منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
جڏهن ڪو وڇڙي وڃي ٿو اوچتو!
جڏهن ڪو وڇڙي وڃي ٿو اوچتو،
تير دل ۾ کپجي وڃي ٿو اوچتو،
ٽوڙي وڃي ٿو پيار جي هر ڏور کي،
اندر بيابان ڪري وڃي ٿو اچتو،
خوشيون سموريون کڻي ڏيئي وڃي ٿو ڏکڙا،
طوفان آڻي وڃي ٿو اوچتو،
بهارون کڻي، پن ڇڻ موسم رت کي ڪري،
برسات آڻي وڃي ٿو اوچي،
جڏهن پهرين پيار ٿو وڇڙي وڃي ”منصور“
وقت به رڪجي وڃي ٿو اچتو۔
شاعري: منصور ميراڻي