اڄوڪو ڏينهن 11 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

'ڊسمبر' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 11 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    11 ڊسمبر 1913ع سياستدان محمد امين کوسي جو جنم ڏينهن آهي.
    11 ڊسمبر 1922ع باليووڊ جي ناليواري فلمي اداڪار دليپ ڪمار / محمد يوسف جي پشاور ۾ پيدائش ٿي.
    11 ڊسمبر 1934ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    11 ڊسمبر 1939ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جو جنم ٿيو.
    11 ڊسمبر 1956ع اداڪاره سنيتا نارواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    11 ڊسمبر 1957ع صحافي مظهر علي لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
    11 ڊسمبر 1959ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نياز حسين نياز ميمڻ جي پيدائش ٿي.
    11 ڊسمبر 1960ع پروفيسر ڊاڪٽر امداد سهتو جي سيٺارجا ۾ پيدائش ٿي.
    11 ڊسمبر 1986ع سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    11 ڊسمبر 1926ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ديوان همت راءِ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
    11 ڊسمبر 1984ع شاعر ۽ صحافي محمد يعقوب نياز وفات ڪري ويو.
    11 ڊسمبر 1985ع ملهه ۽ ريسلنگ جي راند سان واسطو رکندڙ پهلوان انب شيدي جو انتقال ٿيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 ڊسمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 11 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪري سنڌ سان وڏي ويساهه گهاتي ڪئي۔ سائين جي ايم سيد جي ڪتاب سنڌ ڳلالهائي ٿي مان ورتل ٽڪرو جن ميمبرن حمايت ۽ مخالفت ڪئي۔


    14 آڪٽوبر 1954ع تي ون يونٽ جو قيام عمل ۾ آيو هو، ۽ سنڌ اسيمبليءَ کان 11 ڊسمبر 1954ع تي “ون يونٽ” جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو هو. جيئن ته هيءُ واقعو تاريخ جو رڪارڊ آهي، ان ڪري بهتر سمجهان ٿو ته سنڌ اسيمبليءَ جي رڪارڊ مان “ون يونٽ” جي حمايت ڪندڙن ۽ مخالفت ڪندڙن جا نالا هتي پيش ڪريان. سنڌ اسيمبلي جي 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن فائدي ۾ ووٽ ڏنو ۽ فقط چئن مخالفت ۾ [ڪجهه ميمبر موڪل تي هئا، ڪجهه ميمبريءَ جون جايون خالي هيون ۽ آئون جيل ۾ هئس.]
    مخالفت ۾ ووٽ ڪندڙ ميمبر:
    (1) عبدالحميد خان جتوئي (2) غلام مصطفى خان ڀرڳڙي، (3) پير الاهي بخش ۽ (4) شيخ خورشيد احمد.
    حمايت ۾ ووٽ ڪندڙ ميمبر :
    عبدالله خان مهيسر، عبدالفتاح ميمڻ، عبدالمجيد خان جتوئي، قاضي عبدالمنان ،ڄام بشير احمد ڏهر، مير احمد خان ٽالپر، احمد خان راڄپر، احمد خان ڀٽو، مير احمد خان پٺاڻ، ٺڪر آئيدان سنگهه، بيگم عائشه عزيز، علي اصغر شاه شيرازي، مير علي احمد ٽالپر، علي بلاول خان ڊومڪي، سردار علي گوهر خان مهر، علي گوهر کهڙو، علي حسن منگي، علي محمد راشدي، علي نواز خان ڌاريجو، مير علي نواز خان ٽالپر، پير عالي شاه جيلاني، ڄام اميرالهه بچايو خان، علڻ خان لغاري، امير بخش مهر، ڄام امير علي خان، آغا بدر الدن دراني، مير بنده علي خان ٽالپر، ڌرمداس موٽو مل، دوست محمد هڪڙو، فيض محمد صندل، فقير محمد انڙ، حاجي فضل محمد خان لغاري، حاجي غلام علي ميمڻ، حاجي خان محمد مري، سيد غلام حيدر شاه ولد حاجي پير شاه، سيد غلام حيدر شاهه ولد نواب شاهه، غلام قادر ناريجو، غلام نبي ڏهراج، غلام رسول خان جتوئي، غلام رسول شاهه جيلاني، غلام رسول ڪيهر، سيد گل محمد شاهه، حاجي گل محمد کيڙو، گل جي مينگهواڙ، حامد حسين فاروقي، مير امام بخش ٽالپر، مير جعفر خان جمالي، جان محمد ڀائي خان، قادر بخش تنيو، سيد ڪرارو شاهه، سيد خير شاهه، خان محمد بوزدار، محبوب شاهه پير رسول بخش شاهه، مامون خان ملڪاڻي، سيد مهر علي شاهه، موسى خان ٻگهيو، حاجي مولا بخش، سيد مبارڪ علي شاهه، قاضي محمد اڪبر، سردار محمد قمر علي شاهه، محمد اشفاق، مير محمد بخش ٽالپر، محمد بخش خان سرڪي، حاجي پير محمد حسن بخش، سيد بخش خان سرڪي، حاجي محمد حيات جوڻيجو، سردار جعفر خان بليدي، پير مهدي شاهه جهنڊي وارو، محمد يوسف چانڊيو، مخدوم طالب المولى، سيد محمد زمان شاهه بقادار شاهه، حاجي نجم الدين لغاري، نصير محمد مدواڻي، سردار نور محمد بجاراڻي، نورمحمد راهمون، سيد نور محمد شاهه، رحيم بخش سومرو، رسول بخش جوڻيجو، روپچند چيلا رام، روپچند لوهاڻو، حاجي صادق علي ميمڻ ، ڊاڪٽر سعيد الدين صالح ، سيف الله خان مگسي، پير صالح شاهه، سنڀو مل لوهاڻو، سوائي سنگهه سوڍو، شاهنواز پيرزادو، شاهه نظر حسين شاهه، شاهل خان کوسو، ملڪ سڪندر خان هملاڻي، سيرو مل ڪرپال داس، سلطان احمد چانڊيو، سردار مير سندر خان سندراڻي، بيگم طاهره آغا، مسٽر ٽيئون مل، توڳاچي مير محمد نوهڙي، عثمان خان ملڪاڻي، نواب زاهد علي خان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ون يونٽ بابت شامل ٿيل تاريخي ڄاڻ جا ٿورا ۔۔۔

    هن ليک مان ڪيتريون ئي شيون واضح ٿين ٿيون
    1. سنڌ سان غداري ڪندڙ خاندان ساڳيا ئي هلن پيا ... صرف پيئرن جي جاءِ تي پٽ اچي ويا آهن
    2. ڀل ڪيتري به اڪثريت سان ڪنهن ظلم کي ٿاڦيو وڃي پر جڏهن عوامي سگهه مڙي مٺ ٿيندي آهي ته سڀ ظلم جا قانون ڀڄي ڀورا ٿيندا آهن.
    3. اڄ جي حڪمرانن کي پڻ ان مان سبق پرائڻ گهرجي
    4. سنڌ اسيمبلي هميشه سنڌين سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اسانجون مٿيون طبقو، وڏيرو، جاگيردار ۽ پير مير ان اسيمبليءَ ۾ چونڊجي اچي ٿو، جڪيو پاڪستاني فوج کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي ڪرسي بچائڻ خاطر سنڌ کي نيلام ڪري ٿو.

    پر پوءِ به جڏهن عوامي ۽ قومي سگهه گڏ ٿئي ٿي ته وڏا وڏا ڪوٽ ڪري پون ٿا ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين نثار : سنڌ اسيمبلي جي سنڌ سان پهرين ويساهه گهاتي اها آهي جڏهن هنن پاڪستان جي حق ۾ قرداد پاس ڪئي ... ۽ پوء اهو تسلسل هلندو ٿو رهي. ان جي تازه ترين ڪڙي موجوده اسيمبلي پاران مڙهيل ٻٽو نظام آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هڪ ٻه ڏينهن پهرين مون ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ لڳل بڪ فيئر حال نمبر 1 ۾ سنڌيڪا جي بڪ اسٽال تي ون يونٽ بابت هڪ ڪتاب ڏٺو هو جيڪو مون کي پسند به آيو هو۽ ٻين ڪتابن وٺڻ سان گڏ هي ڪتاب به وٺڻ تي هئس، مگر ان وقت جيب اجازت نه ڏني۔ خير اهيو ڪتاب پوء وڃي خريد ڪري ايندس۔ انشاءالله۔ سائين ون يونٽ کي وجود ۾ آڻي ڪري سنڌ دشمن ماڻهن سنڌ جي خود مختياري کي وڏو ڌڪ رسايو هو، جنهن ۾ اسان جا پنهنجا سنڌي به هئا، جيڪي انهن سنڌ دشمنن جا ساٿاري هئا، هت ون يونٽ جي مطلق ڪجهه مقالن جون لنڪون پڻ هت ڏجن ٿيون جيڪي پڻ پڙهڻ وٽان آهن۔



     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    بهترين سلسلو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو