عبدالقيوم سڪندري
سينيئر رڪن
ساڳين حرن کي سوبسو ڏسان پيو
ويرين سان وڙهندي روبرو ڏسان پيو
هڪ هو سورهيه جنهن سر ڏنو
روح ان جوٻيهر روبرو ڏسان پيو
ساڳيون سي صورتون ۽ سلسلا
واه سوئي سورهيه هوبهو ڏسان پيو
***
هي همتون ۽ حوصلا ڏسي ڇڏيو
وطن واسين جا ولولا ڏسي ڇڏيو
سنڌ تانهي جند گهوربي پئي
سورهين جا سلسلا ڏسي ڇڏيو
***
هي ڀاڙيا بي ضمير ڇا ڪندا
حرص ۽ هوس جا اسير ڇا ڪندا
سنڌ سلامت آ رهڻي سدا
وطن فروش هي وزير ڇا ڪندا
***
بت شڪن نٿا جي ٿي سگهو
وطن فروشان خدارا نه ٿيو
سنڌ جي سيند تي داغ بنجي
ڇو زماني ۾ اڃان پيا جيو.
منصور سوندرائي