اڄوڪو ڏينهن 14 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 14 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

14 ڊسمبر 1879ع ليکڪ منوهرداس ڪوڙومل (ڀريا/انڊيا) جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1889ع ڪنڊياري سان تعلق رکندڙ سياستدان مولائي شاهنواز پيرزادي
جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1924ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راجڪپور جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1928ع ليکڪ گوبند ڀاٽيا (لاڙڪاڻو/ ممبئي) جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1931ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ فلاسافر
جون ايليا جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1938ع اداڪار ۽ گلوڪار پرمانند پارواڻي (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1942ع نامياري شهنائي نواز
غلام نبي سمون جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1946ع ڀارتي سياستدان
سنجي گانڌيءَ جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1950ع تعليمي ماھي، اديب، استاد ۽ استادن جي تنظيم جي اڳواڻ
محمد حسين سومري جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1959ع سياستدان عبدالله مراد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1962ع سياستدان
ڄام مدد علي جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1968ع صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1970ع صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1971ع شاعر قدير انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1973ع شاعرہ شبنم سيلرو جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1979ع موسيقيءَ جي ڪي بورڊ ماسٽر آنند جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

14 ڊسمبر 1799ع آمريڪا جي پھرين صدر
جارج واشنگٽن جو وڇوڙو ٿيو.
14 ڊسمبر 1877ع صحافي مرزا مخلص علي علوي (ملتان / سنڌ) جي وفات ٿي.
14 ڊسمبر 1926ع ساهتي پرڳڻي جي بلند پايي جي عالم، شاعر ۽ اديب
قاضي نظر محمد جي وفات ٿي.
14 ڊسمبر 1936ع نامور جيد عالم ۽ صوفي بزرگ خواجہ غلام محمد نقشبندي جي وفات ٿي.
14 ڊسمبر 1950ع نامياري نثر نويس، محقق، نقاد ۽ لطيف جي رسالي تي ڪم ڪندڙ غلام محمد شهواڻي جو انتقال ٿيو.
14 ڊسمبر 1955ع فقيري رنگ ۾ رتل يوگي صفت بزرگ
بابا رامداس جي ديھانت ٿي.
14 ڊسمبر 1955ع مشهور سنت ۽ شاعر،
چوهڙ سنگهہ سوامي جي ديھانت ٿي.
14 ڊسمبر 1976ع نيڪ سيرت ۽ اعليٰ گڻن جو مالڪ مولوي عبدالله اثر راهہ رباني وٺي ويو.
14 ڊسمبر 1984ع شاعر مستانو محمد شاھ انتقال ڪري ويو.
14 ڊسمبر 2002ع تعليمدان، موسيقار، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن
بھرام رستم جي انتقال ڪري ويو.

اڄوڪي ڏينهن
14 ڊسمبر جا ڪجهہ اهم واقعا


1948ع - مولوي تميز الدين پاڪستان جي قانون ساز اسيمبلي جو صدر منتخب ٿيو۔
1953ع - ڪوالبانيہ اقوام متحدہ جو رڪن بڻيو.
1955ع - اٽلي اقوام متحدہ جو ميمبر بڻيو.
1961ع - تنزانيہ اقوام متحدہ جو ميمبر بڻيو .
2003ع - صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف تي راولپنڊي ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو۔
2008ع ــ عراقي صحافيءَ مقتدر الزيدي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش تي پريس ڪانفرنس دوران جوتو اڇلايو.
2011ع ــ ناروي جو شھري رئالڊ امونڊسن (Roald Amundsen) ڏکڻ قطب تي پھچندڙ پھريون انسان بنيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
14 ڊسمبر 2003ع تي آمريڪي فوج عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين کي گرفتار ڪيو، جنهن کي بعد ۾ ڦاسي ڏني وئي۔
 
Back
Top