سر مارئي شاعرن جي سرتاج حضرت شاه عبدالطيف جي رسالي مان سر مارئي ۾ سمايل رمز جي تشريح اوهان ميمبرن جي مشاهدي لاء اسان پيش ڪرڻ جي جسارت ڪري رهيا آهيون۔ ”سرمارئي“ جو پس منظر عمر مارئي جو قصو آهي جيڪو وطن جي حب ۽ محبت جي داستان آهي:اهو سنڌ جي هڪ ڳوٺاڻي نياڻيء جي ست سيل ۽ سنڌ جي هڪ عادل بادشاه جي صبر ۽ انصاف جو داستان آهي۔ هن ۾ جهوپڙي ۾ رهندڙ جهانگين جي ڏکي مگر آجي ۽ محبت ڀري رهڻي ڪهڻي کي،ماڙين محلن ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش آرام وري پابند زندگيء تي فوقيت ڏنل آهي۔هي سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خودداري جو داستان آهي،بلڪ سنڌ جي اعلئ سماجي قدرن جو آئينو آهي،جنهن ڪري صدين کان وٺي سنڌ ۾ هنڌين ماڳين مشهوررهيو آهي۔ ”وطن جي حب“ هن سر جو مرڪزي موضوع آهي، ۽ مارئي جو ڪردار انهيء حب ۽ پيار جو علمبردار آهي ،پر حقيقي پيار صرف ملڪ يا ملڪ جي ماڻهن ۽ مائٽن جي ڪري نه آهي،پر سندن اعلئ اخلاقي خوبين ۽ زندگي جي اعلئ قدرن ۽ ڳڻن ڳالهين جي ڪري آهي،جن کي شاه صاحب هن سر جي بيتين ۽ داستان ۾ ڀرپور نموني سان ساراهيو آهي۔ هن سر ۾ سمايل شاه سائين جن جي اعلئ آفاقي فڪر جي ڪنجي آهي۔جنهن جا خاص طور تي ٽري رخ روشن ڪيل آهن۔ (1) سڀ کان مٿانهين الله پاڪ ۾ ايمان ۽ توحيد جي تقويت ۽ طاقت سان ٻاهرين جبر ۽ استبداد جو مقابلو ڪرڻ ۽ ان کان بي نياز ٿيڻ: اول نام الله جو مڙنئون مٿاهون ڪئن ڪري قبوليان عمر کي آئون! (2) وطن جي حب ايمان جو جزو آهي،پر انسان جي هن دنيوي وطن جي واکاڻ ۽ سرهاڻ وطن وارن جي ڳڻن ڳالهين ۾ آهي۔وطن جي حب توڙي وطن وارن سان محبت جو مدار به انهن ڳڻن لڇڻن تي آهي، مارئي به پنهنجن ماروئڙن کي سندن ڳڻن ڳالهين جي ڪري ياد ڪري ٿي: ” وئا ڳڻن ساڻ،ماروئڙا ٿر اڪري“ (3) ازلي حقيقت جي لحاظ سان،انسان جو هي دنيوي وطن عارضي آهي:انسان کي آخر پنهنجهي ان اصلي وطن ڏانهن ورڻو آهي جيڪو سندس تخليق جو سرچشمو آهي۔ اعلئ عرفاني فڪرجي اعتبار سان ،روحن پنهنجي خالق کي پنهنجو رب ڪري مڃيو ۽ ڏانهس موٽڻ جو وعدو ڪيو۔ روح هن دنيا ۾ ذي حيات جي قا لبن ۾ بند آهن، ۽ دنيا جا سڀ ذي حيات هن ڪائنات جي قالب ۾ بند آهن۔ انسان کي توڙي ڪائنات جي ٻي هرشيء کي آزاد ٿي پنهنجي اصلي خالق مالڪ سان ملڻو آهي۔ ”ڪل شِيء يرجع الئ اصله“ هي هنڌ ماڙيون هاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ري ”ڪل شيء يرجع الئ اصله“، ٿي جهڄان جهانگين ڪاڻ ڀري پنهنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو۔ نه ڪا خبر خواب،نه ڪوئي اوٺي آئيو هتي جن هتي اچي ڏنو ڪونه جواب هميرن حساب، ڪه ڄاڻان ڪيئن ٿيو! عمر جي انصاف جو،پئس ڪن پڙاء ويٺي چوء الله، مون تي مٽر نه موٽئا۔ ٍ”حسن“ جهڙي فطري عطا ۽ امانت جو احساس،۽ سونهن جي وڃڻ ۽ منهن ميرو ٿيڻ جو ارمان،چوٿين داستان جي پهرين ڀاڳي جو مرڪزي موضوع آهي ۔” مرڪندڙ موچارا منهن ته ماروئڙن جا آهن جيڪي پنهنجي ماڳ ملير ۾ۡ آزاد آهن:منهنجو حسن ته هتي بند ۾ پوڻ ساڻ ويو!“ سونهن وڃايم سومرو ،هتي اچي هاڻ ڪيئن لهنديم ڪاڻ،حسن مون هت وئو! ______ ____________ سونهن وڃايم سومرا ، ڪوجهو ٿئم ڪمال وڃان ڪيئن وطن ڏي، ههڙو وٺي حال ! _______________ سونهن وڃايم سومرا، وطن وڃان ڪيئن حسن ڌاران هيئن، پسئان ڪيئن پنهوار کي! _________________ سونهن وڃايم سومرا، ميرو منه ٿئوم وڃڻ تت پئوم، جت هلڻ ناه حسن ري! مارئي کي دائمي فڪر ته شل سندس ست سيل سلامت رهي جو مانائتي ٿي وڃي پنهنجي ماروئڙن سان ملي ” جهڙي آيس جيئن، شال تهڙي وڃان تن ڏي“ ، نه ته ” ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، منهن ماروئڙن جي !“ مارئي جي ڌڻي در دعا ته جئن هو بند ۾ نه مري: اول آزادي ماڻي وطن وڃي ،۽ پوء پساه پورا ٿينس: الله ايئن م هوء جئن آء مران بند ۾ جيڙو جنجيرن ۾ راتو ڏينهان روء پهرين وڃان لوء ،پوء مر پڄنم ڏينهڙا مارئي کي قيد وبند جي آزمائش پچائي پختو ڪيو، ۽ ماريئڙن سان سنديس محبت کي ويتر واڌايو۔ چئي ” سکر سيئي ڏينهن ، جي مون گهاريا بند ۾ “! جئن جئن ماروئڙن سان ملڻ (وصال) لاء سڪيس۔ تئن تئن وڌيڪ تواني ۽ مضبوط ٿيس:نيرن پاڻ منهنجي نيهن کي اجاري اڇو ڪيو: واجهاڻيس وصال کي، ٿيس تواني تيئن نير منهنجو نيهن، اجاري اڇو ڪيو۔ _________ ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو، کٿيروئي خوب ميروئي محبوب ، اسان مارو مڃئو۔ ماروئن کان ڌار، مارئي کي سانگين جي سنڀار ۽ پهنوارن جي پچار لڳل آهي: ”آء ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پهنوارن پچار،جڙ جني جي جان ۾ لڳي راء لهار“ ٿر مان ٿيلجڻ (جدا ٿيڻ) کان وڌيڪ ،هت ڪوٽ ۾ هئڻ سببان مارئي کي ماروئن جو مرم ٿو ماري: ” ٿرن ٿيلي نه مران، مارو مون ۾ ٿيلين“! ” مارن مونجهھ مياس، ماڙين ماريس ڪينڪين“ عمر بادشاه جي اعلئ اخلاق واري برتاء جو مارئي کي احساس هو: هو عمر بادشاه جي اڇائي کي مڃي ٿي ۽ سندي اڇائي ۽ ست سيل کي پنهنجي ست سيل جو ضامن سمجهي ٿي۔ جئن عمر اڇو تون ، تئن آء مرڪان وچ ماروئين منه نه ميرو مون ، سيل تنهنجي سومرا۔ شاه صاحب جي به مارئي کي صبر جي تلقين ۽ ماروئن سان موٽي ملڻ جي دعا ته: م ڪين روء ۔ م رڙ ڪين۔ م ڪين ڪر دانهون ستي لوڪ لطيف چئي، ٻئي کڻ ٻانهون لڌيئي جت لاتون، سو ماڳ پسندين مارئي! هن سر ۾ شاه صاحب ماروئن جي پاڪيزه اخلاق ۽ اطورکي الله وارن سالڪن عارفن جي ڪردار جي تمثيل سان روشن ڪيو آهي۔ ماروئن کي بدوين سان تشبيهھ ڏنل آهي جنهن مان ” اصحابن“ جو تخيل اڀري ٿو۔ ماروئن جي اطور ۽ اخلاق کي قران شريف جي سورتن ۾ سمايل رشد ۽ هدايت ۽ اعلئ عرفان جي حوالي سان نهايت مانائتو ۽ مثالي ڪيو ويو آهي۔ قران شريف جي سورتن جا نالا تلميح طور آندل آهن۔ جن جي تخيل ۾ سالڪن ۽ عارفن جي منزلن ۽ مرادن جا معنوي جلوا ۽ پرتوا سمايل آهن۔ اهي بيت نه صرف قران شريف سان شاه صاحب جي دلي چاه جا شاهد آهن پر سورتن ۾ سمايل ارشاد ۽ عرفان ۔ معنئ ۽ مقام مطابق، سالڪن جي اطور ۽ اوصاف ،عبادت ۽ عالي مرتبت جا عارفانه اهڃاڻ آهن: ”زمر“ زخرف“ سومرا ، حمد جني جو هنڌ ” اهدنا الصراط المستقيم“ ، اي پهنوارن پنڌ باري لاهي بند ، ته ملان ماروئڙن کي۔ __________ ” زمر“ “ زخرف“ سومرا ”قل“ جني جو قوت ” فاذڪروني اذڪرکم “ ساڻهيه ۾ ثابوت جنبي وئا جبروت ۾ ، ماڻيائون ملڪوت لڳا ۾ لاهوت ، پکاق پهنوارن جا۔ محترم ميمبرس اسان کي يقين آهي ته شاه سائين جي سر مارئي جومٿين تشريح پڙهڻ سان اوهان ان سر ۾ سمايل مرڪزي موضوع کي آساني سان سمجهي سگهندا۔جيڪڏهن مٿين تشريح ۾ ڪجه گهٽ ۔وڌائي ٿئي وئي هجي ته مهرباني ڪري معاف ڪندا۔ شل هن ناچيز، شاه سائين جي شاعري جي صحيحي ترجماني جو حق ادا ڪيو هجئي ۔توهان جي رائي جو شدت سان انتظار رهندو۔
ماشاء الله ۔۔۔۔ ڪيترن ڏينهن کان سوچيم ويٺي ته محترم دوست مصطفٰيٰ جو غلام الائجي ڪٿي آهي ۔۔۔؟؟؟ ڪجهه ڏينهن ٿيا ته اوهانجي غير موجودگي محسوس پئي ٿي ۔۔۔ پر اچڻ سان اهڙو موضوع ۽ اهڙي تحرير لکي اٿوَ جو اصل ”جان جگر جيرا، بڪين سوڌو صدقي ڪريان“ ۔۔۔۔ تمام سهڻو ليک سرسري پڙهڻ سان ئي روح کي راحت ملي آهي، جڏهن تفصيلي پڙهبو ته ڇا حالت ٿيندي ۔۔۔۔؟؟؟ ڪجهه دوستن کي ڏسي خلقڻهار جي ان چوڻ تي يقين اڃان به گهرو ٿي ويندو آهي ته جنهن ماڻهونءَ جو مونتي (الله( تي ايمان پختو ٿي ويندو آهي ته انکي آءُ هڪ ڪسوٽي ڏئي ڇڏيندو آهيان، جنهن سان هو سچ ۽ ڪوڙ جي پرک ڪري سگهندو آهي ۔۔۔“ غلام مصطفيٰ دوست جي هر لکڻي ان ڪسوٽيءَ جو يقين ڏياريندي آهي ۔۔۔۔ جڙيا هجو دوست! پيار ڀريون چميون پنهنجي نرڙ تي قبول ڪندا ۔۔۔۔
ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو، کٿيروئي خوب ميروئي محبوب ، اسان مارو مڃئو۔ سر مارئي مان محبت ۽ وطن جي حب نمايان آهي۔ اوهان جا لک ٿورا جو اوهان تشريح سان آسان ڪري سمجهايو۔
محترم ميمڻ صاحب ، توهان جي مٿين تشريح سان اسان کي سر مارئي جي مرڪزي موضوع جي باري ۾ پروڙ پئجي سگهي آهي۔ سچ ته پڙهي ڏاڍو لطف آيو۔