شيرين
سينيئر رڪن
عمر منهنجون اباڻن ۾ ادا پل پل پچارون ڏس،
روئن سرتيون ڀريو سڏڪا، کنيو هٿڙا ويچاريون ڏس۔
(1)
لُلر لوڻڪ چِڀڙ ڇاهيون، گزارو جن جو کاهڙ ۾،
پٽيو کائن پڪا پيرو، ڪيو سلهٽ سنگهاريون ڏس۔
(2)
پلنگ پينگهن کٽولن کي، ڇڏن سانگي منهنجا ساڙي،
پکيڙيل پن پڌر تي تون پهوارن جون پاٿاريون ڏس۔
(3)
صبح ساجهر منهنجا مارون، وڃن ٿا مال سان پهريو،
وچين وارنِ وٿاڻن تي ڌنارن جون جهونگارون ڏس۔
(4)
وسن ميهڙا ولهارن تي، خوشي ۾ خاصخيلي هُتِ،
ٿين سانگي سَرَهَا صادق، هلي ڀٽن بهارون ڏس۔