• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Twitter ٽوئيٽر جو تعارف

گورڌن ولاسائي

سينيئر رڪن
جديد ۽ گهماگهمي جي دور ۽ وقت جي وڌندڙ تيزي، اڄ جي انسان کان گهٽ کان گهٽ وقت ۾ گهڻي کان گھڻي کان معلومات ۽ خبرچار گهُري ٿي. انٽرنيٽ جي وڌندڙ استعمال ۽ ڳالهه کي گهٽ مقدار ۾ چٽو سمجهائڻ لاءِ ٽُئٽر کان وڌيڪ ڪا ٻي سوشل نيٽورڪنگ ويب سائيٽ نه ٿي ٿي سگهي.
ٽُئيٽر تي دنيا جا سڀ کان مصروف ترين ماڻهو همه وقت پنهنجي باري ۾، پنهنجي پسند جي باري ۾ يا آسپاس ٿيندڙ واقعن کان واقف ڪندا رهن ٿا. آمريڪي صدر بارڪ اوباما کان وٺي مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد اظهار جسڪاڻي تائين، بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان کان وٺي عمرڪوٽ جي منور رند تائين ۽ جيو نيوز جي تازه ترين اپ ڊيٽس تائين سڀ ئي ٽي وي چينل ۽ اخبارون ايستائين جو ڪافي ويب سائيٽون ۽ بلاگ به ٽئيٽر جي ذريعي پنهنجي پڙهندڙن، چاهيندڙن ۽ نه چاهيندڙن سان تعلق ۾ رهن ٿا.
سنڌ سلامت جي محترم حفيظ لغاري ملڪاڻي شريف واري (حال سچل ڳوٺ ڪراچي) جي چوڻ تي اڄ آئون ٽئيٽر جي استعمال بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو.
جيڪڏهن توهان ٽئيٽر استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته
2. پنهنجو پورو نالو، اي ميل ايڊريس ۽ پاسورڊ ڏيو.
3. Sign up for Twitter نالي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
4. اڳتي ايندڙ پيج تي توهان پنهنجو username ڏئي سگهو ٿا. يوزرنيم اڳ ۾ رجسٽر ٿيل سمورن ٽئيٽر اڪائونٽن کان مختلف هجڻ گهرجي.
5. پنهنجي نالي، اي ميل ايڊريس جي تصديق ڪريو.
6. ان کان پوءِ ٽئيٽر توهان جي ڏنل اي ميل ايڊريس تي هڪ confirmation email موڪليندو، ان اي ميل ميسيج ۾ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجو اڪائونٽ رجسٽريشن مڪمل ڪري سگهو ٿا.
وڌيڪ تفصيل هيٺ ڏنل تصويرن مان سمجهي سگهجي ٿو۔
350mdrr.jpg
27992_529301453748800_1108064906_n.jpg

77049_529301527082126_407692029_n.jpg


68892_529301620415450_2063848230_n.jpg


156140_529301823748763_1115809616_n.jpg


هي ته ٿي ويو ٽئيٽر جو استعمال۔

اصل مزو آهي ٽئيٽر کي موبائل فون تي ايس ايم ايس ذريعي استعمال ڪرڻ، موبائل فون تي اپليڪيشن ذريعي استعمال ڪرڻ يا وري ڪمپيوٽر تي ٽئيٽ ڊيڪ TweetDeck سافٽويئر ذريعي استعمال ڪرڻ۔

سڀ کان پهريان، TweetDeck۔
TweetDeck هڪ تمام زبردست سافٽويئر آهي جنهن ذريعي توهان پنهنجو ٽئيٽر اڪائونٽ تمام آساني سان استعمال ڪري سگهندا، نه فقط ايترو پر ڪنهن گهڻو پسند اڪائونٽ کي خصوصي طور تي فالو ڪري سگهو ٿا، ڪنهن خاص موضوع تي ايندڙ ٽئيٽ آساني سان لوڪيٽ ڪري سگهو ٿا۔

ٽئيٽ ڊيڪ استعمال ڪرڻ کان اڳ توهان وٽ http://get.adobe.com/air
.NET Framework
هجڻ کپن۔

وڌيڪ تفصيل هيٺ ڏنل تصويرن مان واضع آهي۔
15yd5wm.jpg


vpbv2g.jpg


منهنجي ٽئيٽ ڊيڪ جو مئن پيج۔

1evvhv.jpg
 
زبردست ادا تمام بهترين معلومات ونڊ ڪئي اٿئو

توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد به چئون ٿا

اميد ته ساٿ رهندو

سدائين گڏ
 
گهڻو عرصو اڳ مون به ٽوِٽر تي اڪائونٽ ٺاهيو هئو۔۔ سمجه ئي نه آيو۔۔۔ ڀڄي جان ڇڏائي۔۔ اوهان جي ليک ڏسي ٺاهيان ٿو۔ متان وري سمجهه اچي وڃي۔
 
جديد ۽ گهماگهمي جي دور ۽ وقت جي وڌندڙ تيزي، اڄ جي انسان کان گهٽ کان گهٽ وقت ۾ گهڻي کان گھڻي کان معلومات ۽ خبرچار گهُري ٿي. انٽرنيٽ جي وڌندڙ استعمال ۽ ڳالهه کي گهٽ مقدار ۾ چٽو سمجهائڻ لاءِ ٽُئٽر کان وڌيڪ ڪا ٻي سوشل نيٽورڪنگ ويب سائيٽ نه ٿي ٿي سگهي.
ٽُئيٽر تي دنيا جا سڀ کان مصروف ترين ماڻهو همه وقت پنهنجي باري ۾، پنهنجي پسند جي باري ۾ يا آسپاس ٿيندڙ واقعن کان واقف ڪندا رهن ٿا. آمريڪي صدر بارڪ اوباما کان وٺي مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد اظهار جسڪاڻي تائين، بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان کان وٺي عمرڪوٽ جي منور رند تائين ۽ جيو نيوز جي تازه ترين اپ ڊيٽس تائين سڀ ئي ٽي وي چينل ۽ اخبارون ايستائين جو ڪافي ويب سائيٽون ۽ بلاگ به ٽئيٽر جي ذريعي پنهنجي پڙهندڙن، چاهيندڙن ۽ نه چاهيندڙن سان تعلق ۾ رهن ٿا.
سنڌ سلامت جي محترم حفيظ لغاري ملڪاڻي شريف واري (حال سچل ڳوٺ ڪراچي) جي چوڻ تي اڄ آئون ٽئيٽر جي استعمال بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيان ٿو.
جيڪڏهن توهان ٽئيٽر استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته
2. پنهنجو پورو نالو، اي ميل ايڊريس ۽ پاسورڊ ڏيو.
3. Sign up for Twitter نالي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.
4. اڳتي ايندڙ پيج تي توهان پنهنجو username ڏئي سگهو ٿا. يوزرنيم اڳ ۾ رجسٽر ٿيل سمورن ٽئيٽر اڪائونٽن کان مختلف هجڻ گهرجي.
5. پنهنجي نالي، اي ميل ايڊريس جي تصديق ڪريو.
6. ان کان پوءِ ٽئيٽر توهان جي ڏنل اي ميل ايڊريس تي هڪ confirmation email موڪليندو، ان اي ميل ميسيج ۾ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجو اڪائونٽ رجسٽريشن مڪمل ڪري سگهو ٿا.
وڌيڪ تفصيل هيٺ ڏنل تصويرن مان سمجهي سگهجي ٿو۔
350mdrr.jpg
27992_529301453748800_1108064906_n.jpg

77049_529301527082126_407692029_n.jpg


68892_529301620415450_2063848230_n.jpg


156140_529301823748763_1115809616_n.jpg
اوهان جي محنت کي سلام آهي۔ انتهائي خوبصورت نموني سان سمجهاڻي ڏني۔۔ سنڌ سلامت تي موجود دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي ٽوِٽر آئي ڊي ڏسن۔۔
 
لاجواب ۔۔۔۔ گورڌن جي ڪمال جي شيئرنگ ۔۔۔۔

يار گورڌن سچ پڇين ته اوهان جي هي شيئرنگ ۽ ان ۾ شامل ڪيل تصويرون ۽ سمجهائڻ جو طريقو سچ ته ڪمال جو آهي۔ تمام گهڻي خوش ٿي جو اوهان هڪ اهم موضوع ، هڪ مشهور سوشل نيٽورڪ جي باري ۾ ڄاڻ ڏني۔

مون به ڪڏهن ٽئيٽر تي هي اڪائونٽ ٺاهيو هو۔
 
سمورن دوستن جون مهربانيون۔ ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي جو دوست همت افزائي ڪري رهيا آهن۔ اصل ۾ مون کي ٽئٽر گهڻو ان ڪري وڻندو آهي جو منهنجي هڪ ٽئيٽ کي محترم بلاول ڀٽو فيورٽ قرار ڏنو ۽ منهنجي هڪ پسنديده اداڪاره گُل پناگ مون کي جواب ڏنو هو ٽئيٽر تي۔

ٽئيٽر جو فائدو اهو آهي جو توهان پنهنجي ڳالهه پنهنجي پسند جي ماڻهن تائين آرام سان پهچائي سگهو ٿا۔

آئون هن ئي ٽيوٽوريل کي اڳتي اپ ڊيٽ ڪندو رهندس، جيئن موبائل يوز، ٽئيٽ ڊيڪ جو استعمال، ٻيا شارٽ ڪوڊ وغيره۔
 
مون به اڪائونٽ ٺاهيو ۔۔۔ ٽويئٽر جي سٺي ڳالهه اها آهي جو يوفون وارا موبائل تي ٽوئيٽر هلائڻ جا پئيسا نه ٿا ڪٽين۔ اوهان کي هيٺين ايڊريس ٽائپ ڪرڻي پوندي۔
mobile.twitter.com

منهنجو پنهنجو اڪائونٽ۔۔۔۔۔ هي آهي ۔۔
twitter.com/sajjad22
 
Back
Top