• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جانورن کان اسان ڇا سکي سگهون ٿا.

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
جانورن کان اسان ڇا سکي سگهون ٿا
انسان جانورن کان گهڻو ڪجه سکي سگهي ٿو مثلن:_
ڪيلي ( چيونٽي) ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪفايت شعاري۔
ڀولڙو (بندر) ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ چالاڪي ،حڪمت۔
ماکي جي مک ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جفاڪشي، محنت۔
ڍڳو، ڏاند (بيل) ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فرمانبرداري۔
پوپٽ (تتلي) ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ معصوم مسڪراهٽ۔
گهوڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تيزي، چستي۔
عقاب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بلند پرواز
باز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فراست۔
شينهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهادري۔
ڪتي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وفاداري۔
ڳيري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سادگي۔
ڪبوتر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀائي چارو۔ امن۔
هاٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دانائي۔

محترم ميمبرس اسان پنهنجي ننڍڙي شهزادي بلال مصطفي ميمڻ جي ڄاڻ واري ڊائري مان مٿين معلومات هنن جي اجازت سان اوهان سان ونڊ ڪيون پيا۔ ڏسو ته جانور اسان کي ڪيتريون نه سٺيون شيون سيکاري سگهن ٿا۔ اميد ته مٿين معلومات اوهان لاء مفيد ثابت ٿيندي ،اوهان جي راين جو انتظار رهندو۔
 
تمام سٺي معلومات ۔۔۔ بيشڪ اسان جيڪڏهن جانورن، پکين ۽ ٻين ساه وارن ۾ موجود صفات جو مطالعو ڪري انهن مان ڪجهه سکڻ جي ڪريون ته ڪيتري حد تائين پنهنجي معاشري کي سهڻو ۽ ڪارائتو ڪري سگهون ٿا۔

بيشڪ هن ۾ هڪ سوال آهي جيڪو آءُ هن موضوع جي مناسبت سان ڪريانٿو ته باز ۽ عقاب ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته ٻئي هڪ ئي پکي جا مختلف نالا آهن ۔۔۔ لک قرب
 
مون هڪ دفعي هاسپيٽل ۾ ڀت تي لکيل پڙهيو هو ”ڇا توهان جاونرون کي ٿُڪ اُڇليندي ڏٺو آهي؟“

۽ انهي باوجود به نه رڳو ڀت تي ٿُڪيو ويو هو پر پان جون پِڪون به هُيون۔

اسان ڏسون ته اشرف المخلوقات واري لکيل لقب جو ڪيترو احترام ٿا ڪريون ته ڪنڌ جهڪائي جانورن کان ئي گهڻو ڪجهه سِکڻ لاءِ ملي ٿو جن وٽ باقي گهڻو ڪُجهه آهي جي ناهي ته اهو لقب ناهي۔
 
محترم ميمڻ صاحب۔ ماشاالله، الله پاڪ شل اوهان جي صاحبزاده بلال مصطفي کي نظر بد کان بچائي ،هميشه وانگر بهترين معلومات وارو هن جو ليک اوهان هت ونڍ ڪيو آهي۔ اسان جي طرف هن ننڍڙي لاء کوڙ ساريون دعائون۔
 
Back
Top