وئين ڏور ڪيڏو تون مونکان پري

مظهر شاه

سينيئر رڪن
آءُ يادون تنهنجو تڙپائن پيون
آءُ سنسان گهٽيون پڇائن پيون
وئين ڏور ڪيڏو تون مونکان پري
سواءِ تو اکڙيون نير برسائن پيون
در دڳ بيهي آئون ڳوليان پيو
آءُ عڪس جهلڪيون جلائن پيون
هي يادونتنهنجوهن مظهر کي الا
مندرن ۽ مسجدن ۾ ڊڪائن پيون
 
آءُ يادون تنهنجو تڙپائن پيون
آءُ سنسان گهٽيون پڇائن پيون

زبردست سائين ۔۔۔ اوهان جا خيال وڻيا
 
Back
Top