• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا توهان چاهيو ٿا ته فيس بوڪ وال تي صرف پنهنجي ئي شيئرنگ ظاهر ٿئي؟

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
دوستو فيس بوڪ وال يا ٽائيم لائين تي اڪثر اسان جا دوست غير ضروري يا ڪڏنهن ڪڏنهن اڻ ڄاڻائي ۾ ڪي غير اخلاقي شيون ٽئگ ڪن ٿا يا اسان جي وال تي پوسٽ تي ڪن ٿا جيڪي بظاهر ايئن نظر اينديون آهن ڄڻ اسان جون ئي ڪيل هُجن۔ يا تمام گهڻي ٽئگ سان اسان جي ٽائيم لائين تي آيل شخص اسان جي شيئرنگ تي صحيح سان پُهچي ئي نه ٿو۔ ۽ ڪڏنهن وري ايئن به ٿيندو آهي ته ٽئگ ٿيل تصوير ڏسي دوست فون ڪري پيا چوندا آهن يار وال تي ڇا ڇا رکيو ويٺا آهيو؟
جيئن ته هي هڪ سوشل پليٽ فارم آهي جنهن کان ڪنهن کي روڪي نه ٿو سگهجي ته هو ٽئگ نه ڪري. وڌ ۾ وڌ کيس فرينڊ لسٽ مان ئي رموو ڪجي. پر جي اُهو به نه ٿو ڪري سگهجي ته هڪ ٻيو طريقو به آهي.
فيس بُڪ پرائيويسي ۾ هڪ آپشن اهو به آهي ته اوهان کي ٽئگ ٿيل مواد يا وال تي ڪنهن پاران پوسٽ ڪيل شئي صرف توهان ئي ڏسي سگهو ٿا۔ اها مين پيج تي متان ٻين کي به نظر اچي پر اوهان جي نالي تي ڪلڪ ڪري اوهان جي ئي وال تي ايندڙ کي صرف ۽ صرف اوهان جي شيئرنگ ئي ملندي۔

طريقو صفا سؤلو آهي۔

پنهنجي نالي جي پاسي ۾ گول نشان ڏنل تي ڪلڪ ڪريو

ڏنل گول نشان واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو

jbsyGPWW9UHsq2.JPG

ايڊٽ سيٽنگ۔ پر خيال رهي ته ٽائيم لائين اينڊ ٽيگنگ جي سامهون

jqmaNJWXztnVh.JPG

ڪسٽم تي ڪلڪ ڪري شو اونلي مي Show Only Me تي ڪلڪ ڪريو

jbf308bmKajYOV.JPG

ٽئگنگ لاءِ به اهو ئي طريقو۔

اوهان اهو ڪري وٺو۔ جي تسلي خاطر پهرين پڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ته سليمان وساڻ جي فيس بوڪ ٽائيم لائين جو ڀيرو ڀري ڏسو۔ ڪا به ٽئگ يا پرائي پوسٽ نظر نه ايندي۔
 
واه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔! اهو ئي ته کپي پيو مونکي به۔۔ ڏسو ته سهي منهنجي ٽائم لائن تي مونکان سواءِ هر ڪنهن جي پوسٽ نظر ايندي۔
facebook.com/sajjad224
 
پر فائدو ڇا ته اوهان پنهنجي ڳالهه ته ڪريو پر ٻين جي ڳالهه ٻڌو ئي نه ۔۔۔ مزو ته تڏهن آهي جو اوهان بازار ۾ گهمو ته بازار جا سڀ رنگ ڏسو ۔۔۔ باقي پوءِ اوهانجي مرضي آهي ته ڪنهن تي جواب ڏيو يا پسند ڪريو يا ڊليٽ ڪريو ۔۔۔۔ يا وري اصل رپورٽ ڪريو ۔۔۔ خئير پاڻ ته ان جا قائل آهيون”

مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا ائين چون، متان پاند پسائين۔

مزو تڏهن آهي جڏهن اوهان سمنڊ ۾ هجو ۽ پاند به آلو نه ٿئي ۔۔۔۔ خئير اها ٽپ آهي ڀلي، پنهنجي پرائيويسي بدلائڻ جي ۔۔۔۔ لک قرب
 
اوهان جي ڳالهه ۾ به دم آهي سائين۔۔۔
 
بلڪل سائين مزو تڏنهن آهي جڏنهن سڀني جي بڌجي پر جڏنهن ٻڌائڻ وارا ٻڌائڻ بجاءِ رڳو ويٺا گوڙ ڪن يا فضول ڳالهائين ته انهي کي ڇا ڪجي؟ 23 وال پيپر کڻي وال تي پوسٽ ڪرڻ يا ٽئگ ڪرڻ کان پوءِ اسان واري پوسٽنگ ڪنهن کي ڪيئن هٿ اچي۔

پر هن طريقي سان اهو ٿيندو جو اوهان جنهن به ٽئگ يا وال تي پوسٽ ڪيل شئي کي لائيڪ يا ڪمينٽ ڪندؤ ته اها سڀني اڳيان ظاهر ٿيندي نه ته غير ضروري ٽئگ صرف اوهان تائين محدود هوندا۔ ۽ اها پرائيويسي سيٽنگ صرف توهان جي ٽائيم لائين تي لاڳو ٿيندي۔ جنهن تي ڪو وڃي ٿو ته صرف انهي لاءِ ته هُو صرف اوهان جي ئي شيئرنگ ڏسڻ چاهي ٿو۔ نه ته مين پيج تي سڀ شيون طاهر هونديون۔

وڌيڪ هي آهي ئي پرائيوسي جو مسئلو سو جيڪو جيتري رکڻ چاهي۔
 
پر فيس بڪ تي اها سهولت هئڻ گهرجي ته اسان کي ڪو ٽيگ ڪري يا نه ڪري اهو اسان جي مرضي تي هجي
يار آئون ته ٽيگ مان صفا بيزار آهيان هي طريقو اڃان به مڪمل حل ناهي
 
پر فيس بڪ تي اها سهولت هئڻ گهرجي ته اسان کي ڪو ٽيگ ڪري يا نه ڪري اهو اسان جي مرضي تي هجي
يار آئون ته ٽيگ مان صفا بيزار آهيان هي طريقو اڃان به مڪمل حل ناهي
سائين هي سوشل نيٽورڪ آهي... جيڪو توهان کي پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن سان رابطي ۾ رهڻ جو ذريعي طور پاڻ نڀائي پيو... اهو ئي سبب آهي ته ٽيگ ڪرڻ جو آپشن (جيڪو صرف توهان جي فرينڊ لسٽ ۾ موجود دوست ئي ڪري سگهي ٿو) هن توهان جي سهولت خاطر ئي ڏنو آهي...
توهان کي گهرجي ته اهڙن دوستن کي فرينڊ رڪيسٽ ئي نه موڪليو نه قبول ڪريو جيڪي توهان کي هروڀرو ٽيگ ڪن ٿا... هوئن به هتي ٽيگ ڪرڻ جو اصل مفهوم ته ٽيگ ڪرڻ وارو ئي نه ٿو ڄاڻي...
باقي ٽيگنگ ۽ پنهنجي مرضي خلاف گروپ ۾ ايڊنگ خلاف فيس بوڪ تي مهم جاري آهي.. ممڪن آهي اڳتي ڪا تبديلي اچي.. تيسين انهن شين کي روڪڻ لاءِ متبادل حل اهي ئي آهن جيڪي هتي پيش ڪيا ويا آهن..
 
طريقو صفا سؤلو آهي۔

481858_528830587129220_1202997361_n.jpg

پنهنجي نالي جي پاسي ۾ گول نشان ڏنل تي ڪلڪ ڪريو

68140_528830667129212_50798420_n.jpg

ڏنل گول نشان واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو

60054_528830673795878_712865688_n.jpg

ايڊٽ سيٽنگ۔ پر خيال رهي ته ٽائيم لائين اينڊ ٽيگنگ جي سامهون

577821_528830727129206_2058944433_n.jpg

ڪسٽم تي ڪلڪ ڪري شو اونلي مي Show Only Me تي ڪلڪ ڪريو

14461_528830760462536_34459202_n.jpg

ٽئگنگ لاءِ به اهو ئي طريقو۔

اوهان اهو ڪري وٺو۔ جي تسلي خاطر پهرين پڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ته سليمان وساڻ جي فيس بوڪ ٽائيم لائين جو ڀيرو ڀري ڏسو۔ ڪا به ٽئگ يا پرائي پوسٽ نظر نه ايندي۔

سائين تصويرون نظر ڪونه ٿيون اچن ڪئين روڪجي اهو تطيقو ٻڌايولفظن ۾
 
ادا مان هڪ سوال ڪيان مان جڏهن موبائيل تان گروپن تي پوسٽون رکندي آهيان ته منهنجي پوسٽ منهنجي دوستن ڏي ٽگ ڇو ٿيون ٿين گروپ ڪلوزد آهي ته پوءَ اتي جون پوسٽون فقط ميمبرز تائين رهن..... گروپن جون پوسٽون منهنجي دوستن ڏي ٽيگ نه ٿين
 
پر فائدو ڇا ته اوهان پنهنجي ڳالهه ته ڪريو پر ٻين جي ڳالهه ٻڌو ئي نه ۔۔۔ مزو ته تڏهن آهي جو اوهان بازار ۾ گهمو ته بازار جا سڀ رنگ ڏسو ۔۔۔ باقي پوءِ اوهانجي مرضي آهي ته ڪنهن تي جواب ڏيو يا پسند ڪريو يا ڊليٽ ڪريو ۔۔۔۔ يا وري اصل رپورٽ ڪريو ۔۔۔ خئير پاڻ ته ان جا قائل آهيون”

مونکي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾، اڀا ائين چون، متان پاند پسائين۔

مزو تڏهن آهي جڏهن اوهان سمنڊ ۾ هجو ۽ پاند به آلو نه ٿئي ۔۔۔۔ خئير اها ٽپ آهي ڀلي، پنهنجي پرائيويسي بدلائڻ جي ۔۔۔۔ لک قرب

پئي جا پاتار سا پسڻ ريءَ ڪيئن پالهي رهي ؟
 
ادا سائين جيڪي دوست پوسٽ ڪندا آھن اھا تہ بنا ٽئگ جي بہ ٽائيم لائين تي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. ٽئگ ڪرڻ وارو انهيءَ نيت سان ٽئگ ڪندا آھن تہ جنھن کي ٽئگ ڪجي ٿو ان جا سمورا دوست اھا پوسٽ ڏسن اھا ھڪ قسم جي چالاڪي آھي. سو دوستو اھو طريقو اسان بہ استعمال ڪندا آھيون. اگر ڪو ٽئگ ڪندو بہ آھي تہ نوٽيفڪيشن ايندو آھي تہ پوسٽ وال تي ايڊ ڪرڻ چاھيو ٿا يا رِمووَ. آسان حل رِمووَ يا ھائيڊ ڪري ڇڏجي. دوستن جون پوسٽون فقط پنھنجي وال تي نہ ھونديون ، باقي انھن کي ڏسي ۽ پڙھي سگھجي ٿو.
 
Back
Top