سنڌ جي عوامي شاعر نياز پتافي جو هڪ شعر آهي ته رُخ تي پردو ايندو آ، حُسن ڍڪجي ويندو آڪڏنهن ڪڏنهن ڪو ٿيندو آ، ڌرتي تي به چنڊ گرهڻ سو ڪڏنهن ڪڏنهن سنڌ سلامت تي به چنڊ گرهڻ ٿي ويندو آهي جو چار انتهائي مُحرڪ ۽ سنڌ سلامت جا ڪرتا ڌرتا هڪ ئي وقت آن لائين هوندا آهن۔ بس پوءِ هي ويب سائيٽ پاڻ پريشان هوندي آهي ته هاڻ ڇا ٿيندو۔
بس فقير ۽ مست غير حاضر هيا ۔۔۔ باقي ته اوهان به ويٺا ئي هيا ۔۔۔۔ ذيشآن رشيد کي عرض ڪبو ته اوهانکي به ان ڪم ۾ شامل ڪري، ڇاڪاڻ اوهان پڻ ان ڪهڪشان جا هڪ سهڻا ستارا آهيو ۔۔۔۔ بس شامل ٿيڻ جي دير آهي ۔۔۔۔ چنڊ کي گرهڻ زمين وارن لاٰءِ هوندي آهي باقي چنڊ پنهنجي جاءِ تي مست هوندو آهي ۔۔۔ تاڙڻ وارا به قيامت جي نظر رکنٿا ۔۔۔۔ لک قرب
واقعي پارکن جي نظر ۾ پاور آهي ورنه اهڙي وقت ۾ ڪير ٿو ان ڳالهه کي نوٽ ڪري محترم عبدالحفيظ جن بيشڪ هن ئي ڪهڪشان جي درخشنده ستارن مان آهن الله تعالى کين هميشه روشن رکي۔