منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
هاڻي ناهن رهيون!
سنڌ ورسٽيٕ ۾ اونداھ رهجي وئي آ رڳو،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي روشنايون هيون۔
ڄامشورو مٽيو ۽ ماڻهو به مٽجي ويا،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي شوخ هوائون هيون۔
مرڪون موجون ۽ ٽهڪن جا ٽولا وڇڙي ويا،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي بادلن جهڙيون باتيون هيون۔
پيار زخمي ٿيو، دوکبازن هتي آ ديرو ڄمايو،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي دلبرن جو دلربائون هيون۔
خزان اچي پڙُ ڪڍيو، پيار جا پروانا اڏامي ويا هتان،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي بهاريون هيون،
عالم، مفڪر ۽ ڏاها سڀئي، انا جي لهر ۾ وچڙي ويا،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي ڏاهن جون ڏاتيون هيون۔
لڄ ليھ نڪري وئي، حيإ شرم جو به ڳاٽو ڀڳو،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي شناسايون هيون۔
”منصور“ هرگز نااميد ناهي مگر هن قوم آ غلامي قبولي،
هاڻي ناهن رهيون جيڪي اڳي سورمن جون سورهيائيون هيون۔
شاعر ”منصور ميراڻي“