توڙي جو پاڪستان ۾ جنهن به شخص جي سالياني آمدني پنج لک رپين کان مٿي آهي، انکي انڪم ٽيڪس جو فارم ڀرڻ قانوني طور لازم آهي، پر پوءِ به صدرِ مملڪت آصف علي زرداري، نائب وزير اعظم چوڌري پرويز الاهي ۽ گهرو کاتي جي وفاقي وزير رحمان ملڪ سميت وفاقي ڪابينا جي 55 مان 35 ميمبرن ۽ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن (قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ) جي 67 سيڪڙو ميمبرن گذريل سال جا ٽيڪس ريٽرن ئي جمع نه ڪرايا، جڏهن ته مخدوم امين فهيم سميت پارليامينٽ جي 78 ميمبرن وٽ ته نيشنل ٽيڪس نمبر (NTN) ئي نه آهي. ريلوي واري وفاقي وزير غلام احمد بلور توڙي جو توهين آميز فلم ٺاهڻ واري شخص جي قتل تي هڪ ملين ڊالر (لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ رپيا) انعام جو اعلان ڪيو آهي، پر ان به 2011ع ۾ ڪو به انڪم ٽيڪس ادا نه ڪيو.مونکي اهو ڄاڻي به خوشي ٿي ته، هن وقت جيڪي ماڻهو حڪمراني ڪري رهيا آهن، اهي مونکان به وڌيڪ غريب آهن ۽ مون به ڪڏهن کل خوشيءَ مان ٽيڪس ناهي ڏنو. منهنجو وس پڄي ته آئون هڪ پائي به ٽيڪس ادا نه ڪريان، پر مجبوري اها آهي ته، جنهن اداري ۾ آئون ڪم ڪريان ٿو، ان جو فنانس مئنيجر مونکان پڇڻ کانسواءِ ئي پگهار ڏيڻ کان اڳ ئي ٽيڪس ڪاٽي وٺندو آهي ۽ آئون حضور شرميءَ ۾ پنهنجي ان نقصان کي پي وڃان ٿو. پر اهو ڏسي گهڻي تسلي ٿئي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ آئون نه ئي سهي، هن ملڪ ۾ ڪُجهه لک واپاري، صنعتڪار ۽ سياستدان ته اهڙا آهن، جو اهي هڪ آزاد ملڪ جي ’ٽيڪس فري‘ شهريءَ طور ساهه کڻي رهيا آهن. جيڪڏهن خدا انهن کي ڪروڙين اربين رپين سان نوازيو آهي ته ڀلا رياست جو ڪهڙو ڪم آهي، جو اها سونگهيندي ڦري ته فلاڻي وٽ ڪيترو پئسو آهي، اهو ڪٿان آيو آهي، ۽ اهو ٽيڪس ڇو نه پيو ڏئي؟ هونئن به چادر ۽ چوديواريءَ تي انسان جو بنيادي حق آهي، ۽ رياست سميت ڪنهن کي به اهو حق نه آهي ته، اهي ان بنيادي حق کي پائمال ڪن. ٻي ڳالهه اها آهي ته، آمدنيءَ تي ٽيڪس اولهه جي سرمائيداراڻي نظام جي ايجاد آهي ۽ پاڪستان ۾ 95 سيڪڙو مسلمان رهندا آهن ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت سميت سڀني جو اهو ايمان آهي ته، زڪوات، فطري ۽ خمس کان سواءِ ٻيا جيترا به ٽيڪس آهن، اهي شريعت سان ٽڪراءَ ۾ آهن. نه ته گذريل چئن سالن دوران جنهن حڪومت آءِ ايم ايف کي ميڙ منٿ ڪري پنج سئو ارب رپين جو قرض حاصل ڪيو، اها ئي حڪومت انهن چئن سالن دوران خانگي ۽ سرڪاري ڪمپنين ۽ ادارن کي 665 ارب رپين جو انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي ڇو معاف ڪري ها؟! توهانکي اهو ته نظر اچي وڃي ٿو ته، 18 ڪروڙ ماڻهن مان صرف 26 لک ماڻهو، ادارا ۽ ڪمپنيون انڪم ٽيڪس ادا ڪن ٿا، پر جيڪي ٽيڪس ادا نٿا ڪن، انهن طرفان توهانکي ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ هزارين بکايل ماڻهن لاءِ فلاحي دسترخوان ڇو نٿا نظر اچن؟ ڇا توهانکي اها خبر ڪانهي ته هن ملڪ ۾ رمضان جي مهيني ۾ ڪروڙين رپين جي خيرات ڪئي وڃي ٿي؟ ڇا توهانکي اها خبر ناهي ته، جن پنجن مسلمان ملڪن جا شهري هر سال سڀ کان وڏي تعداد ۾ حج ۽ عمري تي وڃن ٿا، انهن ۾ پاڪستان به شامل آهي؟! ان کانسواءِ جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين، اهي ڪروڙين رپين جو ڀتو ته پوءِ به راضي خوشي ڏين ٿا. بلڪه معمولي ڪم وٺڻ لاءِ رشوت جي صورت ۾ هر قدم تي ’سروس چارجز‘ به ڏين ٿا، چوري ۽ کاٽ جو نقصان به برداشت ڪن ٿا، مڇريل هجوم هٿان ملڪيتن جي تباهي به ڀوڳين ٿا ۽ هاڻي توهان جي فرمائش اها آهي ته اهي نه صرف انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي به ڏين، پر اهي سڀ ٽيڪس رضاڪاراڻي طور ۽ ايمانداريءَ سان پورا پورا ڏين..... ڇو؟!! اڪثر ماڻهو اهو الزام هڻندا آهن ته، هن ملڪ جا طاقتور طبقا گذريل پنجويهن ٽيهن سالن ۾ بينڪن جا اربين کربين رپيا بنا اوڳرائي ڏيڻ جي ڳڙڪائي ويا. ڇا الزام لڳائيندڙن کي ان معمولي ڳالهه جي به خبر ناهي ته، بينڪن جو سمورو ڪار وهنوار وياج تي ئي هلي ٿو، ۽ وياج ڪيترو جائز آهي ۽ اهڙي رقم جي غائب ٿيڻ تي افسوس ڪرڻ سواءِ نادانيءَ جي، ٻيو ڇا آهي! اهو سوچيو ته، جيڪڏهن طاقتور طبقا بينڪن جو قرض واپس ڪري ڇڏين ها، ته وياجي ڪاروبار جي لعنت ۾ وڌيڪ پئسو شامل ٿي وڃي ها. پر حڪمران طبقي کي جيئن ته، پنهنجي قومي ۽ مذهبي ذميواريءَ جو هميشه احساس رهيو آهي، تنهنڪري هنن وياجي قرضن مان بينڪن کي اهڙو ته پاڪ ڪيو، جهڙي ريت ڳجهون، ڪانءَ ۽ مکيون ڪچري کي هضم ڪري، اوسي پاسي جي ماحول کي صاف رکنديون آهن. ٽيڪس ڏيڻ جي حق ۾ هڪڙو دليل اهو به ڏنو ويندو آهي ته، جيڪڏهن توهان ٽيڪس نه ڏيندا ته، ملڪ ڪيئن هلندو؟ اسپتالون ۽ اسڪول ڪيئن ٺهندا؟ انفرا اسٽرڪچر ڪيئن قائم رهندو؟ ترقي ڪيئن ٿيندي؟..... وغيره وغيره. مونکي اهڙا ڪمزور دليل ڏيڻ وارن تي ڪاوڙ به اچي ٿي ته کِل به ۽ انهن جي جهالت تي روئڻ به اچي ٿو. جيڪڏهن واقعي به پاڪستاني ايترا ئي ٽيڪس چور آهن ته ٻاهريان ملڪ هنن کي هيستائين سٺ ستر ارب ڊالرن جا قرض ڇو ڏيئي چُڪا آهن؟ اهي ملڪ ۾ سرمائيڪاري ڇو ڪري رهيا آهن؟ ڇا اسان انهن کي لوندڙيءَ تي ٽي ٽي پستول رکي چيو آهي ته، اسان وٽ اسڪول ۽ اسپتالون کوليو، روڊ رستا ٺهرايو، ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون ڏيو؟! اهو سڀ ڪجهه اهي اسان جي محبت ۾ نه، پر پنهنجي مفاد ۾، پنهنجي مرضيءَ سان ڪري رهيا آهن. احتسابي اداري نيب جو اندازو آهي ته، پاڪستان ۾ روزانو ستن کان اٺ ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. ان حساب سان مهيني ۾ اڍائي سئو ارب رپيا (نيب پنهنجي پاڻ تصحيح ڪندي هاڻي اهي انگ اکر 15 ارب رپيا ٻڌايا آهن. ان حساب سان مهيني ۾ ساڍا چار سئو ارب رپيا) خرد برد ٿيڻ ڄڻ ته ڪا ڳالهه ئي نه هجي. اتي جيڪڏهن ٽيڪس جي مد ۾ ڪُجهه ارب رپين جو نقصان ٿي به وڃي، ته پوءِ ايترو گوڙ ڇو پيو ڪيو وڃي؟! ٽيڪس، ڪرپشن ۽ احتساب متعلق قانونسازي ڪندڙ پارليامينٽ جي ’ٽيڪس فري‘ ميمبرن کي انتهائي ادب سان اسان اهو ئي چونداسين ته، جڏهن ملڪ ٽيڪس جي نظام کانسواءِ ئي چڱي نموني هلي رهيو آهي ته پوءِ انهن 26 لک ماڻهن آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جن جي پگهارن مان هر مهيني زوريءَ ٽيڪس ڪاٽيو وڃي ٿو؟! پارليامينٽ جا معزز ميمبر ايترو به نٿا ڪري سگهن، جو باقاعدگيءَ سان ٽيڪس ڏيندڙن کي به پاڻ وانگر انسان ۽ قانون پسند شهري سمجهندي انڪم ٽيڪس جي فهرست مان انهن جو نالو ڪڍي ڇڏين، بلڪه اها لسٽ ئي ڦاڙي ڇڏين. جيترو خرچ توهان انڪم ٽيڪس، بورڊ آف روينيو ۽ ڪسٽمز جي اهلڪارن جي پگهارن تي ڪريو ٿا، ان جو ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن اهي کاتا ئي ختم ڪيا وڃن ته، ويٺي ويٺي ملڪي خزاني کي اربين رپين جو فائدو ٿي سگهي ٿو، ۽ ثواب به ملندو ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شرپسند ٽيڪس نه ڏيڻ جي غير ضروري مسئلي تي واويلا ڪري رهيا آهن، انهن کي به آخر اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته، پاڪستان هڪ مملڪتِ خداداد آهي، خدا ئي انکي ٺاهيو، خدا ئي هلائي رهيو آهي ۽ خدا ئي هلائيندو رهندو.... ته پوءِ غم ڪهڙي ڳالهه جو؟ وسعت الله خان ڪاوش نيوز پيپر2012۔12۔15
وسعت الله خان جون اهم ڳالهيون جن اکيون کولي ڇڏيون ۔۔۔۔ پوء به جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته تبديلي ايندي ۔۔۔۔ ته اهو به مون جهڙو ڪو بيوقوف هوندو۔