قرباني

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    قرباني
    نويد کي قرباني واري عيد تي ٻڪر جي قرباني ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هئو۔ هر عيد تي هو جڏهن ٻين جي گهر ۾ ايندڙ ٻڪرن کي ڏسندو هو ته هن جي دل به چاهيندي هئي ته هن جو والد قاسم صاحب به هن جي لاء هڪ پيارو اڇي رنگ وارو ٻڪرو وٺي اچي۔جنهن کي هو پنهنجي هٿن سان گاه کارائي ۽ هن جي مٿي تي شفقت سان هٿ ڦيرائي۔ هر بقرعيد جي ويجهو اچڻ تي هو پنهنجي پيء کي نماڻين اکڙين سان ڏسندي پڇندو هو ته ڇا هن سال هو قرباني ڪندا! هن جو والد صاحب هن جي مٿي تي هٿ ڦيرائي ڏک مان جواب ڏيندو هو ته!” نه پٽ مون وٽ ايترا پئسا ڪونه آهن جو قرباني ڪري سگهون“۔ نويد اداس ٿئي ويندو هو۔ جڏهن هن جو والد نويد جو منهن لٿل ڏسندو هو ته هن سان وعدو ڪندو هو ته اڳين سال انشاالله هو قرباني لاء ٻڪرو وٺندا، پر اهو وعدو ڪافي ساري عيدين گذرڻ جي باوجود وفا نه ٿئي سگهيو۔هن سال به جڏهن بقر عيد ۾ ڏهه ڏينهن باقي هئا ۽ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو هو،نويد پنهنجي والد ڏي ويو ۽ پڇڻ لڳو” ڇا هن عيد تي اسان وٽ ٻڪرو ايندو؟“ هن جي والده جواب ڏنو ته ”هن سال به ٻڪرو نه وٺي سگهنداسين، ڇاڪاڻ هڪ ته ٻڪرن جون قيمتون آسماني کي وڃي پهتيون آهن ٻيو ته تنهنجي والد جو دُڪان به سٺو نه پيو هلي“

    نويد جو والد صاحب ريزڪي جي دُڪان هلائيندو هو ۽ ڪجه وقت کان ڪاروبار گهٽ ٿئي رهيو هو۔ اها ڳاله ٻڌي نويد جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو۔هن جي والد نويد جي رنجيده شڪل ڏسي پڇو ته ، چڱو ٻڌائي! تون ٻڪرو ڇو ٿو وٺڻ چاهين ؟ انهڪري جو پاڙي وارين سڀني ٻارن جي گهر ۾ ٻڪرا آيا آهن ۽ هو سڀ پنهنجن ٻڪرن جي تعريف ڪن ٿا، انهن کي سير ڪرائين ٿا جڏهن ته تون ايئن نه ٿو ڪري سگهين ؟ نويد اهو ٻڌي هڪدم جواب ڏنو، نه بابا سائين! مان ته ٻڪرو ان ڪري وٺڻ ٿو چاهيان جو الله پاڪ قرباني ڪرڻ واري کي تمام گهڻو اجر ڏيندو آهي ۽ قرباني جي جانور جي هر وار جي بدلي اعمال نامي ۾ هڪ نيڪي لکندا آهن۔“ نويد جو اهوجذبو ڏسي هن جو والد سوچ ۾ پئجي ويو۔ پوءِ هن وڃي عيد جي ڪپڙن ۽ کائڻ پيئڻ جي لاء رکيل پئسن کي ڳڻيو ۽ هڪ فيصلو ڪيو۔ ٻئي ڏينهن ناشتي جي وقت نويد جي والد اهو اعلان ڪيو ته هن سال هو قرباني ڪندا! نويد ۽ هن جا ننڍا ڀاءُ ۽ ڀينريون اهو ٻڌي خوشي مان ٽپا ڏيڻ لڳا۔ پر هڪ شرط آهي ،هنن جي والد فرمايو، هو سڀ خاموش ٿئي پنهنجي والد کي ڏسڻ لڳا۔
    نويد پڇو ڇا شرط آهي بابا سائين؟ شرط اهو آهي ته توهان مون کان نون ڪپڙن ۽ جوتن جوتقاضا نه ڪندا ۽ عيدالفطر تي ورتل ڪپڙا پائيندؤ ورنه ٻڪرو نه اچي سگهندو۔
    سڀ ٻار هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته اسان کي منظور آهي!
    ايئن ڏينهن گذريندا ويا۔ قرباني واري عيد کان هڪ ڏينهن پهريون مغرب جي نماز کانپوء نويد جو والد قاسم صاحب ٻڪرو خريدڻ منڊي ۾ ويو ته نويد به هن سان گڏجي ويو، ڇو ته ٻڪرو وٺڻ جي سڀني کان وڌيڪ خوشي هن کي هئي، هن جو چهرو خوشي مان ٻهڪي رهيو هو، هن جي تصور ۾ هڪ لحيم شحيم،تازو ٻڪرو بار بار اچي رهيو هو۔ ٻڪرا منڊي ۾ هر طرف ٻڪرائي ٻڪرا هئا۔ خريد ڪرڻ وارن جو رش به تمام گهڻو هو۔نويد ته ٻڪرن کي ڏسڻ ۾ ايڏو مشغول ٿئي ويو جو هن کي آسپاس جو هوش ئي نه رهيو۔ قاسم صاحب نويد کي هٿ سان پڪڙي هڪ ٻڪري واري ڏي وٺي ويو۔هڪ ڪٿئي رنگ جو درمياني درجي جو ٻڪرو پسند ڪري جڏهن ان جي قيمت پڇي ته ٻڪري جي مالڪ ان جي قيمت” ويهھ هزار “ٻڌائي۔ قاسم صاحب جون اکيون کُلي ويون ۽ هن ٻڪري واري کان پڇو ته ڇا اها ٻڪري جي قيمت ٿو ٻڌائين يا ڳئون جي؟ سائين منهنجي هي عام ٻڪرو نه آهي پر خاص آهي ،پوري منڊي ۾ اهڙو ٻڪرو نه ملندو،ويهھ ، ٻاويهھ ڪلو کان گهٽ گوشت نه نڪرندو،ٻڪري واري پنهنجي ٻڪري جي تعريف ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو۔ قاسم صاحب جي بار بار چوڻ جي باوجود ٻڪري واري ان جي قيمت گهٽ نه ڪئي ،مجبورن قاسم صاحب نويد کي هٿ مان پڪڙي ٻين ٻڪرن کي ڏسڻ لڳو۔ٿوري دير کانپوء هنن کي هڪ ٻيو ٻڪرو پسند آيو جڏهن ان جي قيمت معلوم ڪيائون ته ٻڪري جي مالڪ ٽيهھ هزار چيو۔قاسم صاحب جڏهن ان ٻڪري جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاء چيو ته ٻڪري جي مالڪ جواب ڏنو:_محترم توهان جي شڪل ڏسي مان اڳ ۾ ئي قيمت گهٽ ڪري ڇڏي هئي ،ورنه هن منهنجي ٻڪري جي قيمت پنجٽيهھ هزار کان گهٽ نه آهي۔ نويد خاموشي سان کٽ تي لٽيل ٻڪرن کي گاهه کائيند ڏسي سوچي رهيو هئو ته انهن ٻڪرن جي قيمت الائي ڪيتري هوندي؟ ان کانپوء قاسم صاحب ڪافي سارا ٻڪرا ڏٺا پر ڳري قيمت جي ڪري وٺي نه سگهيا، ٿڪجي نويد جو هٿ پڪڙي ٻڪري منڊي مان ٻاهر نڪري آيا ۽ گهر جي طرف روانه ٿيا ۽ دل ۾ سوچيائون ته هن دفعي ٻڪرو کڻي نه پر ڳئون ۾ حصو وجهنداسين۔جڏهن هو پنهنجي گهر واري گهٽي ۾ پهتا ته انهن کي هڪ هڪ ٻڪري وارو ڪجه ٻڪرين سان گڏ نظر آيو۔ قاسم صاحب ان ٻڪري واري جي ويجهو ويا ۽ هڪ ڪمزور ٻڪر جي باري ۾ پڇو۔ ٻڪري واري پهريائين ته اٺ هزار چياء پر ڪجه بحث کانپوء پنج هزارن ۾ اهو ٻڪرو قاسم صاحب کي وڪڻي ڏنو۔ ٻڪرو ڪاري ۽ ناسي ڪلر جو هڪ ڪمزور جسم وارو هو۔نويد اهو سوچي ورتو ته هو هن کي تمام گهڻو چارو ڏئي مضبوط بنائي ڇڏيندو۔
    نويد پنهنجي والد سان گڏ ٻڪري کي رسي مان پڪڙي گهر وٺي وڃي رهيو هو پر ٻڪرو هلڻ کان صاف نابرئي ڪيو ويٺو هو۔ تمام گهڻو زورلڳائڻ کانپوء ٻڪري هلڻ شروع ڪيو۔گهڻي زور لڳائڻ جي ڪري ٻڪري قاسم صاحب جي پيٽ ۾ سڱ هنيو،جنهن جي ڪري قاسم صاحب سور جي ڪري هيٺ ويهي رهيو، ٻڪرو هڪدم پنهنجي رسي نويد کان ڇڏرائي۔ گهٽي جي ڪارنر تي پهچي اک ڇنڀ ۾ گم ٿئي ويو۔نويد قاسم صاحب جي ويجهو ويو ۽ انهن کي سهارو ڏئي ڀيهڻ ۾ مدد ڪئي۔
    ٻئي ڏينهن تي عيد هئي،قاسم صاحب پيٽ ۾ ڌڪ لڳڻ جي باوجود به نويد سان گڏ عيد نماز پڙهڻ ويا۔
    نماز کانپوء نويد روئي روئي الله سائين کان پنهنجي والد جي صحتيابي جي دعا گهري ڇاڪاڻ جو هن جي ضد جي ڪري قاسم صاحب کي ٻڪري جو سڱ زخمي ڪري وڌو،نه هنن جي گهر ٻڪروآ يو نه عيد جا ڪپڙا وٺي سگهيا۔
    گهر واپس اچي قاسم صاحب ڪمري ۾ سمهي پيو،نويد پنهنجي ٻين ڀاء ۽ ڀينرين وانگر گهٽي ۾ گهمڻ جي بجائي پنهنجي والد وانگر ٻئي ڪمري ۾ سمهي پيو،هو ڏاڍو غمگين هو۔ٿوري دير کانپوء دروازي تي دستڪ ٿئي۔ نويد وڃي دروازو کوليو ته هن کي ان ٻڪري واري جي پريشان شڪل نظر آئي جنهن کان هنن ڪاله ٻڪرو خريد ڪيو هو۔ٻڪري واري نويد کي سڃاڻي ورتو ۽ هنن جو وڃايل ٻڪرو اڳتي ڪندي چيو: هي ٻڪرو ڪاله توهان کان گهٽي ۾ ڀڄي ويو هو نه ؟

    هن جي آواز ٻڌندي قاسم صاحب به دروازي تي آيا۔ٻڪري واري چيو: توهان ٻڪري کي قابو نه ڪري سگهيؤ ۔هي رسي ٽوڙائي مون وٽ موٽي آيو هو،مان سمجهي ويس ته اوهان هت ڪنهن گهٽي ۾ رهو ٿا،صبح کان وٺي مان توهان کي ڳولهي رهيو آهيان۔ هي وٺو پنهنجو ٻڪرو ۽ هن کي مضبوطي سان پڪڙجو تاڪي وري ڀڄي نه وڃي۔
    قاسم صاحب وٽ ان ٻڪري وڪڻڻ واري جي لاء ٿوري مڃڻ جهڙا الفاظ ئي ڪونه هئا،ان ٻڪري هنن کي ڪيڏو پريشان ڪيوهو،قاسم صاحب تهھ دل سان ٻڪري وڪڻڻ واري جو شڪريو ادا ڪيو ۽ جوتا پائي ٻاهر وڃڻ لڳو۔هنن جي بيگم اهو ڏسي چيو: توهان هن حالت ۾ ڪاڏي پيا وڃو؟،توهان کي آرام جي سخت ضرورت آهي۔
    َقاسم صاحب کلي چيوءبيگم منهنجي طبيعت بلڪل به ٺيڪ آهي،مان ڪاسائي کي وٺڻ پيوء وڃان۔نويد ميان جو ٻڪرو واپس اچي ويو آهي ان جي قرباني ڪرڻي آهي“۔
    اهو ٻڌي نويد حيرت مان چيوء : با با سائين منهنجو ٻڪرو۔۔۔۔۔؟
    قاسم صاحب مسڪرائيندي چيو:”پٽ! هاء تنهنجو ٻڪرو۔اهو ٻڪرو تنهنجو ئي آهي،تنهنجي سچي جذبي جي ڪري الله پاڪ اسان کي به قرباني ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي“۔ اهو چئي قاسم صاحب گهر کان ٻاهر هليو ويو ۽ نويد خوشي مان پنهنجي ٻڪري جي پٺي کي کنهڻ لڳو۔

    محترم ميمبرس اسان پنهنجي شهزادي بلال مصطفي جي فرمائش تي هنن جي انگريزي زبان ۾ لکيل ڪهاڻي جو سنڌي ترجمو اوهان سڀني ، خاص طور گلن جهڙن نازڪ ،پيارن ٻارڙن جن جو گهڻو تعداد هن اڳڻ جي ڀاتين مان آهي، جي مشاهدي لاء هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيون پيا۔ توهان جي رائي جو انتظار رهندو۔ مهرباني ڪري ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪنجوسي نه ڪندا ۽ کليل الفاظن ۾ ٻڌائيندا ته هن ڪهاڻي ۾ ڏنل پيغام (ضد ڪري پنهنجي والدين جي غربت جي باوجود انهن کان هن قسم جا انگل پورا ڪرائڻ لاء مجبور ڪرڻ) توهان جي دل کي ڇهي ورتو يانه؟
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تنهنجي سچي جذبي جي ڪري الله پاڪ اسان کي به قرباني ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي

    اوهان جي ننڍڙي جا احساس پڙهي خوشي ٿي۔ اميد ته سندس قلم ۾ اڃان به رواني ايندي۔ جڏهن نيتون سچيون هجن ته ڏکيا ڪم به آسان ۽ سولا ٿي وڃن ٿا۔ بلال مصطفى کي سلام چئجو ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سائين سڀ کان پهرين ته اوهان کي مبارڪون جو اوهان جو ننڍڙو بلال مصطفى ايتري لکڻ جي ڏات رکي ٿو۔ ۽ انهي کان پوءِ اوهان جي ترجمي کي داد ڏيڻ به حق ادئگي ٿيندي۔

    ٻارن جا انگل ئي والدين جي زندگي جو امتحان رهندا آهن۔ ۽ الله نه ڪري جڏنهن به ٻارن جو انگل ۽ فرض جي ادائگي ۾ تضاد اچيو وڃي يا بارن جي انگل جي ڪري ڪنهن سان نا انصافي ٿئي ٿي ته پوءِ ماڻهو جي پريشاني جو عالم ئي ٻيو هوندو آهي۔ رهي ڳالهه هن تحرير جي ته نويد جي ڪردار ۾ دم آهي جنهن فرمائش سوچي سمجهي ڪئي۔ هُن جي قرباني ته تڏنهن ئي ٿي وئي جڏنهن هُن ۽ هُن جي ڀائرن ڪپڙا نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو۔ ۽ الله وٽ پُهچن به اهي جذبا ۽ نيتون ٿيون۔ گوشت ته هتي ئي رهڻو آهي۔ پر انهي جي به صحيح صرف لاءِ اسلام ۾ واضح طريقو مقرر آهي ته هڪ مهل ايترو گوشت ضايع نه ٿئي بلڪه انهن تائين پُهچي جيڪي عام ڏينهن ۾ گوشت وٺڻ جي سگهه نه ٿا رکن۔
    اوهان جي ننڍڙي سان ملڻ ۽ کيس شاباس ڏيڻ جي تمنا رهندي۔ ۽ اسان پاران کيس گذارش آهي ته ننڍڙي عمر ۾ هليل قلم ئي اڳتي هلي وڏن ليکڪن کي جنم ڏيندا آهن۔ سو اهو قلم هلندو رهڻ کپي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين مون طرفان شهزادي بلال لاء کور ساريون نيڪ تمنائون. سلامت رهو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    م
    مونکي تمام پسند آيو هن ظاهر ٿئي ٿو ته ضِد ڪرڻ به اسان لا خطري جو سبب بنجي سگهي ٿو اسان کي گهرجي ته ضِد نه ڪريون ته جيئن اسان ج والدين پريشان نه ٿين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو