ڪاوڙ۔۔ ڇو؟ ڪاوڙ جو حل۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مُختلف ماڻهن جا ان باري ۾ مُختلف رايا هوندا آهن، ڪي چوندا آهن ته اسان کي ڪاوڙ ايندي آهي ته گهر جا ٿانوَ اُڇلايون ٿا، ڪي پاڻ تي، يا وري ٻين تي ڪو عجيب ظلم ڪري ڪاوڙ لاهين ٿا، ڪي ڀتن کي ٽڪر هڻن ٿا۔۔ اهي سڀ ته انساني فطرت جي مُطابق نه آهن۔۔
    انسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي۔۔؟
    ان لاءِ توهان کي خبر هُجڻ گهرجي ته ڪاورڙ آهي ڇا۔۔؟
    ڪاوڙ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا ڪنهن به خلافِ توقع ڳالهه ٿيڻ تي اچي ٿي، اسان کي هڪ ڳالهه جي باري ۾ ڪائي اُميد هُجي ۽ اُن جي اُبتڙ ٿئي ته ڪاوڙ اچي وڃي ٿي،
    ،۔۔ ڪاوڙ جا درجا آهن، گهٽ ڪاوڙ، گهڻي ڪاوڙ، تمام گهڻي ڪاوڙ۔۔
    پر ڪاوڙ ڪيتري به هُجي، هوندي نُقصانڪار آهي، ذهني دٻاءُ ۾ اضافو ٿئي ٿو۔ پريشاني وڌي وڃي ٿي، اڄوڪي سائنس جي مطابق ڪاوڙ ڪندڙ جي عُمر گهٽ ٿي وڃي ٿي۔۔
    پر اها ڳالهه اڄ کان چوڏنهن صديون پهرين اسلام بيان ڪري چُڪو آهي ته ڪاوڙ ڪرڻ سان حياتي گهٽجي ٿي، صله رحمي (ماڻهن سان حُسنِ سُلوڪ) ڪرڻ سان حياتي وڌي ٿي۔۔
    اسلام جي مطابق ڪاوڙ شيطان جو هٿيار آهي شيطان جي وسوسي سان ڪاوڙ اچي ٿي ۽ انهيءَ ڪري ڪاوڙ جي حالت ۾ ڪيل ڪم کي اسلام قبول نه ٿو ڪري۔ ايتري قدر جو ڪاوڙ جي حالت ۾ ڏنل طلاق به اسلام ۾ قبول نه آهي۔۔
    ڪاوڙ اچڻ جي صورت ۾ اسلام جا ڪجهه بهترين اُصول جيڪي پاڪ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جن ۽ سندن اولاد جي حديثن مطابق آهن۔۔۔
    جيڪڏهن ڪاوڙ اچي ٿي ته انسان ؓگلاب جي گُل کي ڏسي يا سندس خوشبوءِ سونگهي،
    پاڻي تي نظر ڪري۔
    جيڪڏهن ڪاوڙ بيٺل هُجڻ جي حالت ۾ آئي آهي ته ويهي رهي،
    جيڪڏهن ڪاوڙ ويٺل هُجڻ جي حالت ۾ آئي آهي ته اُٿي بيهي۔
    درودِ ڪريم جو ورد ڪري۔۔۔۔ ته ڪاوڙ آهستي آهستي پاڻ مُرادو ختم ٿي ويندي۔۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ماشاالله توهان جِي هن پوسٽ اسان جهڙن جهونن بلڊ پريشر جي دائمي مريضن کي هڪ نئون دڳ ڏيکاري ڇڏيو۔ انشاالله توهان جي انهن دل ۾ هنڊائڻ جهڙن نقطن تي عمل ڪري ڪاوڙ جهڙي موذي ۽ خطرناڪ مرض مان هميشهه لاءِ ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين۔ مهرباني اهڙي زبردست پوسٽ ونڊ ڪرڻ لاءِ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بس سائين۔۔ جيڪڏهن اسان انهن سُهڻن اُصولن تي عمل ڪريون ته هوند هي بلڊ پريشر، ذهني دٻاءُ وغيره جو ڪو وجود ئي نه هُجي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو