دنيا جي عظيم فلسفي & مفڪر ڪارل مارڪس جي زندگي ڪيئن گزري

'مختلف موضوع' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2012۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    دنيا جي عظيم فلسفي & مفڪر ڪارل مارڪس جي زندگي ڪيئن گزريHome
    سعادت حسن منٽو/اختر حفيظ
    سموريون نظرون اڄڪلهه روس تي ڄميل رهن ٿيون. اڄ کان پهرين به ڄميل رهنديون هيون پر انهن نظرن ۾ ٺٺول جي هڪ جهلڪ هئي،هڪ قسم جو مذاق هو. يورپ ۾ سياست جي ٽيڙي ٽوپي پائيندڙ جوان مزدورن جي جدوجهد ڏسندا هئا ۽ چپن ۾ مُرڪندا هئا. روس ۾ صدين جي غلامن جڏهن پنهنجين زنجيرن جو لوهه ڳاري ڳاري هڪ نئين سلطنت جي بنيادن کي پيارڻ شروع ڪيو ته آزاد قومن ڪئين ڀيرا انهيءَ تي ٺٺول ڪئي. پنهنجو گهر صحيح ڪرڻ لاءِ جڏهن انهن ماڻهن گرمجوشي جو اظهار ڪيو ته ٺهيل ٺُڪيل ۽ سِينگاريل گهرن ۾ رهندڙ کلندا رهيا.[​IMG]اها ڪوشش جيڪا ڪڏهن ديوانگي سمجهي ويندي هئي، اها جدوجهد جيڪا ڪڏهن ناممڪن ۽ بي ثمر يقين ڪئي پئي ويندي هئي، اها سلطنت جيڪا ڪڏهن مزدورن جي خام خيالي سمجهي ويندي هئي اها وجود ۾ اچي وئي.سياست جي ٽيڙي ٽوپي پائيندڙن مذهب جو وڏو جُبو پائيندڙن،آزاد ۽ غلام قومن، ڇڳل جهوپڙين ۽ عاليشان محلن ۾ رهندڙن اهو معجزو پنهنجي اکين سان ڏٺو،جنهن کي ”سوويت روس“ چون ٿا. سوويت روس هاڻ خواب ناهي، خام خيال ناهي، چريائپ ناهي هڪ ٺوس حقيقت آهي. اها ٺوس حقيقت جيڪا هٽلر جي فولادي ارادن کان ڪئين هزار ميل ڊگهي جنگي ميدانن سان ٽڪرائي ۽ جنهن فاشيت ،لوهي فاشيت جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. اها اُها اشتراڪيت هئي جيڪا ڪڏهن مٿي ڦريل ڇوڪرن جي راند سمجهي ويندي هئي، اها اشتراڪيت جنهن سان يورپ جي ڪيترن ئي پاڪيزگي پسند قومن هڪ رنڊي جهڙو ورتاءُ ڪيو. اها اشتراڪيت جيڪا مذهب ۽ انسانيت لاءِ شرم جو سبب سمجهي ويندي هئي. اڄ روس جي وسيع ميدانن ۾ بيمار انسانيت لاءِ اُميد جو هڪ ڪِرڻو بڻجي چمڪي رهي آهي. اِها اُها اشتراڪيت آهي جنهن جو نقشو اڄ کان تقريبن ڏيڍ سئو سال اڳ ڪارل مارڪس تيار ڪيو هو. احترام لائق آهي اهو انسان جنهن پنهنجي ذات لاءِ نه، پنهنجي قوم لاءِ نه، پنهنجي نسل لاءِ نه، پنهنجي ملڪ لاءِ نه پر سموري دنيا لاءِ ۽ سموري انسانيت لاءِ برابريءَ ۽ ڀائيپيءَ جو ذريعو ڳوليو. جهڙي ريت گپ ۾ ڪنول ٽڙندو آهي اهڙيءَ ريت سرمائيدار يهودي جي گهر ۾ سرمايو شڪن ڪارل مارڪس پيدا ٿيو. 5 مئي 1818ع ۾ اڃا ٻار ئي هو ته هن بابت پيءُ اها راءِ قائم ڪري ورتي هئي ته وڏو ٿي شيطان ٿيندو. ڪارل مارڪس وڏو ٿي شيطان نڪتو يا مسيحا انهيءَ جو اندازو اسان جو موجوده نسل ڪري چڪو آهي. قطعي فيصلو ايندڙ نسل جي هٿ ۾ آهي. هن مختصر لکڻي ۾، جيڪا توهان جي خدمت ۾ پيش ڪئي ويندي اسين انهيءَ شيطان يا مسيحا جي مختصر سوانح حيات نيم ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪنداسين.[​IMG]
    پيءُ:‏ خدا اسان جي حال تي رحم ڪري، تنهنجي هن ڇوڪري منهنجي نڪ ۾ ناڪيلي ڏئي ڇڏي آهي.
    ماءُ: جيئن منهنجو آهي تيئن ئي توهان جو به پٽ آهي، توهان هر وقت مونکي ئي طعنا ڇو ڏيندا آهيو؟
    پيءُ: اڙي! آئون پريشان ٿي ويو آهيان. ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان. بيوقوف هجي ها، ڏڏ هجي ها ته آئون ماٺ ڪري ويهي رهان ها پر نڀاڳو ذهين آهي بلا جو ذهين آهي. چاهي ته سڀ ڪجهه سکي ٿو سگهي.
    ماءُ: پر انهيءَ جي دل به ڪنهن پاسي لڳي؟
    پيءُ: انهيءَ ڳالهه جو ته روئڻ آهي. اسڪول ۾ به انهيءَ جا اهڙا لڇڻ هئا. هاڻ ڪاليج ۾ داخل ٿي وڌيڪ رولاڪ ٿي ويو آهي. تعليم ڏانهن بلڪل به ڌيان نٿو ڏئي، وڏي بي فڪري ۽ بي پرواهي سان هي زمانو جيڪو هن جي زندگي ۾ وڏي اهميت رکي ٿو گذاري رهيو رهيو آهي. هزار ڀيرا سمجهائي چڪو آهيانس پر سپوٽ جي ڪن تي جونءِ نٿي سُري اهو خاص مضمون يعني قانون جيڪو مون هن لاءِ چونڊيو هو ٻڌو آهي انهيءَ ڏانهن ڌيان نٿو ڏئي. آئون انهيءَ جو اهو رويو ڪيستائين برداشت ڪندس. صبر جي ڪا حد هوندي آهي.
    ماءُ: تازي خط ۾ هن توهان کي ڇا لکيو آهي؟
    پيءُ: (ٺٺول ڪندي) ذهني مونجهارن ۽ روحاني پريشانين جي ڪري سائين جن جي طبعيت خراب ٿي پئي هئي. انهيءَ ڪري ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهيا، اتان واپس اچي به سائين جن جي روحاني ڇڪتاڻ ختم ڪونه ٿي ته مون کي لکي ٿو ته”بابا سائين! منهنجي ذهن ۾ هڪ زبردست انقلاب جاڳي رهيو آهي. انهيءَ انقلاب جو تفصيل توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪري سگهان ٿو. اجازت ملي ته آئون پنهنجي روح جو بار هلڪو ڪري سگهان ٿو.“
    اهو لکيو آهي سائين جن (کلي ٿو) پنهنجي روح جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ هتي اچڻ ٿو چاهي ۽ انهي لاءِ اجازت گهري اٿس.
    ماءُ: اهو روح جو بار ڇا ٿو ٿي سگهي؟
    پيءُ: ڪو نئون عشق ڪيو هوندائين سائين جن يا اهو ئي پراڻو هوندو ۽ اسپتال جو چڪر هڻي آيو هوندو.
    ماءُ: سچ پچ انهيءَ کي ڪهڙو جنون چڙهيو آهي جو انهيءَ جيني سان، جيڪا کانئس چار سال وڏي آهي شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
    پيءُ: انهيءَ کي ته روحاني بيماري چوندا آهن. جيتوڻيڪ انهيءَ جو علاج اسپتال ۾ نٿو ٿي سگهي. انهيءَ ڪري هتي اچڻ ٿو چاهي. ڄڻ ته آئون اجازت ڏئي ڇڏيندس ته وڃ پاڻ کان وڏي عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪري وٺ.
    ماءُ: پر توهان ته انهيءَ کي جيني سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي چڪا آهيو.
    پيءُ: اها جهڳي مون فقط انهيءَ ڪري هنئي هئي ته هو جيني سان خط ۽ ڪتابت ڪرڻ ۾ پنهنجو وقت نه ضايع ڪري چڏي توکي ته چڱي ريت خبر آهي ته هن ڪاليج جو پهريون سال شعر ۽ شاعريءَ ۾ گذاريو اٿس. ٽن ڪاپين ۾ ڏيڍ هزار شعر ڏسي چڪو آهيان، جيڪي هن جيني جي نالي ڪيا هئا. مون کيس اجازت ڏني هئي ته جيئن عشقيه شاعري ۽ خط ۽ ڪتابت جو خاتمو ٿي وڃي پر آئون سمجهان ٿو ته هو نئين مراعت چاهي ٿو.
    ماءُ: توهان خط جو جواب لکي ڇڏيو؟
    پيءُ: ها لکي ڇڏيم ……. تون به ٻڌي وٺ (خط پڙهي ٿو)
    ” خدا تنهنجي حال تي رحم ڪري. تون اطمينان سان بلڪل به ڪم نٿو ‏وٺين ۽ علم جي مختلف شعبن ۾ رولاڪي ڪندو رهين ٿو. بي ربط غور فڪر سدائين بي نتيجو رهي ٿو. بي ربط علمي وندرن سان وقت جو زيان ٿئي ٿو. جهڙي ريت شراب نوشي سان، والدين جي خوشنوديءَ ڏانهن ته تو ڪڏهن ڌيان ئي ناهي ڏنو. انهيءَ ڪري جو تون انهيءَ کي بلڪل بيڪار تو سمجهين. آئون توکي چڱي طرح سمجهان ٿو. جيني جي محبت ڀريل خطن ۽ هڪ نيڪ نيت ۽ شفيق پيءُ جي چٺين سان تون پنهنجو پائيپ دُکائيندو هوندين. خير اهو به برو ناهي ڇو ته اهڙي ريت اهي خط اوپرن ماڻهن جي هٿن ۾ اچڻ کان ته بچي ويندا. جيتوڻيڪ امير کان امير ڇوڪرو به ڪاليج ۾ پنج سئو ٿيلر خرچ ڪندو آهي پر تون ته اهڙو آهين جو ست سئو ٿيلر چٽ ڪري ويندو آهين ۽ اوگرائي به ناهي ڏيندو. تون شايد اهو ٿو سمجهين ته آئون سون جو ٺهيل آهيان،گهر اچڻ فضول آهي. جيتوڻيڪ مون کي خبر آهي ته تنهنجي نظر ۾ ڪاليج جي ليڪچرن جي ڪا به اهميت ناهي پر ڪلاس ۾ تون رسمي طور هليو ويندو آهين اهو به جاري رهي ته به غنيمت آهي.“
    پيءُ جي انهيءَ خط جو اثر اهو ٿيو ته ايسٽر جي موڪلن ۾ ڪارل مارڪس ڪاليج ۾ ئي رهيو. ماءُ کي ڏک ٿيو پر پيءُ خوش هو. مارڪس جي خوش قسمتي چئبي يا بدقسمتي جو انهيءَ جو پيءُ ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ بيمار ٿيو ۽ 10 مئي 1838ع ۾ گذاري ويو. پيءُ جي وفات کانپوءِ مارڪس جي تعليم خراب نموني جاري رهي. نيٺ هڪ فلسفياڻو مضمون لکڻ تي کيس جينا يونيورسٽي مان پي ايچ ڊي جي ڊگري ملي وئي. مارڪس جي عقيدي موجب علم ۽ عقل هڪ ئي شيءِ جا پاسا هئا. انهيءَ ڪري تعليم کان واندو ٿي هن ترت ئي سياسي ميدان ۾ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي.”زيٽانگ“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ حڪومت جي پاليسي تي اهڙي ڇتي تنقيد ڪئي جو اخبار ضبط ڪئي وئي.
    مارڪس: روڳي! منهنجا دوست اخبار ضبط ٿيڻ جي انهي حڪم تي مون کي ڪو اچرج ناهي ٿيو،افسوس به ڪجهه گهڻو ناهي ٿيو.
    روڳي: ڇو؟
    مارڪس: اخبار جو ضبط ٿيڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام ۾ سياسي سجاڳي وڌي رهي آهي. جڏهن ڪنهن قوم ۾ سياسي سجاڳي جا اهڃاڻ پيدا ٿين ته تحرير ۽ تقرير تي اهڙي ريت پابنديون لڳنديون آهن. توکي خبر آهي ته ”زيٽانگ“ بند ٿيڻ تي سينسر آفيسر ڇا لکيو هو؟
    روڳي: ڇا لکيو هو؟
    مارڪس: آئون خوش آهيان ته مارڪس جي هٿ کڻي وڃڻ جو اهو اثر ٿيو آهي ته اڄ مون پنهنجو سمورو ڪم تمام جلدي ختم ڪيو آهي.
    روڳي: تو ادارت تان استيفى ڇو ڏني؟
    مارڪس: ٻيو ڇا ڪريان ها ادا. اهڙي ماحول ۾ جتي وِک وِک تي غلامي هجي. مون کان ڪم نٿو ٿي سگهي. منهنجو ساهه منجهڻ ٿو لڳي. آزاديءَ لاءِ سوئين سان وڙهڻ مون کي پسند ناهي. آئون حاڪم طبقي جي بي رحمي، بيوقوفي ۽ پنهنجي همعصرن جي، جي حضوري، چاپلوسي، بهاني سازي ۽ بيڪار جي بحث مان تنگ اچي ويو آهيان. جرمني ۾ رهي آئون ڪجهه نٿو ڪري سگهان خدا جو قسم ڪجهه نٿو ڪري سگهان. هن ملڪ ۾ رهڻ پنهنجي لاءِ بي عزتي آهي، ذلت آهي.
    روڳي: ته هاڻ تون ڪرڻ ڇا ٿو چاهين؟
    مارڪس: سوچيان ٿو ته ڪو رستو نڪري اچي. اڄڪلهه مفت جي پريشاني ۽ اجاين بحثن ۾ وقت ضايع ٿي رهيو آهي. هتي منهنجي ڪٽنب وارا اجايو منهنجي شادي ۾ رنڊڪون پيدا ڪري رهيا آهن. ڪو کين سمجهائي ته ڇا سمجهائي. عشقيه جذبا هڪ پاسي، آئون توکي يقين ٿو ڏياريان ته مون کي پنهنجي ٿيڻ واري زال سان تمام گهڻي محبت آهي. اڄ مڱڻي کي ست سال گذري چڪا آهن هوءَ ويچاري منهنجن ۽ پنهنجن مائٽن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر اُهي اهڙا خر مغز آهن جو ڪا ڳالهه نٿا مڃين.
    روڳي: جيني جا مائٽ انهيءَ جي شادي جي مخالفت ڇو ڪري رهيا آهن؟
    مارڪس: تون اهو به نٿو سمجهين اهي پنهنجي برلن جي حڪومت جي ايتري عزت ڪندا آهن جيتري پنهنجي آسماني پيءُ جي ۽ آئون حڪومت جو ويري، تمام وڏو دشمن ٿيس انهيءَ ٺڳي جو. باقي رهيا منهنجا مائٽ ته اهي به پنهنجي انفرادي مفاد جي ڪري انهيءَ رشتي جي خلاف آهن. ڪئين ورهين کان آئون ۽ جيني شادي جي معاملي ۾ پاڻ کان ٽيڻي عمر وارن سان بحث ڪري چڪا آهيون پر پوڙهن جي انهيءَ دليل جو ڇا ڪيو وڃي، جيڪي هر ڳالهه ۾ سامهون ٿا آڻين ”اهو اسان جي زندگيءَ جو تجربو آهي، جڏهن توهان اسان جي ڄمار کي پهچندا ته انهيءَ وقت سمجهندا“ انهيءَ جو مطلب ته آئون انهن جي عمر کي پهچي پوءِ شادي ڪريان.
    روڳي: آئون سوچيان پيو ته هتان کان هڪ اخبار ڪڍان جيڪڏهن اها اسڪيم پوري ٿي وئي ته سمجهه ته تنهنجون ڪافي تڪليفون ختم ٿي وينديون.
    مارڪس جي دوست روڳي جي منصوبي عملي جامو پائي ورتو. هن هڪ اخبار ڪڍي ۽ مارڪس کي ماهوار پنج سئو ٿيلر تي انهيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. معاشي فڪر کان آزادي ملي ته مارڪس 19هين جولاءِ 1847ع م جيني سان شادي ڪئي۽ پيرس هليو ويو. اتي هڪ ڇوڪري ڄائي مارڪس گذاري لاءِ هڪ اخباري اداري ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هتي سندس ملاقات مشهور شاعر هانئي سان ٿي هانئي جيتوڻيڪ جرمن هو پر فرانسسي کيس پنهنجو قومي شاعر مڃيندا هئا، جڏهن انهيءَ شاعر پروشيا جي حڪومت جي ظلم ۽ ستم خلاف يارنهن نظم لکيا ته پروشيا حڪومت فرانس تي دٻاءَ وجهي اخبار جي ايڊيٽرن خلاف جنهن ۾ مارڪس شامل هو، جلاوطني جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مارڪس زال سميت برسلز هليو ويو.
    زال: هاڻ هتي گذران ڪيئن ٿيندو……. هي ماڻهو اسان کي ڪٿي سُک جو ساهه کڻڻ ڇو نٿا ڏين.
    مارڪس: ڳڻتي نه ڪر، خدا بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. هي ڏس هينئر هينئر منهنجي شفيق دوست فيڊرڪ اينجلز جو خط آيو آهي.
    زال؛ (خوش ٿيندي) ڇا ٿو لکي؟
    مارڪس: (خط کولي ٿو) چندو جمع ڪري هن ڪجهه پيسا موڪليا آهن، خبر ناهي ڪيترا؟ اڄ يا سڀاڻي ملي ويندا. ها خط ۾ لکيو اٿس ته ”خبر ناهي ته هي رقم برسلز ۾ تنهنجي گذاري لاءِ ڪافي به هوندي يا نه پر تون ڪا ڳڻتي نه ڪر، منهنجي انگريزي لکڻي جو جيڪو به معاوضو ملندو، آئون جلدي روانو ڪري ڇڏيندس. مون کي خرچ جي اهڙي ضرورت ناهي ۽ جي ٿي ته به هتان روپيا ملندا رهندا. اصل ۾ آئون نٿو چاهيان ته تنهنجا دشمن انهيءَ ڳالهه تي خوش ٿين ته مالي حالتن جي ڪري توکي پريشاني ٿي.“
    زال: رب توهان جي انهيءَ دوست کي دنيا تائين سلامت رکي توهان جي ڪيڏي پرگهور ٿو لهي.
    مارڪس: بيگم! اينجلز کي فقط منهنجو دوست چوڻ هن جي ۽ منهنجي ٻنهي جي بي عزتي آهي. اسين ٻئي هڪ آهيون. اسان جي زندگي هڪٻئي سان ايتري قدر گڏجي چڪي آهي جو اسين ٻئي روحاني طور تي هڪ ٿي چڪا آهيون اينجلز منهنجو ۽ آئون اينجلز جو همراز آهيان.
    زال: هن سان توهان جي پهرين ملاقات شايد ”زيٽانگ“ اخبار ۾ ٿي هئي؟
    مارڪس: تون ٺيڪ ٿي چوين پر اسان جي دوستي جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن اينجلز پنهنجو پهريون ڪتاب لکيو ۽ مون انهيءَ جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي. سچ ته اهو آهي ته اقتصادي ميدان ۾ اينجلز جي نظر تمام وسيع آهي. جڏهن ته هو سدائين چوندو هو ته مارڪس جي ڀيٽ ۾ هو وڌيڪ پري، وڌيڪ گهرو ۽ وڌيڪ جلدي ڏسندو آهي.
    اينجلز ۽ مارڪس جي زندگي واقعي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هئي. شروع ۾ اقتصادي ميدان ۾ اينجلز ڏنو ۽ مارڪس ورتو. ٻئي هڪ روح ۽ ٻه دليون هئا. برسلز انهيءَ زماني ۾ عالمي لاڙن جو مرڪز هو ۽ انهيءَ ڪري ڪميونزم جي نشر ۽ اشاعت لاءِ ڀلوڙ جاءِ هئي. هتي مارڪس پنهنجو ڪم شروع ئي ڪيو هو ته 24 فيبروري 1848ع ۾ فرانس ۾ انقلاب اچي ويو. فرانس جي بادشاهه کي جيڪي حادثا پيش آيا انهن يورپ جي تاجدارن کي ڊڄاري ڇڏيو. انهيءَ ڪري بيلجيم جي بادشاهه جي حڪم سان مارڪس ۽ انهيءَ جي گهر واري کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن رهائي ملي ته جلاوطني جو حڪم مليو. مارڪس وري پيرس ڏانهن منهن ڪيو ۽ پنهنجن ڪجهه انقلابي دوستن جي مدد سان اخبار ڪڍي جنهن سان سندس شهرت عام ٿي وئي پر انهيءَ طوفان ۾ اهو ڏيئو ڪيستائين روشن رهي ٿي سگهيو. جلدي حڪومت جو تشدد شروع ٿي ويو. اخبار جي ڀائيوارن ڊپ وچان مالي امداد کان انڪار ڪري ڇڏيو پر انهن ڏکاين جي باوجود مارڪس اخبار بند نه ڪئي. پيءُ کان کيس جيڪي ست هزار ٿيلر مليا هئا. انهيءَ تي لڳائي ڇڏيائين. اخبار ٻن ٽن ڏينهن ۾ بند ڪرڻ جو حڪم آيو. 19 مئي تي مارڪس آخري انقلاب نمبر ڪڍيو ۽ اخبار بند ڪري ڇڏي.
    مارڪس: اسان کي ستائڻ لاءِ حڪومت بهانا ڇو گهڙيندي آهي. ڪوڙ ۽ ٺڳي جون پليون ڇو ٺاهيندي آهي. اسين ته پاڻ جلاد آهيون انهي ڪري ٻين مان رحم جي اُميد نٿا رکون جڏهن اسان جا ڏينهن ڦرندا ته اسين پنهنجي تشدد جا بهانا ۽ حيلا ڪونه گهڙينداسين.
    دوست: اخبار بند ٿيڻي هئي سا ٿي وئي هاڻ ڇا ارادو آهي؟
    مارڪس: ارادو ڇا آهي؟ دماغ جاءِ تي ناهي، هوش آهي ڪونه. قرض ڏيندڙن مان ڇوٽڪارو ملي ته ڪجهه سوچيان به سهي. قرض ڏئي ڏئي منهنجي ته مِک نڪري وئي آهي. زال جا زيور رهجي ويا هئا انهن کي گروي رکي ايترا ڏينهن گذارو ڪيو آهي. هڪ دوست کي مالي امداد لاءِ لکيو هو. انهيءَ چندو جمع ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
    دوست؛ پوءَ ڇا ٿيو؟ پئسو ته ڪنهن به ريت اچڻ گهرجي!
    مارڪس: نه ادا! مون کي اهو طريقو منظور ناهي. آئون هر شيءِ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان پر عوام کان خيرات وٺڻ ڪنهن به ريت قبول ناهي. جڏهن مون ٻڌو ته هو منهنجي لاءِ چندو جمع ڪري رهيو آهي ته خدا جو قسم مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. مون هڪدم لکيو ته اهڙي امداد مون کي نه کپي. مون هن کان گهريو هو ٻين کان گهرڻ لاءِ نه چيو هو.
    دوست: ڇا پيرس ۾ رهڻ جو ارادو آهي؟
    مارڪس: نه ضروري ناهي جيئن ئي جوڳو بندوبست ٿيو آئون هتان لنڊن هليو ويندس.
    23 آگسٽ تي مارڪس فرانس کي الوداع ڪيو ۽ لنڊن هليو ويو. هتي کيس ڇوڪرو ڄائو جيڪو غربت جي ڪري هڪ سال ۾ گذاري ويو. چئني پاسي کان مصيبتون هيون پر تنهن هوندي به مارڪس عملي وندرون جاري رکيون. صبح جو 9 وڳي لنڊن جي لائبريري هليو ويندو هو ۽ شام جو ستين وڳي ورندو هو. هو پنهنجو مشهور ڪتاب ”اقتصاديات تي تنقيد“ لکي رهيو هو. انهيءَ زماني ۾ قسمت ڪجهه مُرڪي ته هڪ دوست جي ڪري امريڪا جي هڪ اخبار ۾ رپورٽري ملي ۽ ڪجهه ڏوڪڙ به ملڻ لڳا پر ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ مارڪس سخت بيمار ٿي پيو.
    مارڪس: ڪنهن به بيماري مونکي ايترو ڪمزور ناهي ڪيو جيترو نامراد هن بيماري ڪيو آهي. مرندي مرندي بچيو آهيان.
    دوست: هاڻ توهان جا ڪهڙا حال آهن؟
    مارڪس: حالتون هاڻ اهڙي تسلي بخش منزل تي پهچي ويون آهن جو ٻاهر نٿو وڃي سگهان ڇو ته سڀ ڪپڙا گروي پيا آهن نه گوشت ٿو کائي سگهان ڇو ته بچيل سچيل ساک هئي اها هن بيماري پوري ڪري ڇڏي آهي.
    دوست: ننڍي ڇوڪري جو ڪهڙو حال آهي؟
    مارڪس: ويچاري ڪافي ڏينهن کان کنگهه ۽ بخار ۾ آهي. گهڻي ڪمزور ٿي وئي آهي .شايد ئي بچي ڇو ته دوا درمل لاءِ پائي به پاڻ وٽ ناهي.
    دوست: خدا رحم ڪري
    مارڪس: ها خدا ئي رحم ڪري. زال بيمار، ڇوڪري کي بخار، پئسو آهي ڪونه، هفتي کان ماني ۽ پٽاٽن تي گذارو ڪري رهيو آهيان. شايد هاڻ اهي به نه ملن ۽ فاقا ڪرڻا پون. ڪاغذ خريدڻ جيترا به پئسا ڪونه آهن جو مضمون لکي اخبار کي موڪلي سگهان. هاڻ فقط اهو ٿيڻ باقي آهي ته گهر مالڪ گهران ڪڍي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته سندس ٻاويهه پائونڊ مون ڏانهن ٿين ٿا.
    دوست: هن واقعي ڪڍي ڇڏيو ته؟
    مارڪس: ته تمام سٺو ٿيندو هن جي ٻاويهه پائونڊن جو بار منهنجي سيني تان لهي ويندو پر گهر مالڪ مون تي اها عنايت ڇو ڪندو. ماني وارو، کير وارو، پاپي وارو، ڪاسائي، دڪان وارا انهن سڀني جو قرض الڳ آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي مصيبتون ڪڏهن ختم ٿينديون. وڏي شرم ڄي ڳالهه آهي پر ڪجهه ڏينهن کان مزدورن کان قرض کڻي گذارو ڪري رهيو آهيان ڇا ڪريان انهن کان به نه گهران ته بک مران.
    دوست: اها توهان جي همت آهي جو تڪليفن جي هن ميڙ ۾ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيو؟
    مارڪس: بورجوائي طبقو مون کي منهنجي مقصد کان هٽائي سون ٺاهڻ جي ترغيب ڏيڻ ٿو چاهي، آئون کين ٻڌائي چڪو آهيان ته هو مون کي ڪڏهن به سڪا ٺاهڻ جي مشين ۾ تبديل نه ڪري سگهندو. آئون هر مصيبت ۾ پنهنجو ڪم ڪندو رهندس.
    دوست: پر پئسو ڪمائڻ به ته ضروري آهي.
    مارڪس: پئسا ڪمائڻ گهرجن ته اسين جيئرا رهون ۽ ڪجهه لکي سگهون پر پئسا ڪمائڻ لاءِ اسان کي جيئرو رهڻ ۽ لکڻ هرگز نه گهرجي.
    غربت جي حالت اها هئي پر پنهنجي پيشِ نظر مقصد تان هڪ لمحي لاءِ به مارڪس جي نظر نه هٽي. هوُ هڪ بهادر ماڻهو جيان اعلانِ حق ۾ لڳو رهيو. ڏکي ڏکي کان امتحان مان هن کي گذرڻو پيو پر هو ثابت قدم رهيو. هن جي جان کان وڌيڪ پياري ٻارڙي هن جي سامهون دم ڏئي رهي هئي پاڻ بکن ۾ پاهه هو پر مجال آهي جو هو ذرو نه گهٻرايو هجي.
    زال: (روئيندي) ننڍڙي گذاري وئي.
    مارڪس: مري وئي ويچاري؟
    زال: ٽن ڏينهن کان موت سان وڙهندي رهي، معصوم هئي ڪيستائين مقابلو ڪري ها. مون کان ته روئڻ به نٿو پڄي اکين ۾ لڙڪ ئي نٿا اچن، مون کي ڇا ٿي ويو آهي ڇا واقعي ننڍڙي گذاري وئي آهي؟ تون وڃي ڏس متان جيئري هجي.
    مارڪس: ماٺ ڪر پياري! آئون هتي فرش تي هنڌ وڇايان ٿو تون ليٽي پئو، تنهنجي صحت صحيح ناهي پاڻ کي هلاڪ نه ڪر، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو.
    زال: هاءِ منهنجي پري ڪيئن نه ٿڌي ٿي بي ست ليٽي پئي آهي. مون کي اعتبار نٿو اچي مون کي بلڪل به اعتبار نٿو اچي.(رڙيون ڪري روئڻ شروع ٿي ڪري)
    مارڪس: خدا جو واسطو اٿئه همت کان ڪم وٺ تون ائين روئيندين ته منهنجو ڇا ٿيندو،صبر ڪر.هيترا ڏک برداشت ڪيا آهن هڪ هي به ڪري وٺ.
    زال: ماءُ آهيان ڪيئن پنهنجي دل پٿر ڪري ڇڏيان. منهنجي ننڍڙي……
    مارڪس: هاڻ هن جي ڪفن جو فڪر ڪرڻ گهرجي اسان وٽ ته زهر کائڻ لاءِ ناهي( ٿڌو ساهه کڻي ٿو)ويچاري مري وئي. ها ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي (ساعت کانپوءِ) لاش کڻي ٻئي ڪمري ۾ رکان ٿو ۽ پاڻ هن جلاوطن فرانسيسي وٽ وڃان ٿو. جيڪو پنهنجي پاڙي ۾ رهي ٿو. هڪ ٻه ڀيرا انهيءَ سان ملاقات ٿي هئي، هو ڏاڍي ڀلي نموني پيش ايندو هو. ضرورت جو اظهار ڪندس ته ڪفن دفن لاءِ شايد ڪجهه ڏئي ڇڏي.
    زال: جڏهن ويچاري پيدا ٿي ته انهيءَ وقت هن کي ڪو سُک نصيب نه ٿيو، اڄ جڏهن موڪلايو اٿس ته تابوت ناهي.
    اهڙيون ڪئين مصيبتون مارڪس سٺيون پر ثابت قدم رهيو. لنڊن ۾ رهڻ دوران ڪجهه سڪون پيدا ٿيو ئي مس ته سندس اڪيلو پٽ گذاري ويو. مارڪس کي هن سان ڪافي محبت هئي. حقيقت اها آهي ته انهيءَ ڇوڪري جي گذاري وڃڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو کيس محسوس ٿيو ته صدمو ڇا ٿيندو آهي. انهيءَ حادثي جي باري ۾ هن پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو ته”هيوگو چوي ٿو ته دنيا ۾ جيڪي واقعي به وڏا ماڻهو هوندا آهن اهي حقيقت جي جستجو ۾ ايتري قدر ته مصروف هوندا آهن جو ڪو ذاتي نقصان يا صدمو انهن کي متاثر نٿو ڪري سگهي. مون کي افسوس آهي ته آئون اهڙي قسم جو وڏو ماڻهو ڪونه آهيان ڇوڪري جي موت منهنجو جسم ۽ روح لوڏي ڇڏي آهن.“ جسم ۽ روح جاءِ تي نه هوندي به هن پنهنجي لکڻ جو ڪم جاري رکيو. هن هڪ وڏي حقيقت کي وائکو پئي ڪرڻ چاهيو. هن جي دل سياسي هنگامن کان بيزار ٿي چڪي هئي. هن پنهنجي اقتصادي نظرين کي ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرڻ پئي چاهيو. اهو ڪتاب پورو ٿيو ته مارڪس جي غربت آخري حد تائين پهچي چڪي هئي.21 جنوري 1859ع تي ”اقتصاديات تي تنقيد“ جو مسودو تيار هو پر…….
    مارڪس: امريڪي اقتصاديات جو وڏو اثر ٿيو آهي. پهرين هي ”ٽربيون“ اخبار ٻه مضمون وٺندي هئي هاڻ هڪ ٿي وٺي.
    زال: اهي پئسا جيڪي امان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ مليا هئا هڪ سال ۾ ختم ٿي ويا.
    مارڪس: اڻ ڳڻيا قرض ڏيڻا هئا. اڌ پئسا ته انهن ۾ هليا ويا. خير هاڻ سوچڻو آهي ته هن مسودي جو ڇا ڪجي.
    زال: ڪونه ڪونه ڇپائي ڏيندو توهان ايتري ڳڻتي ڇو ٿا ڪريو؟
    مارڪس: ڳڻتي انهيءَ ڪري آهي جو مسودو موڪلڻ لاءِ پئسا ڪٿي آهن؟ بنا ٽڪيٽ جي موڪلي ڇڏيان؟
    زال: (کلي ٿي) آئون ٽڪيٽ جو ته ڀلجي ويس.
    مارڪس: هڪ ٽڪيٽ ڪٿان ملي وئي هئي سو اينجلز کي خط لکيو آهي ۽ کيس چيو اٿم ته ادا مسودو روانو ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽون کپن ٿيون ڪجهه موڪلي ڏي ته هي ڪم رهجي نه وڃي (کلي ٿو) ڏاڍي ٿي. شايد ئي ڪو اهڙو ليکڪ هجي جنهن دولت تي ڪتاب لکيو هجي ۽ پاڻ دولت کان محروم هجي. هن ڪتاب جي ڇپجڻ جو بندوبست ٿي وڃي ته انگريزي ڪمپني ۾ ملازم ٿي وڃان.
    زال: توهان کان اها نوڪري نه ٿيندي.
    مارڪس: ته هڪ صورت آهي اُها اِها ته پنهنجو پاڻ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيان ٻه ڇوڪريون آهن، انهن کي تون ڪنهن امير جي ٻارن کي ماني کارائڻ جو ڪم ڏياري ڇڏ ۽ پاڻ ڪنهن ورڪ هائوس ۾ هليا وينداسين.
    زال: هي توهان ڇا چئي رهيا آهيو؟
    مارڪس: ڇا چئي رهيو آهيان، ورڪ هائوس اسان جهڙن غريب انسانن لاءِ ئي ته ٺاهيا ويا آهن ۽ پنهنجين ڇوڪرين ۽ ٻين ۾ ڪهڙو فرق آهي جيڪي اهڙن گهرن ۾ نظر اچن ٿيون.
    ورڪ هائوس ۾ وڃڻ ۽ ڇوڪرين کي ڪم سان لڳائڻ جي نوبت ڪونه آئي ڇاڪاڻ ته 1890ع اينجلز جو پيءُ گذري ويو. وصيت موجب هو پنهنجي پيءُ جي فرم جو مالڪ ٿي ويو ۽ انهيءَ قابل ٿي ويو جو پنهنجي دوست مارڪس جي وڌ کان وڌ مدد ڪري سگهي. انهي دوران مارڪس جي ماءُ به گذاري وئي. انهي به ڪجهه ڇڏيو پوءِ مارڪس جي دوست وليم ولن به برقعو مٽايو. هن به مارڪس لاءِ ڪجهه ڇڏيو مطلب ته غربت ڪجهه وقت لاءِ ختم ٿي. هاڻ ڪجهه واندڪائي ملي ته 1864ع ۾ انٽرنيشنل جو بنياد وڌو. سموري دنيا جي مزدورن جي تنظيم سولو ڪم نه هو. مارڪس کي انهيءَ سلسلي ۾ ڪافي مٿو کپائڻو پيو ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪم ۾گِهڙي هو خرچ جي حوالي سان بلڪل غافل ٿي چڪو هو. انهي وقت غربت ۽ بيماري هن جو در کڙڪايو.
    زال: مون کي توهان جي دوست اينجلز سان پورو پورو اتفاق آهي ته هن جو چوڻ بلڪل صحيح آهي ته هي ڪتاب ”سرمايو“ ئي سڀني آفتن جو سبب آهي.
    مارڪس: پر هاڻ ته آئون انهيءَ کي ختم ڪري چڪو آهيان. مون کي پوري اُميد آهي ته هن سال جي آخر تائين منهنجي مالي حالت بهتر ٿي ويندي. آئون پنهنجي پيرن تي بيهي رهندس. مون کي ڏک فقط انهيءَ ڳالهه جو آهي ته منهنجي ڪري ويچارو اينجلز گهڻو پريشان رهيو. منهنجي ڪري کيس ڪاروباري دنيا ۾ سختي کان ڪم وٺڻو پيو. سچ ته اهو آهي بيگم جيڪڏهن اينجلز امداد نه ڪري ها ته هي ڪتاب ڪڏهن به نه لکي سگهان ها.
    زال: هاڻ وري توهان هن کي تڪليف ڏني آهي.
    مارڪس: يقين ڪر! جيڪڏهن ضرورت نه هجي ها ته آئون کيس تڪليف نه ڏيان ها. پنهنجون آڱريون وڍي ڇڏيان ها. جن هن کي خط لکيو ۽ ٻين کي تڪليف ڏئي زندگي جا ڏينهن پورا ڪرڻ واقعي وڏي ذلت آهي پر انهيءَ ذلت کي پري ڇڏيو آهي ته اينجلز ۽ آئون هڪ ڪم ۾ برابر جا ڀائيوار آهيون.
    زال: توهان هڪ ڀيري چيو هو ته مزدورن جيان رهائش اختيار ڪبي؟
    مارڪس: مون انهيءَ تي گهڻو غور ڪيو. تون پاڻ هاڻ منهنجي انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪندين ته بلڪل مزدورن جهڙي رهائش اختيار ڪرڻ اسان جي موجوده مصلحت خلاف آهي. جيڪڏهن ٻن جوان ڇوڪرين بدران ٻه ڇوڪرا هجن ها ته خدا جو قسم مونکي اهڙي رهائش اختيار ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿئي ها.
    زال: توهان جي صحت گهڻي خراب ٿي رهي.
    مارڪس: نه ائين ته ناهي!؟
    زال: ائين ته ناهي ڇا ڪئين ڀيرا توهان چئي چڪا آهيو ته ٽنگين ۾ گهڻي ڪمزوري محسوس ٿي ٿئي. ڊاڪٽر به توهان کي اهو چئي چڪا آهن ته توهان جي صحت خراب ٿي وئي آهي. هاڻ توهان خدا جي واسطي رات جو ڪم بند ڪري ڇڏيو.
    مارڪس: رات جو ڪم بند ڪري ڇڏيان ته کاوان ڪٿان؟
    زال: اها ته مصيبت آهي بنا ڪم ڪرڻ جي هڪ رپيو به نٿو ملي سگهي.
    مارڪس: ڪتاب ڇپجي وڃي ته منهنجا سڀ ڏک سُور ختم ٿي وڃن. هن حال ۾ جڏهن مسودو گهر ۾ پيو آهي ته آئون موت جي خواهش به ته نٿو ڪري سگهان.
    زال: ڪهڙي وائي ٿو واتان ڪڍين؟
    مارڪس: اهو ڪتاب جنهن لاءِ مون پنهنجي صحت، پنهنجي خوشي ۽ پنهنجي ٻارن کي قربان ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن منهنجي موت کانپوءِ شايع ٿيو ته مون کي افسوس نه ٿيندو. تون چڱي ريت ڄاڻين ٿي ته گهڻا ئي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي عملي چون ٿا منهنجي هن عملي وندر کي بي ثمر ۽ بيڪار چوندا رهيا آهن. آئون انهن جي انهيءَ بيوقوفي تي کلندو رهندو آهيان اها منهنجي کل فقط انهيءَ صورت ۾ ڪامياب ٿيندي جيڪڏهن هي ڪتاب ڇپجي وڃي.
    زال: اصل ۾ اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي عملي ماڻهو چون ٿا، وڏا بي عمل آهن.
    مارڪس: جيڪڏهن آئون ”سرمايو“ مرتب ڪرڻ بنا ئي مري وڃان ها ته پنهنجو پاڻ کي انهن بي عمل ماڻهن جي کاتي ۾ ڳڻيا ها پر مون جهڙي حساس انسان لاءِ ناممڪن هو ته انسانيت جي رڙ ٻڌي ۽ ماٺ رهي. فقط اهو ئي انسانن جي ڏک سور کان بي پرواهه رهي سگهي ٿو، جنهن جي ٿلهي چمڙي هجي.
    بيماري مان جان ڇٽي ته 1867ع ۾ ڪارل مارڪس پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سرمايو“ جو مسودو کڻي همبرگ ويو. 16 آگسٽ تي ”سرمايو“ جي ڪاپين جي تصحيح جو جو ڪم ختم ٿيو. پهريون جلد ترت ڇپجي آيو ٻين ۽ ٽئين جلد ۾ ترميم ۽ سڌاري جو ڪم ٿيندو رهيو پر ڪارل مارڪس هٿان قدرت کي جيڪي ڪم وٺڻو هو اهو تقريبن ختم ٿي چڪو هو، هاڻ انهيءَ جي دنيا کي ضرورت نه رهي هئي، تنهنڪري سندس پهرين زندگي جي ساٿي 2 ڊسمبر گذاري وئي ۽ پاڻ 14 مارچ 1883ع ۾ منجهند وقت هن جهان مان موڪلائي ويو. 17 مارچ تي کيس دفن ڪيو ويو.اينجلز سندس قبر تي تقرير ڪندي چيو؛
    اينجلز: 14 مارچ منجهند پوڻين ٽين وڳي دنيا جو سڀ کان وڏو دماغ هليو ويو. هن جي موت سان پرولتاري جدوجهد ۽ تاريخ جي عملي نظريي کي جيڪو صدمو رسيو آهي انهيءَ جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڊارون جيڪڏهن قدرت جي ارتقا جو قانون ڳوليو ته مارڪس سماج جي ارتقا جي قانون کي ڳوليو آهي. هن موجوده سرمائيداراڻي ۽ بورجوائي سماج جا محرڪ ٻڌايا آهن. هن اسان کي سمجهايو ته انسان کي سياست، علم فن ۽ مذهب ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان پهرين کائڻ، پيئڻ، ڪپڙا پهرڻ ۽ رهڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ هر ملڪ جي دستور علمن، اصولن ۽ قانون ۽ هڪ حد تائين ان جي واسين جي شريعت جي بنيادي اصول،انهيءَ جي سماج جون اقتصادي حالتون لڪل هونديون آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جا آئين ۽ قانون ۽ مذهبي خيالن بابت ڄاڻ وٺڻي هجي ته اهي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت پيدا ٿيا ته انهيءَ جي اقتصادي تاريخ تي نظر وجهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته زماني جون اقتصادي حالتون ئي انهيءَ جي خيالن جو سرچشمو هونديون آهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو