عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن

+++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++
+++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++
+++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++
پنهنجي پريت جا ڪجهه حوالا لکان ٿو
ڪـا لفظـن جــي رنگين مـالا لکــان ٿـــو
چـيــو دل پريــنءَ جي حسن کــي بيان ڪر
پنهنجي شعر ۾ هن جي صورت عيان ڪر
نه چـــوڙيون لکان ٿــو، نه والا لــــکان
لِـــکي رات چوڏهِين... اُجالا لــــکان ٿو
ڪـا لفظـن جــي رنگين مـالا لکــان ٿـــو
ڀلا! نيـڻ هــن جــا رقـــم ڪر!! چيـو دل
جِنِيـن ســاڻ مـونکي ڪيو ويو آ گهايل
نه ڪِي تِـيـرَ تِرڇــا، نـه ڀالا لکـــان ٿو
ڀَــريَـلَ جامَ جـا ڪــي پِيــالا لکـــان ٿو
ڪـا لفظـن جــي رنگين مـالا لکــان ٿـــو
چيــو دل!! ڀــلا عِشـقُ عـادت آ ڪـهـڙي
هي جن کي لڳو، تن جي حالت آ ڪهڙي
اکيــون آليـــون ۽ پيـــر ڇـــالا لکـان ٿـو
ڏُکــــــن ۽ غَــــمَن جـــا اٽالا لکــــان ٿو
ڪـا لفظـن جــي رنگين مـالا لکــان ٿـــو
کِلـــي دل چِيـو!! درويش استاد آهين!!!
چَـئِي حـال ســـارو کِلــي ٿو نٽــائين..!!
اڙي دل چري مان ته مالا لکيم پئي!!
خبر ناهــي! هِي ڇا؟ ۽ ڇالئه لکان ٿو
ڪـا لفظن جـي رنگين مـالا لکـان ٿـو
عمران درويش سومرو