پيارا دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ ڪافي ڏينهن کانپو توهان دوستن سامهون آيو آهيان توهان سامهون سنڌ مشهور شاعر محترم مشتاق سعيد پيش خدمت آهي مشتاق سعيد جي شاعري مونکي پنهنجي دل وٽان لڳندي آهي توهان کي مشتاق سعيد جي شاعري ڪيئن ٿي لڳي اميد ته سُٺي لڳندي۔ مشتاق سعيد جي نئين آيل ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان جو نظمهي نظم مشتاق سعيد جي ڪتاب ڌيمي وهڪ دريا تان ورتو ويو آهيهي نظم ڌيمي وهڪ دريا تان ورتو ويو آهيمشتاق سعيد جو خوبصورت نطم
مشتاق سعيد جي شاعري جي واه واه نه ڪرڻ ته مورڳو ناانصافي ئي نه پر صفا ناجائزي چئبي ۔۔۔ مجازي مامن سان ڀريل لفظ ۽ نثار ناز جي چترڪاري جو ڪمال جو گيت ۽ غزل پڙهڻ ۾ مزو آيو ۔۔۔ نثار ناز سميت دوست ننگر کي هن اڱڻ تي پير ڌرڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۔۔۔۔
سائين قربان وڃان مشتاق سعيد جي احساسن تان جن سنڌ امڙ جي سورن کي پانهجي مٺڙن ٻولن ۾ عڪس ڪيو آ ۽ ڪمال سائين نثار ناز صاحب جو جنهن انهن ۾ جان وڌي آهي ،سائين نثار ناز صاحب اوهان جس لهڻو اوهان جنهن خوبصورت انداز سان ڪينوس تي مشتاق سعيد صاحب جي لفظن جي عڪاسي ڪئي آهي تمام لاجواب آهي، دعا آهي ته اسان پنهجي قوم کي جيارڻ جي جتن ۾ مصروف عمل آهيون الله پاڪ اسان جي رهنمائي فرمائي ۽ اسان کي ڪاميابي عطا فرمائي
مشتاق سعيد لاڙ جي شهر سجاول سان تعلق رکندڙ انهن نوجوان شاعرن مان آهي جنهن شاعريء کي نوان رنگ ۽ روپ ڏنا آهن۔ سندس احساس سچ ته لاجواب آهن۔ سائين نثار ناز جا ٿورا جنهن خوبصورت ڊزائن ڪيل شاعري اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔ لاجواب چترڪاري ۔۔۔۔۔ سائين نثار ناز کي گهڻي وقت کانپوء فورم تي شيئرنگ ڪرڻ تي ڀليڪار ڪجي ٿي۔
مشتاق سعيد جي شاعري واقحي ئي تمام بهترين آهي۔ سندن شاعري ۾ هن فاني دنيا جا رنگَ تمام سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيا ويا آهن
ادا ننگر پرويز عباسي توهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار اميد ته جيڪي اسان جا نوان ڀائر سنڌ سلامت تي ايندا آهن اهي ئي سنڌ کي سنواريندا ۽ سجائيندا توهان نوجوان دوستن مان اسان سنڌ واسين کي وڏيون اميدون آهن الله سائين توهان کي سلامت رکي آمين
ادا عتيق الرحمان جيڪي دوست ڌرتي لا لکندا اُڻهن شاعرن اديب دوستن جو منهنجي دل ۾ اصل ديرو آهي مشتاق سعيد جي شاعري مونکي تمام گهڻي وڻندي آهي ، الائي ڇو اڃان هن ڌرتي جي شاعر سان ملي نه سگهيو آهيان، ڏاڍي سڪ اٿم ۽ دل چوي ٿي ته مشتاق سعيد سان ملي سندس هٿ چُمي کيس چوان ته مشتاق سعيد تون لاجواب آهين توهان جون مهربانيون جو توهان کي اسان جي غريباڻي چترڪاري پسند آئي۔
مهرباني ادا۔جنهن ڌرتي تي اسان رهون ٿا اُنَ ڌرتي کي سنوارڻ اسانجو فرض آهي۔دعائون ۾ ياد۔سنڌ سلامت،ساٿ سلامت