر مان لائيبرري وڃي سنڌي ادب، شاعري ۽ ان سان لاڳاپيل ڪتاب وٺندو هوس ۽ هر هفتي ٻه ڪتاب پڙهي واپس ڪري وري ٻيا نوان ڪتاب وٺندو هوس ... شايد اهوئي دور هيو جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪتاب پڙهيا. پوء وقت جي رفتار سان گڏ ڪتابن پڙهڻ وارو ڪم گهٽبو ويو، ان جا به ڪيئي سبب هئا؟ وقت جي گهٽتائي، مصروفيتون، سوشل ميڊيا ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ پنهنجي سُستي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي ڪم ڪندي ٻيهر ڪتاب پڙهڻ جو وقت ڪڍندو رهيس ۽ وري ڪتابن ڏانهن واپسي ٿي. هاڻي سنڌي ڪهاڻي، شاعري، ناول سان گڏ سياست ۽ فلسفي جا ڪتاب به پڙهڻا پيا، ان سان گڏ آتم ڪٿا ۽ تاريخ سان گڏ اسلامي ڪتابن جو مطالعو به ٻيهر شروع ڪيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪراچي ۾ عالمي ڪتابن جو ميلو ايڪسو سينٽر ۾ باقائدگي سان لڳي رهيو آهي ۽ منهنجي آفيس سامهون هجڻ ڪري مان هر سال ان ميلي ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهيان. هن سال به 6 ڊسمبر کان 10 ڊسمبر تائين اٺين عالمي ڪتابن جي ميلي جو انعقاد ٿيو. ڇو ته ڪتابن سان منهنجي دوستي ۽ لڳاء گهٽجي ويو هو تنهنڪري مان اهوئي سمجهي رهيو هوس ته شايد سڀني سان ايئن ئي آهي ۽ ماڻهن ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن. پر هن ميلي ۾ پهچي منهنجا ۽ منهنجي دوست حفيظ لغاري جا اهي خيال هوائي لڳا. ڇو ته پهريون دفعو مون ڪتابن جي ميلي لاء ماڻهن کي قطار ۾ بيهندي ڏٺو. تمام گهڻي رش، عورتن، ٻارن ۽ فيمليز جو ايڏو وڏو تعداد يقينن خوشي جو سبب بڻجي رهيو هو ته ماڻهو اڃان به ڪتابن سان چاهه رکن ٿا. پهرين ڏينهن ميلي ۾ نمائش سان گڏ ڪراچي يونيورسٽي جي شاهه لطيف چيئر پاران شاهه جي گنج جي الف ب وار رسالي جي مهورتي تقريب به رکيل هئي. مان ٽئي هال گهمندو آخر ۾ سنڌي ڪتابن جي اسٽال تي پهتس جتي اياز جاني، سائين نواز علي شوق، رخمان گُل پالاري ۽ ٻين دوستن سان ملاقات ٿي. ڪجهه ڪتاب به خريد ڪيا ۽ واپس اچي پروگرام جي مهورتي تقريب ۾ شامل ٿيس پر افسوس ٿيو جو ساڍي پنجين بجي شروع ٿيندڙ تقريب ستين بجي تائين به شروع ٿي نه سگهي ۽ مونکي ڪنهن ٻئي پروگرام ۾ ڪيل واعدي موجب شرڪت ڪرڻي پئي ۽ هي مهورتي تقريب مونکان رهجي وئي. آچر جي ڏينهن دوست حفيظ سان گڏ ٻيهر وڄڻ ٿيو پر الامان ايڏي رش جو گهمڻ ۾ به ڏکيائي پئي پيش آئي. سنڌي ڪتابن جا اسٽال مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، شاهه لطيف چيئر ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران لڳايا ويا هئا، جڏهن ته اسلامي ڪتابن ۽ اردو جي ڪتابن سان گڏ انگريزي ۽ ٻارن جي ڪتابن جا اسٽال ته لاتعداد هئا. مون اهو محسوس ڪيو ته سڀ کان مهانگا ڪتاب ته انگريزي جا هيا، انهن کانپوء سنڌي جا ڪتاب گهڻا مهانگا لڳا، ان جي نسبت اردو جا ڪتاب سٺي رعائتي اگهن تي ملي رهيا هئا. مون انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه سان گڏ ڪجهه وڌيڪ ڪتابن جي خريداري ڪئي ۽ حفيظ پڻ. اهڙي ريت واپسي ٿي. آخري ڏينهن تي سنڌي لينگوئيج اٿارٽي پاران هڪ تقريب منعقد ٿيڻي هئي ته اسان اردو وارن کي سنڌي کو ڪونه سيکاري سگهياسين. پر ڪنهن ذاتي ڪم سبب دير ٿي وئي پر اسان جو دوست شبير لاشاري ان ۾ شريڪ ٿيو سندس تاثرات هيٺ ڏجن ٿا: تقريب ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين ، تاج جويو ،پروفيسر سليم ميمڻ ، اعجاز قريشي سان گڏ اردو اديب ، دانشور ۽ ڪافي سنڌي ادب دوست شريڪ ٿيا ۔ تقريب ۾ اردو اديبن تنقيد قبول ڪئي ته هنن سنڌ ۽ زبان لاء ڪجهه نه ڪيو آهي ۔ سنڌي دانشورن چيو ته هنن وڏي ڪوشش ڪئي ، ڪلاس هلايا پر سالن تائين به ٻار پڙهي نه سگهيا۔ هنن چيو ته پٺاڻ اچن ٿا ۽ ٿورن مهينن ۾ اردو سکي وڃن ٿا، اسان جي سنڌي دانشورن کي اڃان هي ڳالهيون سمجهه ۾ نه آئيون آهن ته ۔۔۔۔ اسان جا سنڌي اديب ٻارن لا۽ لکڻ ته ٺهيو ڪنهن سان ڳالهائڻ لا۽ به تيار ناهن۔ رڳو اڪيلو اڪبر جسڪاڻي ٻارن لاء لکندو رهيو ۽ فوت ٿي ويو۔ مارڪيٽ تي جيڪا زبان قابض هوندي آهي ، زبان اها ئي هلندي آهي. اسان وٽ ته معيشيت جو ماهر ڪير به ڪونهي ۔ وڏي مهرباني سراج ميمڻ صاحب جي جنهن سنڌ جي مختصر اقتصادي تاريخ لکي ، ان ڪري گّذارش آهي ته معيشيت ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن طرف توجهه ڏيڻ تمام ضروري آهي۔ ان کان سواء اردو وارا پنهنجن پڙهيل لکيل ، دانشورن جي انتهائي عزت ڪندا آهن پر اسان پنهنجي تجربي کي اڇلائي ڦٽو ڪندا آهيون۔ مونکي اسلامي ڪتابن جا تمام گهڻا اسٽال ۽ سستا اسٽال نظر آيا، انهن تي رش به تمام گهڻي هئي. ان جي نسبت سنڌي ڪتابن جي اسٽال تي اهڙي رش ڪانه هئي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻارن کي سنڌي ڪتاب خريد ڪندي ڏسي مونکي حد درجي جي خوشي ٿي رهي هئي ته اسان جي ايندڙ نسل به ڪتابن سان پيار ڪري ٿي. اهڙي طرح هي تاريخي ڪتابي ميلو پنهنجي اختتام تي پهتو. هتي ڪيترن ئي ويبسائيٽس، تنظيمن جااسٽال به لڳل هئا. مان اميد ڪندس ته سنڌ سلامت جي ٽيم ايندڙ ميلي ۾ پنهنجي اسٽال سان گڏ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي. وقت ڪافي آهي دوستن کي سوچڻ ۽ رايا ڏيڻ جا حق آهن. اچو ته ڪجهه تصويرون ڏسون: 1362 اٽيچمينٽ ڏسو
تمام سٺو ۔۔۔۔ اوهان سان گڏ موبائيل ۾ ورتل تصويرن وارو البم ڊليٽ ٿي ويو پر ان کان اڳ واري ڏينهن جون تصويرون ڪيمرا ۾ محفوظ هيون۔ تنهن ڪري هڪ ننڍڙي رپورٽ حاضر آهي۔ ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪتابن جو عالمي ميلو ۽ مان
هاڻي نظر اچن پيون تصويرون۔۔۔ اهڙو ته سهڻي نموني سير ڪرايو اوهان، جو ڪتابن جي ميلي ۾ نه وڃڻ جو ارمان ڪجهه گهٽيو۔۔۔
سنڌي علم ادب جي سڏ تي پهچندڙ سهڻن دوستن کي سلام ۔۔۔۔ بيشڪ اسين سنڌ جي علمي ڪاوشن جو قدر ڪري ئي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪريونٿا ۔۔۔۔ ان عمل سان علم وڌي ٿو ۽ ٻولي طرقي ڪري ٿي ۔۔۔۔ سلامتيون هجن اوهان دوستن تي ۔۔۔۔
پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ادا وساڻ صاحب افسوس جو مان ايڪسپو سنٽر ڪراچي جي ڀرسان رهندي به انهيء ميلي ۾ وڃي نه سگهيس، جنهن جو شايد تيسيتائين ڏک رهندو جيسيتائين ڪو ٻيو اهڙو ڪتابي ميلو ايڪسپو سينٽر م لڳي، ادا اوهان وانگر مون کي به ننڍپڻ کان ڪتابن جو تمام گهڻو شوق رهيو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ جنهن عمر ۾ ٻار پنهنجي جيب خرچي مان شيء وٺندا آهن، مان ته انهن ڏينهن ۾ به خرچي بچائي ڪري ڪتاب وٺندو هئس، يا پوء دادو علامه آء آء قاضي لائبريري ويندو هئس، ۽ زندگي ۾ پهريون ڀيرو منهنجو دوست رضوان قريشي صاحب انهيء لائبرير ۾ وٺي ويو هو، ادا توهان ڪتابن جي حوالي سان سائين تاج محمد صحرائي ميمڻ صاحب جي ڳالهه ڪئي آهي، ان ڳالهه تي مون کي پنهنجو وقت ياد اچي ويو جڏهن مان پنهنجي دوست ۽ روحاني استاد سائين حافظ خليل صاحب وٽ وڃي ڪري ويهندو هئس، ۽ اتي ڪڏهن ڪڏهن سائين تاج محمد صحرائي صاحب به کيس وٽ ايندا هئا (۽ سندن 1952ع کان دوستي هئي، ۽ انهن عالمن اديبن جو هو وڏو گروپ هوندو هو، جنهن ۾ سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري، ۽ سندس ڀاءُ ليکڪ ۽ محقق حاڪم شاهه بخاري، سائين غلام حيدر جمالي، امام بخش گهرياڻي، عثمان ميمڻ بشير سيتائي، نواز رڪڻائي، علامه احمد مجتبه غالب ملڪاڻي، سابقه سنڏ جو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه شامل هئا ،) ۽ هڪ دفعه سائين تاج صحرائي صاحب مون کي چيو هو ته پٽ پڙهڻ ڪڏهن به نه چڏجان، توڙي توکي ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پوي، ۽ ماڻهون پڙهڻ سان ئي زندهه رهندو آهي۔ ۽ مان جڏهن هن دفعا دادو عيد ڪرڻ ويس ته پنهنجي والدين جي قبر تي دادوءِ جي وڏي قبرستان لعلهندي قبرستان ويس ۽ اتي پنهنجي والدين جي قبر تي فاتحه پڙهي ڪري سائين تاج صاحب جي قبر تي به فاتحه پڙهي، جڏهن ته صحرائي صاحب مذهب آخرت تي يقين نه رکندو هو، باقي ته خبر خدا کي، ڇو جو ڳجهه ته رب جي ذات ئي ٿي ڄاڻي، بقول شاهه صاحب ته۔۔۔ ظاهر ۾ زاني فڪر منجهه فنا ٿيا۔
توهان سڀني دوستن جون خوشيون ، الله سائين اوهان کي هميشه راس ڪري۔ ان بين القوامي ڪُتب ميلي کي ڏسندي ڪري ڪوئيٽا وارن کي به خيال آيو ته ڇو نه وادي ڪوئيٽا ۾ به پڙهڻ جو شعور پيدا ڪجي۔ 8 ۽ 9 ڊسمبر تي ڪوئيٽا جي بلوچي اڪيڊمي جي بلڊنگ ۾ (هت سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ۽ ڪجه سالانه پروگرام به ٿيا آهن ) ڪُتب ميلو رکيو ويو۔ وقت صبح 10 کان شام 5 وڳين تائين رکيو ويو هو ۔ 8 تاريخ سوير سنبرڻ لڳس ته گهرواريءَ اک ڪَرڙي ڪندي پڇيو خير آ جو موڪل واري ڏينهن ايڏو سوير سنبروٽي آ ؟ مون کي شرارت سُجهي چيو مانس ته عشق ڪرڻ ٿو وڃان ، وراڻي ملي ته چور چوري سي جائي ليڪن هيرا ڦيري سي نه جائي ۔ چانهـ ڍڪ پيئندو گهران تڪڙو نڪتس ايئن نه ٿئي جو پسند وارو ڪتاب ختم ٿي وڃي ۔ سواءِ ڏهين وڳين پهتس ته همراه نئين ليکي ڪتاب دٻن مان ڪڍي رهيا هيا ۔ مجبورن ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻو پيو۔ ٽن پبلشرز پنهنجا اسٽال لڳايا ، مُهردار، بلوچي اڪيڊمي ۽ آساپ ۔ مُهردار وارن جا ڪتاب سڀ کان گهڻا هيا تقريبن سواسو کن هيا جن ۾ درجن کن انگريزي ۾ جي انگريزن بلوچستان جي باري ۾ لکيو آهي۔ باقي سڀ اردو ۾ اڌ کان وڌيڪ رشين لٽريچر ترجمو ٿيل هو اردو ۾ تاريخ بلوچستان لالا هوتو رام جوڪتاب هو ۔ ٻاراڻي ادب ۾ صرف هڪ ڪتاب چهچَي نظمن جو ڪتاب عين سلام جو لکيل هو۔ سعادت حسن منٽو ڪرشن چندر ۽ عصمت چغتائي جا به ڪتاب پيل هيا ، مُهردار پبليڪيشن جي اسٽال تي 95 فيصد ڪتاب لاهور وارن جا هيا ۽ ٽي ڪتاب قلات پبلشرز ڪوئيٽا جا هيا۔ بلوچي اڪيڊمي تي 50 کن ڪتاب هيا جن ۾ 1962 جا ڇپيل ڪتاب به هيا ، هت تقريبن 13 ڪتاب ڊاڪٽر شاه محمد مري جي لکيل آهن ، هن جي لکائي هِتان هُتان جي ڪليڪشن ئي آهي هن اسٽال تي هڪ ڪتاب گپ ترُان سنڌي بلوچي ڳاله ٻوله آهي عبدلخالق خالد ( عبدالخالق) جو لکيل آهي ، جنهن جا ٻه اکر پروفيسر عبدالستار بلوچ سربراهـ سنڌي شعبو مراد ميمڻ ڊگري ڪاليج ملير ڪراچي جولکيل آهي۔ هت ٻاراڻو ادب ڪو نه هيو ۔ ٽيون اسٽال آساپ وارن جو ڪل ڇهـ ڪتاب جي ٺل جيڪب آباد جي نوجوان عابد مستوئي جا لکيل هڪ ۾ ننگر چنا (چنو) به شامل اٿس۔ مهردار وارن وٽ ڪتابن تي رعايت 25 ، 40 ۽ 50 فيصد هئي ۔ بلوچي وارن وٽ 50 ۽ آساپ وارن وٽ 70 فيصد رعايت هئي۔ ڪو ڪتاب نئون نه هيو منهنجي پسند جا ڪتاب تقريبن مون وٽ هيا خالي هٿين موٽڻ به مناسب نه هيو ۔ پنهنجي لاءِ گپ تران ورتم ٻارن لاءِ چهچهي ، لالا هتورام جو ڪتاب نيئن گيٽ اپ سان هو اهو خريد ڪري مو ٽي آيس ۔