• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي تعريف ۾ شاعري گهرجي

هونئن ته مِٽيءَ جي چپٽي آهيان،
جيئي سنڌ ته ڌرتي آهيان.

خاڪي، نوري، فاني، باقي،
سچ پچ ساٿي سڀڪي آهيان.

عربي، عجمي آهيان ئي پر،
روسي، هندي، چيني آهيان.

سڀ کان اڳ ۾ انسان اڳ تي،
سنڌي ـــــــ سنڌي، سنڌي آهيان.

بوڙئي جھڙي منهنجي هستي،
سنڌو واري مستي آهيان.

سانگين سان گڏ سالگرهه مان،
وڇڙي ويس ته پوءِ ورسي آهيان.

تاريخ آهيان قوم قويءَ جي،
نه ته مرقد جي تختي آهيان.

ڏيڍ ڏنگايون ڏاري ڄاڻان،
مظلومن جو مددي آهيان.

مِهر ته مکڙي ماڪ ـــ ڦڙا مان،
قَهر ته ڪرندڙ بجلي آهيان.

جوت رتيءَ تي پريت پتنگو،
سنگ سڳندي، رنگي آهيان.

عشق ۽ عقل حقيقي ساٿي،
سونهن سچيءَ جو سنگتي آهيان.

آجو پيار ملي پوءِ پيارا،
سولو ويندو سرچي آهيان.

آزادي استاد تنواريان،
ماڻهن جي مان مرضي آهي
 
تکو هوندو تھ ڄڻ ڌاتو هوندو،
مڏو هوندو تڌنهن به مترڪو هوندو،
لکيو جيڪو بخاري چوسٽو هوندو،
ھوا ۾ ڦڙڪندو ريٽو جھندو هوندو،

(استاد بخاري)
 
lightbox
پنهنجي دل جي نالي
منهنجي دل دادو آهي
دادو سنڌين جي دل آهي
۽
سنڌ وري ڪائنات جي دل آهي
وڌيڪ هن لنڪ تي پڙهندا ۔۔۔عظيم ماڻهو عظيم شاعر۔۔ استاد بخاري​
 
جنهن دور ۾ انصاف نه ٿيندا آهن۔
حقدار کي ڪو حق نه ڏيندا آهن۔
ٻڌجي ٿو ته ان دور سنداپيءُ ۽ ماءُ
اولاد به باغي ئي ڄڻيندا آهن.

استاد بخاري.
 
وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن.
ننڍا ڳوٺ ڌاڙين جي کوڙن ۾ آهن.
هجي لانگ بوٽن ياووٽن جي موسم.
هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن.

استاد بخاري.
 
مرندي به قوم آهي. جيئندي به قوم آهي.
ڪرندي به قوم آهي.اٿندي به قوم آهي.
هن ڀونءِ جا جيالاجهونجهار پٽ ۽ ڌيون.
سنسار کي مڃايو سنڌي به قوم آهي.
 
منهنجو نالولکو منهنجو نالو لکو ڳوهه گڏڻو آ گڏجي ته ڇوٿا ڊڄو
منهنجو نالو لکو منهنجو نالولکو۔۔
ها جڏهن ۽ جتي ديس جي دنگ تي جوٽڻي جوٽجي جوٽڻي جوٽجي
مونکي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو
منهنجو نالو لکو منهنجو نالو لکو۔

عيد جي دهل تي ڪنهن وڏي شغل تي
موت جي مهل تي موت جي مهل تي
ڪنهن جي دل ڌيان ۾ ديس جو دڪدڪو
منهنجو نالو لکو منهنجو نالو لکو

لسٽ ڏاڍي ڊگهي وچ تي ناهي وٿي
ڪنهن نه ڪنهن ڪُنڊ تي سنڌ جا عاشقو
منهنجو نالو لکو او منهنجو نالو لکو
منهنجو نالو لکو۔۔۔۔۔منظور ڪلهوڙو
 
جسم جيئرا ستل سوچون اٿو تن لاء تـ ڪجھ سوچون.
سندن ڪاتيون سندن ٻوٽيون اٿو تن لاء تـ ڪجھ سوچون.
سڀئي سرتيون سُڪن آنڊن نـ ڪو ٻارڻ ٻري وانڍين
رڳو پيو سور کي سانڍين چڪن پيون چيڙه ۾ ڇوٽيون
اٿو تن لا۽ تـ ڪجھ سوچون.
ڌڻن ڍوليا وڃن ڪاهيو.. اچن سيمن مان سهڪايو
نـ ڪي پاڻي نـ ڪي سايو جهڙيون پهريون تهڙيون موٽيون.
اٿو تن لا۽ تـ ڪجھ سوچون
غلامي ۾ گذر ڏينهڙا،اچي سانگين جا ويا هينئڙا.
نـ ڪي مارن لا۽ مينهن پيئڙا، کنون کنوڻيون ڪي کوٽيون.
اٿو تن لا۽ تـ ڪجھ سوچون
پرولين کي بـ سلڻو آ نـ ڪنهين جو راڄ رکڻو آ
ويڳاڻا حق بـ ملڻو آ اچو جابر سان جنگ جوٽيون.
جسم جيئرا ستل سوچون اٿو تن لا۽ تـ ڪجھ سوچون
 
درد ڄاڻي ديس جا، سو سنڌ جو ساڻي اچي
غزل : عنايت بلوچ

هر بُرائي ٿي اسان وٽ سرس ساماڻي اچي،
هن بُري هن ڀنڀور ۾ هاڻي ڪو آرياڻي اچي.

هر طرف هُٻڪار سان واسيل وطن هو، اڄ مگر،
ٻهڪندڙ مکڙي به گلشن مان ٿي ڪوماڻي اچي!

مست موجن سان ڀريل هو، سو ويو سنڌو سُڪي،
مَنَ اُنهيءَ برپٽ مُٺي مهراڻ ۾ پاڻي اچي!

دوغلن، سياسي مدارين کي قطارن مان ڪڍو،
درد ڄاڻي ديس جا، سو سنڌ جو ساڻي اچي.

دشمنن جا داو هرگز ڪين ٿيندا ڪامياب،
سنڌ سوڀاري صدين کان، واهه واکاڻي اچي.

جوش ۽ جذبا نئين سِر باهه تي ٺپرائجن،
آڳڙيا آيا عنايت، هاڻ سانداڻي اچي.
 
ڇا مان پنهنجي محبوب کي صحيح جواب ڏنو؟

جڏهن منهنجي محبوب مونکان پڇيو تـ ڇا آزادي جي ڪا مند ٿيندي آهي؟
تـ چيم ها جڏهن ڦاهين جا ڦندا گونچ ڪڍي ڦلارجي پون. انهن ۾ ڪنڌ ڳاڙهن ٻيرن جيان لڙڪڻ لڳن.۽ ڌرتي تي ڳاڙهي پاڻي جو ريج اچي ۽ مائرون ٻارن کي سانجهي ويلي قوميت جون لوليون ڏين تـ اها مند آزادي جو اهڃاڻ هوندي آهي

عابد بلوچ ديشي
 
ڇا مان پنهنجي محبوب کي صحيح جواب ڏنو؟
جڏهن منهنجي محبوب مونکان پڇيو تـ ڇا آزادي جي ڪا مند ٿيندي آهي؟
تـ چيم ها جڏهن ڦاهين جا ڦندا گونچ ڪڍي ڦلارجي پون. انهن ۾ ڪنڌ ڳاڙهن ٻيرن جيان لڙڪڻ لڳن.۽ ڌرتي تي ڳاڙهي پاڻي جو ريج اچي ۽ مائرون ٻارن کي سانجهي ويلي قوميت جون لوليون ڏين تـ اها مند آزادي جو اهڃاڻ هوندي آهي

عابد بلوچ ديشي

تمام اوچا آدرآش، شل سيد جي هر هڪ سپاهي جا آدرش اهڙا بڻجي پون ته آزادي جو سج ضرور اُڀري پوندو۔
 
Back
Top