آءُ هميشه پاڻ کي خوش محسوس ڪندو آهيان. توهان کي خبر آهي ڇو انهيءَ لاءِ جو مان هميشه ڪنهن شخص ۾ به ڪنهن شي جي اميد نه رکندو آهيان. اميدون ئي هميشه دل ڏکوئينديون آهن. زندگي تمام گهٽ آهي. تنهنڪري زندگي سان پيار ڪريو. خوش رهو ۽ مسڪرائيندا رهو اها ئي زندگي آهي.
چيو ويندو آهي ته ” اميدن تي جهان قائم آهي“ پر ها ۔۔۔۔ اميد رکو پنهنجو پاڻ ۾ ۔۔۔۔ اميد رکو پنهنجن پرين پيارن ۾ ۔۔۔ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اميد رکو پنهنجي رب ۾ ۔۔۔“ ۽ ها اميد رکڻ جو مقصد اهو ناهي ته ۔۔۔ نا اميد ٿي پاڻ کي ڏکيارو ڪيو ۔۔۔ اوهان ڀلو ڪم ٿا ڪريو، جاويد ڀا ۔۔۔ پاڻ به ڪوشش ڪريونٿا، پر عشق تنهنجو ستائي ته مان ڇا ڪريان ؟؟؟؟ ۔۔۔ خوش رهو آباد رهو ۔۔۔
اصل دنيا جهان کان پري ڀڄي ويس ،ان آسري تي ته ٻٽي ڏينهن وڃي خوش گزارجن ، اهڙي هنڌ وڃي چلو ڪاٽيو ،جتي نه ريڊيو نه اخبار ،نه ٽي وي ۽ نه موبائل فون ، رڳو ساڳ ۽ مکڻ هئا ۔ پر ضمير اهڙو ته اچي ورايو،جو چلي کي اڌ ۾ ڇڏي اچي سنگت جي ڏکن،سکن ۽ سورن ۾شامل ٿيس۔ جتي وڌکان وڌ خوشي ٿي ملي ۔
چاچو ڪريم به چلا ڪڍندو آهي اها خبر هاڻي پئي آهي ليڪن اڌ ۾ ڀڄي اچڻ سان پتو پيو ته جيڪو مزو سنگت جي ساٿ ۾ آهي سو شايد چلي ڪڍڻ ۾ نه آهي۔