منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
منهنجي ذاتي زندگي ۾ الله پاڪ جي قدرت جي معجزن جا نظارا ڏسڻ ۾ آيا ۽ الله پاڪ جي پنهنجي پياري حبيب مٺي مير مرسل مدني مُحمد صلي الله عليه وسلم جي مٺڙي جي محبت منهنجي سيني منجهه رکي ۽ ان محبت جو به معجزو مون اکين سان ڏٺو ۽ پو مون اهو پنهنجي موبائيل ۾ تصويري ۽ وڊيو جي صورت ۾ محفوظ ڪيم جيڪي مان اوهان دوستن سان ونڊ ڪندس، سڀ کان پهرين اهي تصويرون اوهان کي پيش ڪيان ٿو جيڪي مون جمع نماز ادا ڪندي گلشن حديد جي وڏي جامع مسجد ديار حبيب ۾ ڏٺو، جئين نماز مڪمل ڪري دعا لا هٿ کنيم ته منهنجي نگاهه هيٺ سجدي واري جڳهه تي پئي ، الله اڪبر ڇا ڏسان ته الله جل شانهُ جو پاڪ نالو ماربل واري پٿر تي اوڪريل واضح نظر آيو، اوهان به ديدار ڪيو۔ ۽ ٻيو معجزو پنهنجي آفيس ۾ ويٺل هئم ته نگاهه آسمان طرف وڌم ته ڇا ڏسان ته مٺي مير مرسل مُحمد صلي الله عليه وسلم جي مٺي نالي جو عڪس بادلن (جهُڙ) منجهه واضح محسوس ڪيم، اوهان به ڏسو ۽ شايد تصوير ۾ ڪجهه گهٽ نظر اچي پر ان جي وڊيو ۾ ٿورو واضح نظر ايندو۔



