اشفاق آذر۔ ڪاوش نيوز پيپر۔ جڳ مشهور فلسفي والٽيئر چيو هو ته، ”ڪا به شئي، جيڪا توهان کي فضوليات ۾ يقين رکرائڻ جي طاقت رکي ٿي، تنهن ۾ اها به سگهه هجي ٿي ته اها توهان کان نا انصافيون ڪرائي“. 21 هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي دوران فيس بوڪ، ٽوئيٽر، ماءِ اسپيس، يو ٽيوب جهڙين انيڪ سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس جنهن نموني سان معلومات، خبرن، افواهن ۽ پروپيگنڊا جي ٻوڏ آڻي ڇڏي آهي، تنهن ۾ فردن يا ادارن جا پير جهلڻ مشڪل مرحلو ٿي چڪو آهي. اها ٻوڏ تيزيءَ سان اخلاقي قدرن توڙي ماڻهن جي ڪامن سينس کي به کاٽ هڻي رهي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ اسين جنهن ڊجيٽل ايج ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، تنهن ۾ انفرميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي دنيا ۾ فقط سائنسي انقلاب ئي برپا ناهي ڪيو پر فردن جي لائيف اسٽائيل توڙي عادتن کي بدلائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بنيادي طور تي سوشل ميڊيا جو حقيقي تصور يا مقصد ڄاڻ جي مٽا سٽا، دوستن سان رابطي ۾ رهڻ ۽ دنيا ڏانهن کلندڙ کڙڪيءَ تي نظر وجهڻ هو. سوشل ميڊيا جي طاقت سان نه رڳو ايشيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ ماڻهو افريڪا جي ڏورانهين ترين علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن سان رابطي ۾ رهي معلومات توڙي تصويرن ۽ مواد جي مٽا سٽا ڪري سگهي ٿو پر ڪاروباري ڪمپنيون پڻ بنا ڪنهن اشتهاري ايجنسين جي سهاري جي، سڌو سنئون صارفين سان رابطي ۾ رهي سگهن ٿيون. پر بدقسمتيءَ سان هاڻ اهو تصور تيزيءَ سان بدلجندو پيو وڃي، هاڻ اهو سوشل ميڊيا هڪ سماجي ميدانِ جنگ ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، جنهن جا ڪي اصول ۽ قاعدا ناهن، ڪو چيڪ اينڊ بئلنس ڪونهي. غلط معلومات، اڻ تصديق ٿيل خبرون ۽ ٽنن جي حساب سان ذاتي حملا هاڻي انهيءَ سوشل ميڊيا جي سڃاڻپ بڻجندا پيا وڃن. فطري طور تي بيمار ذهنيت رکندڙ توڙي بزدل ماڻهو ڪمپيوٽر اسڪرين جو سهارو وٺي هڪٻئي مٿان زهر اوڳاڇڻ جو سلسلو جاري رکندا پيا اچن، ته ٻئي پاسي ڪيتريون ئي ڪاروباري ڪمپنيون گمراهه ڪندڙ معلومات وسيلي اڪثريت کي ٺڳڻ ۾ مصروف آهن. انهيءَ سوشل ميڊيا جي صورت ۾ اسان جي آڏو هڪ اهڙي سائبر ورلڊ جنم وٺي چڪي آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي فرض ڪيل حقيقتن کي بنياد بڻايو وڃي ٿو. حقيقي دنيا ۾ مروج اخلاقيات جيتوڻيڪ انهيءَ سوشل ميڊيا جو حصو هجڻ گهرجي ها، پر دراصل ايئن ڪونهي. اسان مان اڪثر ماڻهو پنهنجي اخلاقي قدرن ۽ بري ڀلي جي پنهنجي تميز جي حوالي سان زندگي گذاريندا آهن. پر جڏهن سوشل ميڊيا ۾ آن لائين ٿيڻ جو وارو ايندو آهي ته فرد يا ادارا گهڻي ڀاڱي اخلاقيات کي هڪ پاسي رکي ڇڏيندا آهن. نه صرف اهو پر سندن ڪامن سينس به گهڻي ڀاڱي مڏو ۽ بيڪار ٿي ويندو آهي، جڏهن هو ٻين جي پوسٽ ڪيل فضول يا تعصب توڙي نفرت انگيز مواد تي ٻڌل پوسٽنگس کي لائيڪ ڪندا ۽ شيئر ڪندا ويندا آهن. هن کي هينئن به سمجهي سگهجي ٿو ته سوشل ميڊيا سماج جي اخلاقي معيار ۽ علم توڙي ڏاهپ جي پيمائش جو ذريعو آهي، جيڪڏهن ان وسيلي ڪنهن به موضوع تي عملي ۽ فڪري گفتگو ۽ دليلن جي ڏي وٺ ٿئي ۽ مثبت بحث جاري رهي ته اهو معاشري جي واڌ ويجهه ۽ اصلاح جو اثرائتو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو پر هتي پاڻ وٽ معاملو مختلف آهي. اخبارون هجن يا اليڪٽرونڪ ميڊيا- معلومات جي فراهميءَ جا سمورا ذريعا تحقيق، حقيقت، سچائي ۽ جستجو جي پهلوئن تي خاص طور تي زور ڏيندا آهن، غير معياري، غير اخلاقي، نفرت انگيز مواد اول ته عوام جي آڏو پيش ئي ناهي ڪيو ويندو پر جيڪڏهن غلطيءَ سان ايئن ٿي به وڃي ته ان جي نه رڳو درستگي ڪئي ويندي آهي پر ذميوارن خلاف ڪارروائي به عمل ۾ آندي ويندي آهي. پاڻ وٽ هڪڙو ته خود احتسابيءَ جو عمل ۽ ٻيو هتڪ عزت جهڙين دعوائن جا قانون گهڻي حد تائين معلومات جي رسائيءَ کي شفاف رکڻ توڙي ڪنهن جي پرائيويسي جو احترام ڪرڻ جي حوالي سان موجود آهن، پر سوشل ميڊيا انهن سمورين پابندين ۽ ذميوارين کان مادر پدر آزاد آهي. هتي ڪوبه ماڻهو ڪابه دعويٰ ڪري سگهي ٿو، توهان ۽ اسان ان جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهون. مثال طور، جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو چوي ته گهوڙو دراصل گهوڙو نه پر گڏهه آهي ۽ انهيءَ گڏهه کي سڱ به ٿيندا آهن يا ڪو اهو چوي ته هن چٻري کي ڪوئل وانگر ٻوليندي پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي يا سانڊو فقط ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي ..... ته ظاهر آهي ته توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو پر اهو به ممڪن آهي ته ڪي ٻيا ماڻهو انهن ساڳين ئي دعوائن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ توهان کي اهڙن دليلن جا جمال گهوٽا پيئارين، جو توهان جو هوش ئي ٺڪاڻي تي نه رهي. اهو ئي سبب آهي جو سوشل ميڊيا تي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پنهنجي مرضي موجب پيش ڪري سگهجي ٿو، عوامي راءِ کي ٺاهي به سگهجي ٿو، ڊاهي به سگهجي ٿو ته بنا ڪنهن دليل يا منطق جي رد به ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن توهان کي ڪنهن شخص سان ڪو ذاتي بغض يا حسد آهي ته ان جو ستن پيڙهين تائين پٽڪو ڌوڙ ڪري سگهو ٿا ۽ گدگد ٿي سگهو ٿا، توهان کي ڪوبه چوڻ وارو نه هوندو. جيڪڏهن هڪ عام ماڻهوءَ جي پنهنجي سمجهه ۽ معلومات بهتر ناهي ته اهو سوشل ميڊيا تي سچ يا ڪوڙ، صحيح يا غلط جو فيصلو نٿو ڪري سگهي. سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس تي فرضي نالن توڙي فرضي سڃاڻپ سان بي نانءُ ۽ بي چهره ماڻهو نفرت، منافقت، ٺڳي ۽ ڪوڙ جو پرچار ڪرڻ ۾ جنهن لگن سان مصروف آهن، تنهن پروپيگنڊا جو هڪ اهڙو سونامي آندو آهي، جيڪو حقيقتن کي ڳڙڪائي رهيو آهي. ظاهر آهي ته سوشل ميڊيا تائين رسائي اڻ پڙهيل ماڻهن جي نه پر پڙهيل لکيل طبقي جي آهي پر غلط معلومات کي انتهائي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جو رجحان به انهيءَ پڙهيل لکيل طبقي جو ئي ڪارنامو آهي. اهو فقط اسان جهڙي پٺتي پيل معاشري جو الميو ناهي پر اولهه جي ملڪن ۾ به ان قسم جا ڪيترائي واقعا ٿيندا رهن ٿا، جيڪي ماڻهن جي ڪامن سينس کي ڌڪ سان لوڙهي ڇڏين ٿا. مثال طور: ڪجهه عرصو اڳ فيس بڪ تي هڪ پوسٽ تيزيءَ سان ڦهلجڻ شروع ڪيو، جيڪا بل گيٽس جي هڪ فرضي واقعي تي ٻڌل هئي. اها پوسٽ ڪجهه هن ريت هئي ته، ”بل گيٽس هڪ ڪافي شاپ ۾ ڪافي پيئڻ کانپوءِ بيري کي 5 ڊالرن جي ٽپ ڏني، جنهن تي بيري طنزيه مرڪندي هن ڏانهن نهاريو ته بل گيٽس کانئس پڇيو ته ڇا ٿيو؟ بيري وراڻيو ته، هن ئي ڪافي شاپ ۾ توهان جو پٽ 500 ڊالرن جي ٽپ ڏئي ويو آهي ۽ توهان جيڪي دنيا جا امير ترين ماڻهو آهيو، سي فقط 5 ڊالر ٽپ ڏيو پيا! جنهن تي بل گيٽس کيس چيو ته، منهنجو پٽ دنيا جي امير ترين ماڻهوءَ جو فرزند آهي، سو 500 ڊالر ٽپ ڏئي سگهي ٿو پر آئون ته هڪ ڪاٺير جو پٽ آهيان!“ هاڻي ڪنهن به انهيءَ واقعي ۾ بيان ڪيل مفروضي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ضروري نه سمجهي ته بل گيٽس ڪنهن ڪاٺير نه پر آمريڪا جي اٽارني رهندڙ شاهوڪار ماڻهوءَ جو پٽ آهي. هي ته هڪڙو واقعو آهي پر توهان پنهنجي آس پاس جي انيڪ واقعن کي بنياد بڻائي انهيءَ حقيقت جو ادراڪ ڪري سگهو ٿا ته اسان جي پڙهيل لکيل طبقي جو وڏو انگ ڪهڙي نموني سوشل ميڊيا کي متبادل ميڊيا سمجهڻ جي سنگين غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهي ۽ انهيءَ غلط فهميءَ ۾ هڪٻئي تي گند اڇلائڻ، اخلاق کان ڪريل حرڪتون ڪرڻ کي جيڪڏهن سوشلائيزيشن جو نالو ڏنو وڃي ٿو ته ان کان وڌيڪ انتهاپسنديءَ جو مظاهرو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن فرد جي تقرير يا تحرير جي آزاديءَ واري اصول کي مڃجي ته ان جون به ڪي حدبنديون هونديون آهن. مثال طور: آمريڪا ۾ اظهار جي آزاديءَ کي آئيني تحفظ مليل آهي پر ڪوبه ماڻهو ڪنهن سينيما هال ۾ ويهي فريڊم آف اسپيچ جي حق جو استعمال ڪندي رڙيون نٿو ڪري سگهي. جيتري قدر سوشل ميڊيا جي مثبت اثر جو معاملو آهي ته ان کان شايد ئي ڪو انڪاري ٿي سگهي ٿو، سماجي رابطن جي انهن ويب سائيٽس وسيلي پاڻ کي آمرن جا تختا نڪرڻ کان ويندي جنگي ڏوهن جي ڪردارن جي ڳولا تائين عوامي جاڳرتا وارو ڪردار عروج تي نظر آيو، پر اها به حقيقت آهي ته ڀارتي رياست آسام ۾ ٿيل مذهبي وڳوڙن کي اڀارڻ ۽ بي گناهه ماڻهن جي موت جي ذميوارن جا پيرا پڻ انهن ويب سائيٽس ڏانهن کڄن ٿا، جو پهريون ڀيرو ڀارتي حڪومت کي اهي ويب پيجز پابنديءَ هيٺ آڻڻا پيا، جيڪي نفرت انگيز مواد جي ڦهلاءُ جو ذريعو بڻجي رهيا هئا. ان کان اڳ آسٽريليا جي اصلوڪن رهواسين خلاف نفرت انگيز مواد ڦهلائڻ تي پڻ سخت تنقيد ٿي هئي. سو ٽيڪنالاجي جي هن تيز رفتاريءَ واري دور ۾ ڪنهن به ايجاد تي ڏوهه يا الزام ڏيڻ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان فڪر ڪرڻ جي ضرورت هجي ٿي ته ان جو استعمال ڪهڙي ريت ڪرڻ گهرجي. اسان جڏهن سنڌ جي پس منظر ۾ ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ڳالهه جي وڪالت ڪندي نٿا ٿڪجون ته سنڌ لبرل، معتدل ۽ صوفي منش ماڻهن جي ڌرتي آهي، جتي اڪثريت پنهنجي سڀاءُ ۽ روين ۾ انتهاپسنديءَ جي مخالف آهي پر ان جي ابتڙ اسان کي دنيا جي ٻين هيٽ گروپس وانگر سنڌين جو ڪافي وڏو انگ هڪ اهڙي آن لائين انتهاپسنديءَ کي هٿي ڏيندي نظر اچي ٿو، جنهن کي نه ته انفرادي ۽ نه ئي اجتماعي سطح تي قبوليت ڏيئي سگهجي ٿي، پر ڇا ڪجي ته اظهار راءِ جي آزاديءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ ان کي سوشل ميڊيا جي استعمال ڪندڙن ۾ گهڻي ڀاڱي اڻ اعلانيل مڃتا به مليل آهي. جيڪڏهن سوشل ميڊيا پراڻن دوستن سان وري ٻيهر رابطي ۾ اچڻ، معلومات جي فراهمي توڙي اڻ سينسر ٿيل راءِ کي دنيا تائين پهچائڻ جو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو ته پوءِ اها استعمال ڪندڙن جي به ذميواري بڻجي ٿي ته اهي انهيءَ آزاديءَ کي مادر پدر آزادي سمجهڻ بدران سمجهه، ڏاهپ، عقل ۽ اخلاقيات جي حقيقي دنيا واري دائري اندر رهندي استعمال ڪن ته ان جا نتيجا به مثبت ۽ ديرپا ٿي سگهن ٿا. ان سان گڏ جيڪڏهن اهڙي آن لائين انتهاپسنديءَ جي حوصلي شڪني ڪجي، پنهنجي ڪامن سينس کي هٿن مان وڃڻ نه ڏجي ۽ معلومات جي درست يا غلط هجڻ جي تميز ۽ فرق کي نه وساريو وڃي ته اسان جهڙا معاشرا سوشل ميڊيا مان اڃان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، باقي جيڪا سنگت جي مرضي!
تمام سٺو ۽ وقتائتو موضوع آهي۔ سوشل ميڊيا تي ڪيل نفرت انگيز ۽ واهيات قسم جي اخلاقي قدرن کان ڪريل حرڪتن تي واقعي اها سماجي نه پر حيواني ميڊيا لڳندي آهي۔
كجه كالهين سان متفق تهي سكهجي تهو بر كجه كالهين سان نه به. مثال طور ليكك متهي بهارت جي كنهن ويب سائيتن جي بندش جي كاله به كئي آهي. مونكي جان ناهي ته اهي كهريون ويب سائيتون هيون. ضروري ناهي ته هك ملك يا خطي م رهندر ساري آبادي جي ساكي سوج هجي . كا كاله حكومتن جي نظر م نفرت انكيز اشتعال انكيز تهي سكهي تهي ته اهائي كاله كنهن معاشري جا بنيادي حق يا آزادي به تهي سكهي تهي. ان كري متهين ليك سان سئو فيصد متفق نه تهو تهي سكهجي. جيكدهن اوهان قرآن مجيد جي هك آيت سوشل نيت تي لكي ان جو ترجمو به لكو تها ته اها اوهان جي نظر م هك ستهي كاله هوندي بر ساكي كاله كنهن يهودي يا عيسائي يا هندو جي نظر م انتها بسندي تهي سكهي تهي. بر يقينن اها ان خطي يا ملك يا مذهب يا قوم جو اجتاعي فكر نه هوندي. تنهن كري مختلف بهلوئن جي كليل ذهن سان وضاحت تهين كهرجي ته كهري قسم جي انتها بسندي آهي؟ كا غلطي تهي هجي ته تصحيح كندا
فونٽ جي غلطين کي حتى الامڪان درست ڪيو ويو آهي ، باقي اوهان جا ڪامينٽس پنهنجي جاءِ تي سو فيصد درست پڻ آهن ، پر هتي مضمون ۾ اجتماعي پهلو کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جا بلڪل سورانهن درست آهي ها اوهان جي ذڪر ڪيل پوائنٽ به بجا آهن، پر مضمون کي عام نظر سان ڏسڻ گهرجي ، ميڊيا واقعي ۾ هڪ نهايت گهناوني سازش لاءِ وڏو هٿيار بڻجي چڪو آهي ، نهايت غلط نتيجا مرتب ڪيا وڃن ٿا عوام الناس جي سوچ جي محور کي پنهنجي هڪ خاص نهج ڏانهن چڪڻ لاءِ خاص اپاءُ ڪيا وڃن ٿا ، هن حقيقت کي سمجهڻ لاءِ “ يهودي پروٽوڪولز“ جيڪا يهودي ڏاها ( فري ميسن) جي سو ساله پراڻي خفيه دستاويزن تي مشتمل آهي ۾ ميڊيا پلانگ ۽ ان جي ذريعي پنهنجا خاص اغراض حاصل ڪرڻ ۽ ايران جي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري جا ڪجه سال اڳ اي آر وائي ٽي وي ۾ ” دي اراويلز” the arivels نالي ڏسڻ نهايت مفيد آهي .