ڪراچي ڪنهن جو مسئلو آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 ڊسمبر 2012۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄوڪي ڪاوش ۾ خالد ڪنڀر سنڌ جي ٻٽي نظام يا ٻين لاڳاپيل اشوز تي هڪ نئين پهلو کان روشني وِڌي آهي۔ اوهان ضرور پڙهو ته جيڪي هر اشو کي رڳو فيس بوڪ ۽ ايس ايم ايس تي آڻڻ يا هڪ ٻه ڌرڻن جي ڀيٽا ڏيئي خاموش ٿي حق ادائگي ٿي وڃڻ جي خوشفهمي ۾ رهن پيا انهن کي ڇا ڇا نه وسارڻ کپي۔ ۽ اهو به ڏسجي ته بظاهر مستفيد ٿيندڙ به مسقتبل کان ڪيئن بي خبر آهن۔


    خالد ڪُنڀار
    [​IMG]

    ٻي سَت راڄي جي ڳالهه تڏهن ڪجي، جڏهن ماڻهو پنهنجن خَفن مان آجو هُجي. پاڻ لاءِ ته روز نئين ڏينهن، ڪو نه ڪو نئون خَفو آهي ئي آهي، سو انهن روز روز جي خَفن هڻي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي. هڪڙي ڳالهه نبري ئي نٿي ته وَٺ وري نئين ڳالهه کي، سو انهيءَ روز روز جي نئين ڳالهه جي ڪري سڀ ڳالهيون اَڻ نبريل آهن، پنهنجي سِر جا سائِين ڍَر ڏين ته، ڪنهن هڪڙي ڳالهه کي نبيري، هڪڙي پاسي ڪجي، لڳي ٿو ته هنن جو سڄو ڏينهن انهيءَ ئي غور ويچار ۾ گذرندو آهي ته هن قوم لئه وري ڪهڙو خَفو پئدا ڪجي، جنهن تي ٻه چار ڏينهن يا ٻه چار مهينا ڪڍي وڃي، هنن کي پوري خبر هوندي آهي ته هن خَفي ۾ هنن کي ڪيترا ڏينهن ڦاسائي رکڻو آهي. هاڻ وري هي گُهمرو ڏئي آيا آهن، بلدياتي نظام تي، سو، بلدياتي نظام تي سنڌ ۾ هاءِ گهوڙا آهي ته sانهيءَ نظام واري اَٽڪل سان هو، اسان کان پنهنجي ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو شهر کَسي، هندوستان کان آيل ڀائرن جي حوالي ڪرڻ ٿا چاهين، سو اسان وَس پُڄندي اها اَٽڪل هلڻ ڪو نه ڏينداسين پر سڄي سَت راڄي انهيءَ تي ماٺ ڪري ويٺي آهي، هو اهو ٿا سمجهن ته اهو رڳو، هن بي ڌَڻياتي قوم جو مسئلو آهي، جيڪا هاءِ گهوڙا پئي ڪري،. ٻئي ڪنهن جو انهيءَ ۾ اچي نه وڃي، ڇا هي رڳو سنڌ جو مسئلو آهي؟، ٻي دنيا جهان ۾ ڏسو ڇا پيو وهي واپري؟، ڪٿي ايئن ته ڪونهي ته هي رڳو سنڌ نه پر هن مُلڪ جو مسئلو آهي!، هاڻ وري اهي بي اونا ٿي، ست راڄي ۾ رٿن تي بادشاه بڻجي گهمندڙ چوندا ته، اهو مُلڪِ عزيز جو مسئلو وري ڪيئن ٿيو؟، سو هاڻ اچون ٿا، انهيءَ ڳالهه تي ته اهو ملڪ عزيز جو مسئلو ڪيئن آهي؟. هينئر هلندڙ دور ۾ طاقت جو مرڪز ملڪ آهن پر ايندڙ دور ۾ طاقت جا مرڪز ملڪن بدران شهر هوندا، جيئن هينئر آمريڪا سپر پاور، سڄي دنيا کي آڱرين تي ويٺو نچائي، ايئن ئي مستقبل ۾ وري دنيا کي آڱرين تي نچائڻ وارا ملڪ نه پر شهر هوندا، جن شهرن جي آڱرين تي وڏا وڏا ملڪ به نچندا ڏسڻ ۾ ايندا، چون ٿا ته انهن ئي گلوبل شهرن جو راڄ هوندو، ڏاها چون ٿا ته هي دنيا گلوبل وليج نه هوندي بلڪه هي هڪڙو نيٽ ورڪ هوندي، جيڪو انهن وڏن شهرن جي وچ ۾ هوندو، جيئن دُبئي ۽ هيمبرگ، جرمني جي وچ ۾ تازو معاهدو ٿيو آهي، ابوظهبي ۽ سنگاپور نئون تجارتي اتحاد قائم ڪيو آهي، اهو ئي نيٽ ورڪ هن سڄي دنيا کي جيئن چاهي تيئن هلائيندو. گذريل هڪ سئو سالن ۾، صنعت ۽ تجارت جي واڌ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي بي انتها ترقي، ڪيترن ئي شهرن کي ايترو طاقتور ڪري ڇڏيو آهي، جو جيڪڏهن اهي ڪيترن ئي ملڪن کي اکيون ڏيکارڻ چاهين ته ڏيکاري سگهن ٿا، توڙي جو ڪراچي عالمي شهرن جي بنيادي وَصف تي پورو نٿو لهي پر اها ڳالهه ته اوهانجي به ٺانٺي ۾ ويهندي هوندي ته، هن ملڪ ۾ ڪراچي ئي صرف اهڙو شهر آهي، جنهن جا ڌُر ڌڻي هن وقت به اسلام آباد کي اَکيون ڏيکاري، پنهنجي هر جائز ۽ ناجائز هر ڳالهه مڃرائڻ ۾ دير ناهن ڪندا، رڳو هن دور کي ڏسو، پورن پنجن سالن ۾ هنن اسلام آباد کي جيئن چاهيو، ايئن پنهنجي مرضي سان هلايو آهي، انهن پنجن سالن ۾ ڪيئن اسلام آباد کي پنهنجي اڳيان گوڏا کوڙايا آهن؟، ڪئين وزارتون هن شهر جي ڪري هليون ويون، اسلام آباد جي هن دور ۾ مجبوري ڪجهه به کڻي چئون، باقي چار ئي صوبا ناهن رهيا، جيتري ڪراچي رهي آهي، ايستائين جو پنجاب به اسلام آباد جي مجبوري نه رهيو.
    اهي ئي ڏاها اها ڳالهه به ڪن ٿا ته، اڄ دنيا جي پنجاهه سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهائش پذير آهي، انهن شهرن مان ڪئين شهر ته صدين کان قُوت جو مرڪز رهندا اچن پيا، انهيءَ ڪري اهي اڄ دنيا جي دارالحڪومت جو درجو رکن ٿا، نيويارڪ جي معيشت آفريڪا جي 46 ملڪن جي معيشت کان مٿي آهي، رڳو هانگ ڪانگ هڪ ننڍڙو شهر ڀارت کان مٿي سياحن جو استقبال ڪري ٿو، هاڻ ڏيو منهن! پر هڪڙي ٻي ڳالهه به آهي ته، جي اسان جا هندوستان مان لڏي آيل ڀائر، اهو ٿا سمجهن ته اسان ڪراچيءَ کي عالمي شهرن جي لسٽ ۾ بيهارينداسين ته اهو انهن کي ڀولارو آهي ۽ هو ڪراچيءَ شهر کي رڳو آباديءَ جي بنياد تي عالمي شهر نٿا بڻائي سگهن، عالمي شهر جي لاءِ لازمي آهي ته اتي صنعت ۽ تجارت جون سرگرميون عروج تي هجن، اتي حڪومت جو انتظام ۽ نظام بهتر هجي، قانون جي حڪمراني هجي، شهرين کي سڀئي سهولتون مليل هجن، وڏين وڏين ڪمپنين جون آفيسون هجن،آبادي ته آخري شرط آهي.
    ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي موجوده آدمشماريءَ ۾ 41 سيڪڙو آبادي اردو ڳالهائيندڙن جي، 18 سيڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ، 10 سيڪڙو اصل ڌُر ڌڻي وڃي بچيا آهن، اصل ڌُر ڌڻي ته هاءِ گهوڙا ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ اهي 10 سيڪڙو به ڪراچيءَ جي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، جتي بنيادي انساني سهولتن کان اهي ايئن محروم آهن، جيئن پاڻ وارو ٿر ۽ ڪاڇو. ڪراچي هن وقت اهڙو شهر آهي، جنهن جي آبادي روز به روز وڌي رهي آهي، انهيءَ وڌندڙ آباديءَ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي پشتو ڳالهائيندڙن جي آهي، جنهن لئه سڀئي واٽون کليل آهن، ان ڪري اوهين ڀلي هينئر جا انگ اکر ڏسو يا مٿئين چارٽ کي غور سان ڏسو ته، 1981ع جي ڀيٽ ۾ 1998ع ۾ وڌيو ڪير آهي؟، هاڻ ته اهي ڳالهيون به هلن پيون ته ڪراچيءَ ۾ طالبان به انهن پشتو ڳالهائيندڙن جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ آباد ٿي چڪا آهن، انهيءَ ڪري ئي اهو ريفرنڊم رُڪجي ويو، جيڪو ڪراچيءَ وارن ڪرايو پئي ته قائد اعظم جو پاڪستان کپي يا طالبان جو ؟.خير، هڪڙو خيال اهو به ڏاهن وٽ آهي ته، اهي عالمي شهر پنهنجي ملڪن لئه وڏو خطرو به آهن ۽ اهو خيال به آهي ته، ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ لئه هڪڙي عالمي شهر جو انهيءَ ملڪ ۾ هجڻ لازمي آهي، ڪن ملڪن ۾ وري ٻن وڏن شهرن جي هجڻ ڪري وڏي ڇِڪ ڇِڪان به هلندي رهي ٿي، جيئن واشنگٽن ۽ نيويارڪ ۾ گهڻن ئي معاملن تي وٺ وٺان ٿيندي رهي ٿي، دُبئي ۽ ابو ظهبي ۾ ايئن ٿيندو رهي ٿو، نِهرو لکي ٿو ته سلطنت روم جي ٽُٽڻ جو وڏو سبب به شهر ئي رهيا آهن، حقيقت ۾ سلطنت روم جي جيڪا اڌيڙ ٿي، انهيءَ اڌيڙ جو سبب، جرمنيءَ جي لُٽ مار هئي پر روم جي انهيءَ اڌيڙ جو هڪڙو وڏو سبب نه جرمن هئا نه ونڊال ۽ ”هن“ جا حملا هئا، انهيءَ جو وڏو سبب اڄوڪو استنبول ۽ انهن ڏينهن جو قسطنطنيه جو شهر هو، جنهن شهر جي اڏجڻ سان ئي روم جي سلطنت ڪمزور ٿي ۽ ٻين کي حملي ڪرڻ ۽ ڦُرڻ جو موقعو مليو، هو شهر قسطنطين نالي بادشاهه اڏايو ۽ انهيءَ شهر کي روم جي گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو، اهو شهر انهيءَ هنڌ تي هو، جتي وڏا بحري ۽ بَري رستا هئا، انهيءَ شهر ايڏي ترقي ڪئي، جو ڪجهه وقت تائين روم جا ٻه بادشاهه هوندا هئا، هڪڙو قسطنطنيه ۾ رهندو هو تـ وري ٻيو بادشاهه روم ۾ رهندو هو، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو سلطنت روم، ٻن حصن ۾ اوڀر ۽ اولهه ۾ ورهائجي ويئي، پوءِ ئي اولهه روم تي جرمن حملو ڪيو، ونڊال ۽ ”هن“ هن کي ڦِري تباهه ڪيو، ايئن شهر سلطنتن جي تباهيءَ جو سبب به بڻيا آهن.
    سو، جيڪڏهن هن وقت اوڙو پاڙو اهو ٿو سمجهي ته، اهو ڪراچي سنڌ جو مسئلو آهي ته انهن سڀني کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هڪ ته هن ملڪ کي سرجڻهار نه ڪري ته، جڏهن تڏهن خطرو ڪراچي مان آهي، انهيءَ ڪري جو ڏينهون ڏينهن ڪراچي غلط کان غلط هٿن ۾ وڃي رهيو آهي، اڄ ”ڀائي لوگ“ هن شهر تي حڪمراني ڪن ٿا ۽ هن شهر جي حڪمراني اڻ سڌيءَ طرح هن ملڪ تي حڪمراني آهي، جيڪڏهن انهيءَ تيزي سان پشتون هن شهر ۾ آباد ٿيندا رهيا ۽ طالبان هن شهر ۾ ايندا رهيا ته سڀاڻي اهي هٿيارن جي زور تي هن شهر تي ۽ اڻ سڌيءَ طرح هن ملڪ تي حڪمراني ڪندا. سو اهي ڌريون جيڪي هن ملڪ جي اقتدار واري ڪُرسيءَ تي ويهڻ جون خواهشمند آهن، انهن کي ڪراچيءَ جي مسئلي تي سنجيدگيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ”هاڻوڪا ڪراچيءَ جا وارثَ، ڪراچيءَ جي مستقبل ۾ پنهنجو جَٽاءِ چاهين ٿا ته هو ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي رستا روڪ نه ڪن، نه ته سڀاڻي پاڻ اقليت ۾ هوندا ۽ ٻيا اڪثريت ۾!. هنن وٽ سواءِ سنڌين جو ٿيڻ يا سنڌين کي پنهنجو ڪرڻ جي ٻي واٽ ئي ڪانهي، جي ڪراچي هٿيارن کان پاڪ ٿئي ٿي ته انهيءَ سان به گهڻو فائدو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي آهي، سو اردو ڳالهائيندڙن کي سڀاڻي جو سوچڻ گهرجي، باقي اڄوڪين حالتن ۾ پاڻ کان ڪم گهڻو آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو