اڄوڪو ڏينهن 13 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 13 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

13 ڊسمبر 1934ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي.
13 ڊسمبر 1936ع ليکڪ تلسي منگهاڻي جي پيدائش ٿي.
13 ڊسمبر 1938ع ليکڪ ۽ مصور
فتاح هاليپوٽي جو جنم ڏينهن آهي.
13 ڊسمبر 1944ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
13 ڊسمبر 1946ع شاعر محمد هاشم حاجن جو جنم ڏينهن آهي.
13 ڊسمبر 1961ع جوهي سان تعلق رکندڙ ليکڪ
ابن لائق سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
13 ڊسمبر 1963ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ خادم حسين رند جي پيدائش ٿي.
13 ڊسمبر 1968ع نئين ديري جي صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
13 ڊسمبر 1985ع شاعر شاهجهان سُميل جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

13 ڊسمبر 1749ع مذهبي اسڪالر مفتي عبدالله مهيسر جي وفات ٿي.
13 ڊسمبر 1965ع سياستدان سيٺ پرتاب راء ديهانت ڪري ويو.
13 ڊسمبر 1985ع ناليواري اديب ۽ صحافي،
خير محمد نظاماڻيءَ جي وفات ٿي.
13 ڊسمبر 1989ع صوفي شاعر فقير علي گوهر شر جي وفات ٿي.
13 ڊسمبر 2000ع ناميارو تعليمدان ۽ اڳوڻو سيڪريٽري تعليم،
سيد پناھ علي شاھ وفات ڪري ويو.
13 ڊسمبر 2003ع شاعر، اديب، نقاد ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل
ڊاڪٽر شمس سومرو جو لاڏاڻو ٿيو.
13 ڊسمبر 2008ع ناليواري شاعر تاجل بيوس جي ڪراچي ۾ وفات ٿي.

اڄوڪي ڏينهن
13 ڊسمبر جا ڪجهہ اهم واقعا


1474ع - وليم ڪيڪسٽن جيڪو ڇپائي جو مؤجد آهي، جنھن سڀ کان پھرين انگريزي ڪتاب ڇاپيو.
1972ع - ريڊيو پاڪستان کي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو.
2001ع - ڀارت جي گاديءَ جي هنڌ نئين دهليءَ ۾ ڀارتي پارليامينٽ جي سامهون ڌماڪي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا۔ ذميداريءَ جو الزام سڌو سنئون پاڪستان تي لڳايو ويو۔
2003ع ــ عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين کي آمريڪي فوجين گرفتار ڪري ورتو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
13 ڊسمبر 1947ع تي بنگال ۾ ٻولي جا فساد شروع ٿيا۔ اهي فساد انڪري شروع ٿيا جو بنگالي ماڻهو بنگالي ٻولي کي صوبي جي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ لاء احتجاج لاء نڪري پيا۔
 
13 ڊسمبر 1947ع تي بنگال ۾ ٻولي جا فساد شروع ٿيا۔ اهي فساد انڪري شروع ٿيا جو بنگالي ماڻهو بنگالي ٻولي کي صوبي جي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرائڻ لاء احتجاج لاء نڪري پيا۔
بهترين سلسلو اميد ته جاري رکندا، وڏي انسائيڪلوپيڊيا جڙي رهي آهي۔۔۔
 
اڄ جي تاريخ ڇا ڏنو ڇا ورتو : فقير محمد سنڌي 13ڊسمبر 1474ع تي وليم ڪيڪسٽن جيڪو ڇپائي جو موجد آهي، جنهن سڀ کان پهريان انگريزي ڪتاب ڇپايو.
13ڊسمبر 1879ع تي مشھور شاعر عرفاني بدايوني جو جنم ڏينهن آهي.
13ڊسمبر 1920ع تي آمريڪا جي وزير خارجه چارج پي شلٽر جو جنم ڏينهن آهي.
13ڊسمبر 1943ع تي اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي.
13ڊسمبر 1965ع تي سياستدان پرتاب راءِ ديهانت ڪري ويو.
13ڊسمبر 1968ع تي صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
13ڊسمبر 1972ع تي ريڊيو پاڪستان کي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو.
13ڊسمبر 1978ع تي مير خليل الرحمان کي گولڊ مرڪري انٽر نيشنل ايوارڊ ڏنو ويو.
13ڊسمبر 1989ع تي صوفي شاعر فقير علي گوهر شر جو لاڏاڻو ٿيو.
13ڊسمبر 2003ع تي سنڌي ادب جو گھڻو گهرو شمس سومرو جو لاڏاڻو ٿيو.​
 
Back
Top