السلام عليڪم آئون ھميشه سنڌ سلامت جي سھڻي اڱڻ تي اچڻ لاء فيس بڪ جي ذريعي لاگ آن ٿيندو آھيان پر ڪجھ ڏينھن کان فيس بڪ ذريعي لاگ نه پيو ٿي سگھان ايتري قدر جو سنڌ سلامت تي سڌو سنئون لاگ آن ٿيڻ وارو پاسورڊ به مونکي وسري ويو ھيو وڏي مشڪل سان ڌُڪا ھڻي لاگ آن ٿيو آھيان۔ فيس بڪ ذريعي لاگ آن ڇو نٿو ٿيان؟ رھنمائي ٿئي ته ٿورا۔
سائين منهنجا ڪافي دوستن کي ڪجهه اهڙي قسم جون شڪايتون آهن ليڪن ان ڪم کي سلجهائڻ وارو سائين ايڊ مين ڪجهه ڏينهن لاء ڳوٺ ويو آهي اميد ته واپس اچي سڀني مسئلن کي سلجهائي ڇڏيندو۔
زين فورو اسڪرپٽ ۾ فيسبوڪ انٽيگريشن جو ڪو مسئلو آيو آهي۔ ادا ذيشان رشيد کي عرض آهي ته ان مسئلي جو ڪو ترت حل ڳولهن۔
اهو مسئلو مون سان ناهي۔۔ مون ڪئي دفعا فيس بوڪ سان ڳانڍاپو ٽوڙي وري ڪيو ۽ هر دفعي ڪو مسئلو نه آيو۔۔۔ پر توهان کان سوا به ڪافي رڪنن ان ڳالهه جي شڪايت ڪئي آهي۔۔۔ جي سامهون ايندڙ ايررس جون ترتيب سان اسڪرين شاٽ موڪليو ته هوندر۔۔۔ مسئلو سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي۔۔۔۔
ڪجهه ڏينهن جي مسلسل ڪوششن کان پوءِ آخر ڪار اڄ فيس بوڪ ايپليڪيشن جي مسئلي کي سلجهائڻ ۾ ڪاميابي ملي۔۔ دوستو هن مسئلي کي فڪس ڪيو ويو آهي۔۔۔ اميد ته هاڻي فيس بوڪ ذريعي لاگ ان ٿي سگهبو۔۔ دوست چيڪ ڪن ۔۔ يا وري فيس بوڪ سان ڳانڍاپو ڪن ۔۔۔ جيڪڏهن اڃان به ڪو مسئلو هجي ته آگاهي ضرور ڏيندا۔۔