لوڪ گيت جمالو سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ جيترو مقبول آهي، هيءُ گڏجي سُنگ جي انداز ۾ ڳايو وڃي ٿو. ان تي ناچ پڻ ڪيو ويندو آهي. هو جمالو کي مرد توڙي مايون گڏجي يا ڌار ڌار ٽولين ۾ ڳائينديون آهن. هو جمالو ڪئين جُڙيو؟ ان بابت مختلف روايتون آهن. هڪ روايت مطابق ته ”جمالي نالي هڪڙو ماڻهو پنهنجي ساٿين/ مائٽن کان وڇڙي ڪي سال وڃي لاڙ جي علائقي ۾ جتن سان گڏ رهيو. اُتان هو سکيو ستابو ٿي موٽي آيو، جڏهن موٽيو تڏهن سندس مٽن مائٽن خوشيءَ ۾ گيت چيا، ناچ ڪيائون ۽ پڻ سندس نالي گيت ڳايائون: منهنجو کٽي آيو خير سان، هو جمالو منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو جنهن کي سائو لڪُڻ هٿ ۾، هو جمالو جيڪو لڙي ويو لاڙ ڏي، هو جمالو جمالي لاءِ هڪ ٻي روايت اها آهي ته ”جمالي نالي هڪ همراهه، جيڪو گهوڙي سواريءَ تي تير اندازيءَ ۾ ماهر هو، سو ڪنهن ڏورانهين ڏيهه هليو ويو هو ۽ ڪجهه وقت نه موٽيو هو، جنهن ڪري مائٽن سمجهيو ته مري ويو آهي. پر کين ڪجهه وقت کان پوءِ پتو پيو ته هو جيئرو آهي ۽ جتن جي جوءِ ۾ اچي رهيو هو. جتي جمالي پنهنجن ڪارنامن جو ذڪر ڪيو. جنهن ڪري جتن سندس ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ هو مائٽن سان ملي وري جتن وٽ ئي رهي پيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي به هو جمالي لاءِ مختلف روايتون ڏنيون آهن، ڳوٺ شيخ محمد وساڻ تعلقي سانگهڙ جي قادر بخش چانڊئي جي حوالي سان ڏنل روايت مطابق جمالي جو اصل نالو جمال خان هو. جو لاڙ جي طرف جو ويٺل هو، ڪي شاهينگ سندس مال کي هڻي ويا. ان ڪري ڀائر هڪ ٻئي کي طعنو هڻڻ لڳا، جمال طعنو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هڪ دم پيرو ڪڙڻ شروع ڪيائين. پيرو کڻندي ڪوهستان وڃي نڪتو، آخر اُها جوءِ ڳولي لڌائين، جتان مال موٽي مليس. جڏن خير سان موٽي آيو. تڏهن هر هنڌ واهه واهه ٿي وئي ته هڪ ڄڻي ڪيئن مال موٽائي آندو! اها ڳالهه هر هنڌ وئي، آخر ايتري ته مشهور ٿي جو جمال جي شان ۾ گيت چوڻ لڳا، جي ڦريل گهريل صورت ۾ اڄ به ملن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل ٻي روايت ڇني تعلقي جي جوهيءَ ضلعي دادوءَ جي محمد صديق آلکاڻيءَ جي حوالي سان آهي ته ”جمالو هڪ ٺاهوڪو خوش پاش ۽ ڪوٻو قداور هو. سندس شراغت ۽ شيري سرديءَ ڪري ڳوٺ وارا توڙي اوري پري جا کيس پيار ڀريءَ نظر سان ڏسندا هئا. هڪ دفعي ڀائرن سان ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي بر منهن ڪيائين. اهڙو اشارو جمالي گيت ۾ به ملي ٿو. جمالي سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو، هو جمالو، جمالي ڪٿي وڃي دنگ ڪيو؟ سو پتو نه پيو پر دادوءَ طرف کان آيو هو. جيڪو جمالي ۾ به آهي ته: دادو ته دٻائي ويو، هو جمالو پوءِ گهڻي وقت بعد پنهنجي ڳوٺ ويو، جتي خوب خوشيون ڪيائون ۽ سندس خوشيءَ ۾ گيت ڳايائون.“ ڊاڪٽر سنديلي صاحب ٽين روايت محمد رمضان دادوءَ واري جي حوالي سان ڏني آهي ته ”وڏڙن کان ٻُڌندا ايندا آهيون ته جمال ڀائن کان ڪنهن سبب ڪاوڙجي ڪوهستان طرف ويو پئي. اُتي مانُ ۽ مرتبو پئي لڌائين. ڪاڇيلن وڏي قربداري ڏيکاريس ۽ کيس سواريءَ لاءِ ڪاڇيلو اُٺ به ڏنائون.
سائين ٻه شيون آهن هڪ ته اها نظر پئي اچي ته جمال سان پوءِ اهو ڪاڇي وارو هجي يا لاڙ وارو هجي ڀائرن جو رويو سُٺو نه ۔ ٻيو ته جملا اهو ڪاڇي جو هجي يا لاڙ جو هُجي هيو باضمير جڏهن ان جي ضمير تي ڳالھ آئي ته ان ان کي پورو ڪيو ۔ هاڻي سوچڻ جي جي ڳالھ اها آهي ته اسان کي ان مان سبق ڇا حاصل ڪرڻ گهرجي ؟ وسلام